غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
ڇا اسان جي شاگردن کي سٺا استاد ملي سگهندا.جيڪي هنن کي معاشري جو بهترين فرد ٿيڻ ۾ مدد ڪن۔
ادا افتخار چوهاڻ توهان محترم جنيد جوکيو جو تمام بهترين ۽ نازڪ موضوع تي لکيل مضمون هن فورم جي زينت بنائي هر باشعور ميمبر جي ذهن ۽ دل کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي. توهان جي هن عمل جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي. ڊاڪٽر جارج برناد شاه هڪ اسڪولي تقريب کي خطاب ڪندين فرمايو ته توهان مون کي مخلص، وفادار ۽ سٺا استاد ڏيو ته مان توهان کي بهترين معاشري جي ضمانت ڏيان. بهترين استاد ئي بهترين شاگرد پيدا ڪري سگهي ٿو، جيڪو معاشري جي ترقي ۾ تمام وڏو اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ استاد ۽ وڪيل کي ڪريم آف سوسائٽي سڏيو ۽ سمجهيو ويندو آهي. انهن جي بي انتها عزت ۽ تعزيم ڪئي ويندي آهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ جڏهن انهن کي ويهڻ جي جاءِ نه هوندي آهي ته هر پيسينجر چاهي هو مرد هجي يا عورت، ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري ڪوشش ڪندا آهن ته استاد انهن جي سيٽ تي ويهه ۽ هو بيهه رهن. جيڪڏهن استاد يوٽيلٽي بل جمع ڪرڻ جي لاءِ لائن ۾ بيهندو آهي ته ان کي اڳيان جڳهه ڏيڻ جي هرڪو ماڻهو ڪوشش ڪندو آهي ان جي خاص وجهه اها آهي ته انهن ملڪن جا استاد تمام گهڻي محنت ۽ ڄاڻ کان پوءِ تدريسي عمل شروع ڪندا آهن. انهن جي اپوائنٽمينٽ پيورلي آن ميرٽس هوندي آهي ۽ نه ته سفارش يا ڪي ٻي ڪنسيڊريشن تي. هو پنهنجي جاب سان سنسئير هوندا آهن ۽ ٻار کي اسڪول يا ڪاليج ۾بهترين انداز ۾ تعليم ڏيندا آهن. انهن ملڪن ۾ ٽيوشن کي لعنت سمجهيو ويندو آهي ۽ ان کان اوائيد (AVOID) ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ ٽيچري اهي ماڻهو ڪندا آهن جن کي ڪو ٻيو ادارو نه قبول ڪندو يا ڪا ٻي نوڪري نه ملندي آهي. انهن جي اپوائنٽمينٽ (Appointment) ميرٽ کي پوئتي رکي سفارش، رشوت ۽ ٻين ڪنسيڊريشن (Consideration) تي ٿيندي آهي. اپوائنٽمينٽ اٿارٽي ڪڏهن به اهو (Realize) ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندي آهي ته ڇا اهو استاد جنهن کي هو اپوائنٽ ڪن ٿا، ٻارن کي پڙهائڻ جي قابل به آهن يا نه. جڏهن هن قسم جا استاد ايڊيوڪيشن (Education) جي سسٽم ۾ (Indulge) ڪيا ويندا ته هو (Unwilling Worker) وانگر ڪم(پڙهائڻ) کان پيا ڪيٻائيندا ۽ هنن جو سڄو (Consern) پگهار تائين محدود هوندو آهي. اهي استاد معاشري کي ڪهڙي بهتر قسم جي (Products) شاگردن جي صورت ۾ ڏيئي سگهن ٿا. توهان اهو بهتر سمجهي سگهو ٿا. جيڪڏهن اسان جو استاد ميرٽ تي اپوائنٽ ٿئي ۽ هو (Devotion) سان ڪم ڪري ته انهن جو پڙهيل شاگرد، اسان يقين سان چئي سگهون ٿا ته معاشري کي بهترين بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو نه ته اهو ته مشهور پهاڪو آهي ته *جهڙا روح تهڙا ختماءِ-* **ڪنڊي جي وڻ کان ٻيرن جي اميد نه ٿي رکجي سگهي.**
توهان جي ليک اڄ اسان جي خاموش لبن کي کلڻ تي مجبور ڪيو آهي. توهان جون تمام وڏيون مهربانيون....
توهان جي ليک اڄ اسان جي خاموش لبن کي کلڻ تي مجبور ڪيو آهي. توهان جون تمام وڏيون مهربانيون....