ڇا اسان جي شاگردن کي سٺا استاد ملي سگهندا.جيڪي هنن کي معاشري جو بهترين فرد ٿيڻ ۾ مدد

'مختلف موضوع' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2011۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ڇا اسان جي شاگردن کي سٺا استاد ملي سگهندا.جيڪي هنن کي معاشري جو بهترين فرد ٿيڻ ۾ مدد ڪن۔
    ادا افتخار چوهاڻ توهان محترم جنيد جوکيو جو تمام بهترين ۽ نازڪ موضوع تي لکيل مضمون هن فورم جي زينت بنائي هر باشعور ميمبر جي ذهن ۽ دل کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي. توهان جي هن عمل جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي. ڊاڪٽر جارج برناد شاه هڪ اسڪولي تقريب کي خطاب ڪندين فرمايو ته توهان مون کي مخلص، وفادار ۽ سٺا استاد ڏيو ته مان توهان کي بهترين معاشري جي ضمانت ڏيان. بهترين استاد ئي بهترين شاگرد پيدا ڪري سگهي ٿو، جيڪو معاشري جي ترقي ۾ تمام وڏو اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ استاد ۽ وڪيل کي ڪريم آف سوسائٽي سڏيو ۽ سمجهيو ويندو آهي. انهن جي بي انتها عزت ۽ تعزيم ڪئي ويندي آهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ جڏهن انهن کي ويهڻ جي جاءِ نه هوندي آهي ته هر پيسينجر چاهي هو مرد هجي يا عورت، ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري ڪوشش ڪندا آهن ته استاد انهن جي سيٽ تي ويهه ۽ هو بيهه رهن. جيڪڏهن استاد يوٽيلٽي بل جمع ڪرڻ جي لاءِ لائن ۾ بيهندو آهي ته ان کي اڳيان جڳهه ڏيڻ جي هرڪو ماڻهو ڪوشش ڪندو آهي ان جي خاص وجهه اها آهي ته انهن ملڪن جا استاد تمام گهڻي محنت ۽ ڄاڻ کان پوءِ تدريسي عمل شروع ڪندا آهن. انهن جي اپوائنٽمينٽ پيورلي آن ميرٽس هوندي آهي ۽ نه ته سفارش يا ڪي ٻي ڪنسيڊريشن تي. هو پنهنجي جاب سان سنسئير هوندا آهن ۽ ٻار کي اسڪول يا ڪاليج ۾بهترين انداز ۾ تعليم ڏيندا آهن. انهن ملڪن ۾ ٽيوشن کي لعنت سمجهيو ويندو آهي ۽ ان کان اوائيد (AVOID) ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ ٽيچري اهي ماڻهو ڪندا آهن جن کي ڪو ٻيو ادارو نه قبول ڪندو يا ڪا ٻي نوڪري نه ملندي آهي. انهن جي اپوائنٽمينٽ (Appointment) ميرٽ کي پوئتي رکي سفارش، رشوت ۽ ٻين ڪنسيڊريشن (Consideration) تي ٿيندي آهي. اپوائنٽمينٽ اٿارٽي ڪڏهن به اهو (Realize) ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندي آهي ته ڇا اهو استاد جنهن کي هو اپوائنٽ ڪن ٿا، ٻارن کي پڙهائڻ جي قابل به آهن يا نه. جڏهن هن قسم جا استاد ايڊيوڪيشن (Education) جي سسٽم ۾ (Indulge) ڪيا ويندا ته هو (Unwilling Worker) وانگر ڪم(پڙهائڻ) کان پيا ڪيٻائيندا ۽ هنن جو سڄو (Consern) پگهار تائين محدود هوندو آهي. اهي استاد معاشري کي ڪهڙي بهتر قسم جي (Products) شاگردن جي صورت ۾ ڏيئي سگهن ٿا. توهان اهو بهتر سمجهي سگهو ٿا. جيڪڏهن اسان جو استاد ميرٽ تي اپوائنٽ ٿئي ۽ هو (Devotion) سان ڪم ڪري ته انهن جو پڙهيل شاگرد، اسان يقين سان چئي سگهون ٿا ته معاشري کي بهترين بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو نه ته اهو ته مشهور پهاڪو آهي ته *جهڙا روح تهڙا ختماءِ-* **ڪنڊي جي وڻ کان ٻيرن جي اميد نه ٿي رکجي سگهي.**
    توهان جي ليک اڄ اسان جي خاموش لبن کي کلڻ تي مجبور ڪيو آهي. توهان جون تمام وڏيون مهربانيون.... ​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا اسان جي شاگردن کي سٺا استاد ملي سگهندا.جيڪي هنن کي معاشري جو بهترين فرد ٿيڻ

