ورلڊ ڪپ جي گروپ بي ۾ بنگلاديش جي اڄوڪي ڪاميابي کانپوء انگلينڊ لاء بي چيني

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]ورلڊ ڪپ 2011 جي چٽگانگ ۾ کيڏيل اڄوڪي ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪري گروپ ۾ چوٿين نمبر تي اچي وئي آهي۔ هالينڊ جي ٽيم پهريان کيڏندي 47 هين اوور ۾ 160 رنسن جي تمام ٿوري اسڪور تي آئوٽ ٿي وئي۔ رزاق ٽي وڪيٽون ورتيون۔ جواب ۾ بنکلاديش جي ٽيم گهربل اسڪور 42 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو۔ قيس 73 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو۔

    اڄوڪي ميچ جو مرد ميدان قيس

    [​IMG]

    بنگلاديش جي هن ڪاميابي کانپوء گروپ ۾ ٽيمن جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي ته ڪوارٽر فائنل ۾ ڪهڙيون ٽيمون پهچنديون۔ انگلينڊ جي ٽيم ويسٽ انڊيز سان اهم ميچ ۾ لهندي شڪست جي صورت ۾ ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويندي۔ جڏهن ته بنگلاديش جي هڪ ميچ اڃان ڏکڻ آفريڪا سان به ٿيڻي آهي۔ گروپ جي پوائنٽس ٽيبل ڪجه هن ريت آهي۔
    [/JUSTIFY]

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ورلڊ ڪپ جي گروپ بي ۾ بنگلاديش جي اڄوڪي ڪاميابي کانپوء انگلينڊ لاء بي چيني

    ادا هن دفعي ان گروپ بي مان ويسٽ انڊيز سمورين ٽيمن لاءِ خطرناڪ آهي۔۔۔ ڇو ته ان وٽ هينئر بالنگ، بيٽنگ سان گڏ آل رائونڊر پڻ موجود آهن ۽ انهن جي فيلڊنگ به ٻين ٽيمن جي مقابلي ۾ تمام زبردست آهي۔۔۔۔ مان سمجهان ٿو ته هن ورلڊ‌ ڪپ جي سيمي فائنل تائين گهٽ‌۾ گهٽ ويسٽ انڊيز کي پڄڻ‌ گهرجي۔۔۔ انگلينڊ‌ کي آسرو لاهڻ‌گهرجي۔۔۔۔ ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو