• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مورو ۾ ڌاڙو

رحيم بخش

ايڊيٽر
اڄ صبح جو حبيب بينڪ مورو ۾ ڪجهه نامعلوم ڌاڙيل آيا جن پسئا ته ڦر ڪيا ليڪن 4 ماڻهو به زخمي ٿي پيا هڪ جي حالت نازڪ آهي محمد فاروق نالي دوست لاء سڀني دوستن کي دعا جي اپيل آهي هن وقت سندس آپريشن هلي رهيو آهي.
 
جواب: مورو ۾ ڌاڙو

الله خئير ڪري ۔۔۔ سنڌ ۾ امن جي حالت تشويشناڪ آهي، روز ڌاڙا، قتل، اغوا ۽ ڀنڃ ڊاهه جا واقعا عام ٿيندا وڃن ۔۔۔ سنڌ جنهنکي امن جي ڌرتي چيو ويندو هو، الائجي ڪهڙي نظر لڳي وئي اٿس ۔۔۔ ماڻهون، ماڻهون جا دشمن ۽ خونخوار درنده ٿيندا وڃن ۔۔۔

يا رب تون سنڌ ۽ سنڌين کي پنهنجي پناهه ۾ رکندي ۔۔۔آمين

سائين رحيم بخش، اسانجون همدرديون محمد فاروق سان آهن، رب العالمين کيس صحتياب ڪندو ۔۔۔ آمين
 
جواب: مورو ۾ ڌاڙو

ادا سنڌ ۾ امن و امان ته هاڻي رهيو ئي ناهي۔۔۔ سنڌي ڀائر هڪ ٻئي کي ڪُهي ماري رهيا آهن ته ٻين سان پنهنجي ماءُ جي آزاديءَ‌جي جنگ ڪٿان وڙهندا۔۔۔۔
اوهان جي دوست جي صحتيابيءَ لاءِ ڌڻيءَ‌تعالى کان دعاڳو‌آهيون۔۔۔ الله سنڌ جي سڀني واسين کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي۔۔​
 
جواب: مورو ۾ ڌاڙو

رب پاڪ فاروق صاحب کي پنهنجي امن ۾ رکي ۽ صحتِ ڪامله عطا ڪريس

سنڌ ٻري رهي آهي ۽ امن امان جي حالت نهايت خراب آهي۔ ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪنجهر کان ڪاروجهر تائين امن جو پکي نظر ڪونه ٿو اچي۔
 
جواب: مورو ۾ ڌاڙو

سائين حبيب بينڪ ته وچ شهر ۾ آهي پوء ان مان فر ڪيئن ٿي ؟ پر ان جي جڳه تمام سوڙهي آهي گارڊ به هڪ ئي اٿس اهو به در جي اندران سڀني کي يرغمال ٻڻايو هوندوون سائين اسان جا دست دعا ادي جي صحت لاء بلند آهين
 
Back
Top