    سائين ميمڻ صاحب مهرباني

    اسان به انهن ئي اسڪولن مان پڙهيا آهيون پر افسوس جو اهي ساڳيا اسڪول اڄ تباه ۽ برباد آهن۔ ان ۾ استاد، آفيسر ، سنڌي بيوروڪريٽ ، سنڌي وڏيرو ، والدين ۽ شاگرد سڀ برابر جا ذميوار آهن۔ اسان معاشري ۾ پنهنجو ذميداريون ڪونه پيا نڀايون۔ انارڪي جي انتها ٿي چڪي آهي۔

    تنهنڪري ها اهو ضرور آهي ته استاد به هڪ فيڪٽر آهي پر صرف استاد کي ذميوار چئجي اهو غلط ٿيندو۔ اسان کي پنهنجا معاشرتي قدر بهتر ڪرڻا پوندا۔ اسان پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي۔

    ان ڏينهن جي آسري ۽ اميد تي جيئرا آهيون ته سنڌ ۾ وري سڪار ايندو جڏهن وري قوم سجاڳ ٿيندي پر اهو ڪير ڪندو۔ ڇا ڪو ٻاهريون اچي اهو سڀ ڪندو ؟؟؟ نه اهو اسان کي پاڻ کي ڪرڻو آهي۔۔۔۔

    پاڻهي ايندم هوت پر ڪجه آء به اڳڀري ٿيان
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ڇا اسان جي شاگردن کي سٺا استاد ملي سگهندا.جيڪي هنن کي معاشري جو بهترين فرد ٿيڻ

    سائين ميمڻ صاحب مهرباني

    اسان به انهن ئي اسڪولن مان پڙهيا آهيون پر افسوس جو اهي ساڳيا اسڪول اڄ تباه ۽ برباد آهن۔ ان ۾ استاد، آفيسر ، سنڌي بيوروڪريٽ ، سنڌي وڏيرو ، والدين ۽ شاگرد سڀ برابر جا ذميوار آهن۔ اسان معاشري ۾ پنهنجو ذميداريون ڪونه پيا نڀايون۔ انارڪي جي انتها ٿي چڪي آهي۔

    تنهنڪري ها اهو ضرور آهي ته استاد به هڪ فيڪٽر آهي پر صرف استاد کي ذميوار چئجي اهو غلط ٿيندو۔ اسان کي پنهنجا معاشرتي قدر بهتر ڪرڻا پوندا۔ اسان پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي۔

    ان ڏينهن جي آسري ۽ اميد تي جيئرا آهيون ته سنڌ ۾ وري سڪار ايندو جڏهن وري قوم سجاڳ ٿيندي پر اهو ڪير ڪندو۔ ڇا ڪو ٻاهريون اچي اهو سڀ ڪندو ؟؟؟ نه اهو اسان کي پاڻ کي ڪرڻو آهي۔۔۔۔


