ورلڊ ڪپ 2011 جي چٽگانگ ۾ کيڏيل اڄوڪي ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪري گروپ ۾ چوٿين نمبر تي اچي وئي آهي۔ هالينڊ جي ٽيم پهريان کيڏندي 47 هين اوور ۾ 160 رنسن جي تمام ٿوري اسڪور تي آئوٽ ٿي وئي۔ رزاق ٽي وڪيٽون ورتيون۔ جواب ۾ بنکلاديش جي ٽيم گهربل اسڪور 42 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو۔ قيس 73 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو۔
بنگلاديش جي هن ڪاميابي کانپوء گروپ ۾ ٽيمن جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي ته ڪوارٽر فائنل ۾ ڪهڙيون ٽيمون پهچنديون۔ انگلينڊ جي ٽيم ويسٽ انڊيز سان اهم ميچ ۾ لهندي شڪست جي صورت ۾ ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويندي۔ جڏهن ته بنگلاديش جي هڪ ميچ اڃان ڏکڻ آفريڪا سان به ٿيڻي آهي۔ گروپ جي پوائنٽس ٽيبل ڪجه هن ريت آهي۔
اڄوڪي ميچ جو مرد ميدان قيس