    ادا سليمان اسان به انهن اسڪولن مان پڙهيا آهيون جنهن کي عام زبان ۾ پيلا اسڪول چيو ويندا آهي۔توهان پنهنجي زماني جي استادن کي اڄڪله جي استادن سان ڀيٽيندو ته فرق صاف معلوم ٿي ويندو۔اسان تواهانجي اجازت سان هڪ پهنجو مثال شيئر ڪيون ٿا۔اسان جڏهن فرسٽ ايئر جا نوابشاه ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽ هئاسين ته فزڪس جي ليڪچرار صاحب کي رڪيسٽ ڪئسين ته اسان کي ٽيوشين ڏين هنن stright away انڪار ڪيو ۽ فرمايون ته هو ڪاليج ۾ ليڪچر جي دوران اسان کي پڙهائي ۽ سمجهائي سگهن ٿا پر ٽيوشن کي پرموٽ نه ڪندا جيڪا معاشري ۾ هڪ غلط رواج هوندو۔اڄڪله ٻار اڃان ڪلاس ون ۾ آهي ته ٽيچر مائٽن کي مجبور ٿا ڪن ته ٻار لاء ٽيوشن وٺن۔جيڪڏهن استاد محترم اسڪول ۾ ذميداري سان پڙهائي ته توهان سمجهي سگهو ٿا ته ٻار کي ٽيوشن جي ضرورت پئجي سگهئي ٿئ ۔توهان ۽ اسان جيڪڏهن پنهنجي آسپاس نظر ڦرايون ته گهڻن تعداد ۾ پرائيوٽ ٽيوشن سينٽر نظر ايندا۔اوهو seniroڇا ٿو ظاهر ڪري ته ڪير پنهنجون اخلائقي ذميدارون نه ٿو پوريون ڪري۔جيڪڏهن توهان امتحا ن جي رزلٽن تي غور ڪندا ته معلوم ٿيندو ته اٽيز ۽ آرلي نائنٽيز ۾ پيلان اسڪولن جي شاگردن جي پوزيشن ايندون هون۔پر هاڻي پرائيوٽ اسڪول جي ٻارن جون پوزيشنون ٿيون اچن جڏهن ته پرائيوٽ اسڪول جي ٽيچر جي پگهار گورنمنٽ اسڪول جي استاد کان گهٽ آهي۔تواهان پنهنجي ذريعن سان اها ڳاله ڪنفرم به ڪري سگهو ٿا۔پو out put ايترو ڇو نه ٿا ڏين۔بيشڪ اسان کي پنهنجي ذميدارن کي به ڏسڻ گهرجي پر انجو مطلب اهو نه آهي ته استادن جي ڪمزورن تي پڙدو وجهجي۔جنهن جو ڪم ٻار کي تعليم ڏئي معاشري جو بهترين انسان ٺاهڻ آهي۔ڪافي دفعا ايئن ڏٺو آهي ته جيڪڏهن استاد پڙهائڻ ۾ مخلص آهن ته اهئئ اسڪول جيڪي وڏيرن جون آوطاقون ٿي ويون هون ۔قانون جي مدد سان وپس اسڪول جي صورت ۾ ظاهر ٿيون۔استاد محترم هن لاء ڪو ڪيس وغيره داخل نه ڪيو پر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي جيڪو ڊسٽرڪٽ ليول تي هيومن رائٽس جو چيرمين کي سادي پني تي سمپل درخواست ڏني ان تي تعليم کاتي جي ڊسٽرڪٽ ليول تي عملدارن کي گهرائي انهن کي حڪم ڏنو ويو ته اسڪول کي کولي ان ۾ تدريس جو عمل شروع ڪيو وڃي ۽ هر 15 ڏينهن کانپو رپورٽ ڏني وڃي ته اسڪول صحيح نموني هلي رهيو آهي يا نه۔انگلش ۾ چوڻي آهي ته"WHERE THERE IS WILL THERE IS WAY" وڌيڪ توهان سمجهدار آهيو۔اسان ڪنهن تي الزم نه ٿا هڻون پر هنن کي انهن جي قانوني ۽ اخلائقي ذميدان جو احساس ٿا ڏيارڻ چاهيون۔
     
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا اسان جي شاگردن کي سٺا استاد ملي سگهندا.جيڪي هنن کي معاشري جو بهترين فرد ٿيڻ

    سائين ھڪڙو قول آھي ته جيڪڏھن ڪو ڪنھن کان ھڪڙو لفظ يا اکر به سکي ٿو ته انھن جو پاڻ ۾ اُ ستاد ۽ شاگرد وارو رشتو پيدا ٿي پوي ٿو، ۽استاد جي مان ۽ مرتبي کان ھر ھڪ واقف ڪار ھجڻ گھرجي ۔ ان قول کي ڏسندي ھن ڪائنات جي پوري مخلوق جو ھڪ ٻئي سان اُستاد ۽شاگرد وارو رشتو جڙي ٿو، ڇاڪاڻ ته انسان اُڏرڻ پکين کان ۽ترڻ مڇين کان سکيو آھي وغيره وغيره۔ جڏھن اسان جو ھر ھڪ فرد پنھنجي حقن ۽فرضن کان منھن موڙي ۽ لا تعلقي اختيار ڪري ٿو ته پنھنجي عزت ۽ احترام وڃائي ويھي ٿو۔ اسان جو سڄو معاشرو انارڪيءَ جو شڪار ٿي ويو آھي ، ان لاءِ وڏي جراحي ڪرڻ جي ضرورت آھي۽ پنھنجو پاڻ کي سڌارڻ جي ضرورت آھي۔ ھڪٻئي تي الزام بازئيءَ سان حاصل ڪجھ به ڪين ٿيندو۔
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا اسان جي شاگردن کي سٺا استاد ملي سگهندا.جيڪي هنن کي معاشري جو بهترين فرد ٿيڻ

    سائين محترم غلام مصطفى صاحب ماشاءالله تمام بهترين مضمون بهترين پيرائي۾ ڄوڙي اسان سان ونڊ ڪرڻ لا اوهان جا ٿورا نه لاهي سگهبا پر ڳائبا ضرور ۔

    فرمان نبي ڪريم آهي ؛ انما بعثت معلما ، او ڪما قال
    بيشڪ مون کي استاد ڪري موڪليو ويو آهي

    استاد جو احترام کان ڪير ٿو انڪاري ٿي سگهي!!1
    اهي مضمون چاهي انور جوکيو جو هجي يا اوهان محترم جو اصل ڳالھ هن شي جي تقاضه آهي ته هن وڃايل ڪردار جيڪو اسان جي ننڊپڻ ۾ استادن وٽان نظر ايندو هو ، هن جي تلاش آهي ، شايد هو وقت اهڙو هو جو اڃان مهنگائي ، ڪرپشن ، ويزائن تي بنا پڙهائڻ پگهار کڻن وغيره جو اهرو دور ڪون هو جيڪو اڄ آهي يا وري ڪاپي ڪلچر کي ڏوھ ڏجي ، پر حقيقت اها آهي ته اهي ليک هن ڳالھ ڏانهن توجه ڇڪرائڻ آهي ته ڪئين استاد پنهنجيو ذميواريون پورو ڪن ۽ تعليم کي ڪئين آپ ٽو ڊيٽ بڻائجي ، اديبن ۽ ليکڪ پنهنجو سٺو ڪردار ادا ڪيو پيو هاڻي ڏسڻو آهي ته استاد حضرات ڪڏنهن پنهنجي فرض تي پورو لهڻ جو سعيو ٿا ڪن

    ادا هڪ ڀيري وري به اوهان جي مهرباني ماشاء الله اوهان هاڻي باقائدو فعال ميمبر جيان پنهنجي سهڻي ليکڻين سان هن اڱڻ کي مزين ڪيو پيا ، الله تعالى اوهان کي هر بري نظر کان بچائي ائين اهڙي نموني پنهنجي ڀائرن جي خدمت ڪرڻ جي اڃان وڌيڪ توفيق عطا فرما​
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ڇا اسان جي شاگردن کي سٺا استاد ملي سگهندا.جيڪي هنن کي معاشري جو بهترين فرد ٿيڻ

    ۔ادا افتخار توهان جي ان عزت آفزائي جي دل جي گهرائين سان مهرباني۔ادا توهان جهڙن بهترين ليکڪ جيڪي معلومات جي دنيا ۾ تمام گهرا غوط لڳائي تمام ناياب گوهر ميڙي آچي هن محبتي ايوان جي آڳڻ تي آجاگر ڪندا آهيو انهن کي پڙهي ۽ ان مان رهنمائي حاصل ڪري ڪجه ٽٽل ڦٽل الفاظن ۾ ڪو مضمون ۽ دل جي ڪفيت بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون۔نه اسان اديب آهيون نه شاعر پر هن دنيا جي ٻين عام ماڻهون وانگر پنهنجي خول ۾ زندگي گذارڻ وارا انسان آهيون۔توهان جهڙي پارس ( پٿر جيڪو لوه کي ٽچ ٿيڻ سان سون ۾ بدلي ڇڏيندو آهي)۽ ٻين قابل عزت ميمبرن جون تحريريون ۽ ڪمنٽس پڙهي ڪجهه لکڻ جي قابل ٿيا آهيون۔ادا سائين نون ميمبرن جي سٺن ڪمنٽس سان رهنمائي ڪرڻ تي اهي نوان ميمبر وڌيڪ بهتر لکڻ لاء جاکوڙ ڪندا پر جيڪڏهن توهان انهن جي تحريرن ۾ ،آشاعري مان پيا هرڀرو غلطيون ڪڍندو "جيڪي اڄڪله ڪجه معزز ميمبر ڪري رهيا آهن جيڪڏهن تو هان انهن جا ڪمنٽس غور سان پڙهندا۔ ته اهو محسوس ڪندا ته جيڪڏهن ڪنهن ميمبر اردو شاعري سنڌي ۾ ترجمو ڪندي بهر۔ڪافيا۔وزن،رديف جو خيال نه رکيو ته ان تي سڌي تنقيد پئي ڪئي ويندي آهي جنهن سان هن نوان ليکڪ جا حوصلا پست ٿي ويندا آهن ۽ هو وري لکڻ جو سوچيندو ئي نه. سڌي تنقيد ڪرڻ جي بجاء ڇا آهو بهتر نه آهي ته اهي سموريون غلطيون صحيحي ڪري هن ميمبر جي رهنمائي ڪري هن جي همٿ آفزائي ڪئي وڃي۔تنقيد ڪرڻ تمام سولو آهي جڏهن ته تخليق ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي۔هن فورم تي سڀ ميمبر پنهنجي ڏيئن جو تيل ساڙي آڌي رات تائين ڪاوشون ڪري مضمون لکن ٿا‌(سائين اهو انگريزي جو مثال آهي متان وري ڪو مهربان آهو فرمائي ته هن زماني ۾ ڏيئي جي روشني ۾ ڪير پڙهندو آهي ڇاڪاڻ ته لائيٽ جو زمانو آهي۔)فن خطابت جي شوق ۾ جڏهن نوان مولوي صاحب پنهنجون حدون اورنگهيندو آهي ته ماڻهو دين جي طرف رجوع ٿيڻ جي بدران دين کان پر تي ٿيندا ويندا آهن۔
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا اسان جي شاگردن کي سٺا استاد ملي سگهندا.جيڪي هنن کي معاشري جو بهترين فرد ٿيڻ

    ادا غلام مصطفى صاحب اوهان جي ڳالھ سان سهمت آهيان جئين ته آئون شاعري سيڪشن ۾ نه هجڻ برابر وزٽ ڪندڙ آهيان پر جيڪر ائين آهي ته اها ڏاڍي دک دائڪ ڳالھ آهي ، ميمبرن کي هن ڳالھ جو ڌيان رکڻ گهرجي ۔
    ادا غلام مصطفى صاحب مون جيڪو هن اڱڻ جي سينيرن دوستن جي ڪامينٽس پڙهيا آهن هن مان مونکي ڪابه اهڙي ڳالھ نظر نه آئي آهي ٿي سگهي ڪنهنن نون ميمبرن کان اهڙي غلطي سرزد ٿي هجي ، سو انشاء الله اوهان جي هن ليک پڙهڻ بعد ضرور هن ڳالھ ڏي توجه ڪندا ، جئين ته هي هڪ محبتي فورم آهي اهائي ئي اميد اسين سڀنن ميمبرن سان رکون ٿا ۔ مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو