ان ڪنٽرولڊ ميڊيا،اُن جا تبصرا نگار ۽ سماج ۾ سائونڊ پوليوشن تحرير ۽ تحقيق ؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ تازو " ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد سنڌ" ماڻهن جي ڪيفيت جي تبديلي تي هڪ سائنسي ريسرچ سروي ڪئي آهي ۽ ان سروي ڪري اسانکي ڏاڍا خطرناڪ نقطا مليا آهن جنهن کي اسان توهان سان شيئر ڪرڻ چاهيون ٿا جيئن اسان جي ڪيفيتن ۾ پئدا ٿيندڙ تبديلين جي اڀياس ڪري سوسائٽي کي ۾ هن وڌندڙ رُجهان سان جيڪو اسان کي اندران ئي اندان کاٽ هڻي اپاهج ۽ ڪينسر ۾ مُبتلا ڪري رهيو اهي اُن لا احتياطي تدبيرون وٺي سگهجن۔ ڇو جو حيرت انگيز طور هي تبديليون اسانجي ذهنيت جي نشو نما تي تيزي سان اثر انداز ٿي رهيون اهن۔ اڀياس ڪرڻ کان پو حيرت سان ڏٺو ويو آهي ته اسان جي ان ذهني پُستي ۽ ناسُور جو گهڻو ڪارڻ اڄ جي ان ڪنٽرولڊ ۽ آزاد ميڊيا، ۽ اُن تي ٿيندڙ بي لغام تبصرا، پروگرام ۽ اُن جا زور ڏئي گهڻ ڳالهائو اينڪر بڻيل آهن جيڪي زور سان ڳالهائي ۽ ڳالهارائي سائونڊ پوليوشن ڦهلائي سوسائٽي کي ذهني گندو ڪري رهيا آهن ۽ ماڻهن جي ٻُڌجڻ ۽ فيصلي ڪندڙ صلاحيتن ۽ قوتن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن ۽ وڏي واڪ ڳالهائڻ جي صلاحيتن کي عقول، فهم، فيصلي جي قوتن جي حاوي ڪري رهيا آهن۔ جيڪي بل آخر انسان جي تباهي جو تيزي سان تباهي جو ڪارڻ بڻبي ماڻهو، دلائل ڏئي زور سان ڳالهائي پنهنجن ڪوڙن کي سچ ثابت ڪري معاشري جي نوي سيڪڙو گهٽ ۽ ڌيمي لهجي ۾ ڳالهه ڪندڙن تي حاوي ٿي ويندا ۽ سوسائٽي ۾ آواز جو پوليوشن وڌائيندا۔ ۽ جيڪڏنهن سِولائيزڊ ۽ مُهذب سوسائٽي جي ماڻهن کين يعني ان ڪنٽرولڊ ميڊيا ۽ اُنهن جي اينڪرن کي مُسلسل ائين ڪرڻ ڏنو ته ريزوننس پئدا ٿيندي ۽ زيرو فريڪُئنسي تي انهن ميڊيا ۽ اُنهن جي اينڪرن جي ڪري پورو مُعاشرو پولارائيزڊ ۽ پوليوشنڊ ٿي ويندو جيڪو پو ڪٽنبن کا وڌندو گهر گهر پُهچي ويندو ۽ اوهان جو اولاد به ان سائونڊ پوليوشن کان مُتاثر ٿي اوهانجي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويندو ۽ اوهان جو جنت ڀريو گهر به جهنم ٿي ويندو جيڪو اوهانجي ذهنن جي ڪيفت کي تبديل ڪندو، ۽ اوهان کان سُٺي ۽ خراب هُئڻ جي شناخت ڪرڻ کان ٻاهر ڌڪيلي ڇڏيندو۔ ۽ جڏنهن ميڊيا ۽ انهن انڪرن جي ذهنن ۾ پرورش پائيندڙ هي خطرناڪ احساس ڪمتري يا برتري جا تيزي سان پئدا ٿيندڙ ڪيڙا اوهان جي ذهنن تي اپروچ ڪري اُن ۾ وائرس ڀري ڇڏيندا ته سوسائٽي کي ڪنٽرول ڪرڻ جون تمام حدون اورانگهجندي ويندون ۽ هر ڪو شخس نه قانوني نقطن، ۽ نه ئي وري آپريٽنگ پروسيجرس تي عمل پيرا ٿيندو ۽ نه ئي ڪوئي جج صحيح فيصلا ڪري سگهندو ۽ نه ئي ڪو سچو ۽ صحيح انصاف سوسائٽي کي ملي سگهندو ۽ تمام سوسائٽي سائوڊ پويوشن ۾ ٽمٽار ٿي ويندي ۽ مُعاشرو گندي م گندو، نه سمجهندڙ ٿي پوندو ۽ گهڻ ڳالهائو ئي معاشري جو قانون بڻبو۔ سائونڊ پوليوشن سُپر اسپيڊ سان وڌندي ويندي ۽ مڙني هارڊ توڙي سافٽ مادن مان گُزري ماڻهن جي اندر جي ڪيمسٽري کي مُڪمل تباه ڪري ڇڏيندي ۽ ان جو ڪارڻ ان ڪنترولڊ ۽ آزاد ميڊيا ۽ اُن جا اينڪر ئي بڻبا جيڪي بل آخر پاڻ به اُن جو شڪار بڻبا يعني جنهن ٽاري کي ڪٽين پيا اُن تي پاڻ به ويٺل آهن ۽ پو اُهي صور اسرافيل عليه السلام کي جلد اچڻ جي دعوت ڏيندا۔ سائوڻڊ پوليوشن ايترو ايترو ته خطرناڪ آهي جو الله سائين کي به پوري دُنيا، جبلن وغيره کي ڪپهه ٺاهي پُرزا پرزا ڪرڻ لا حضرت اسرافيل عليه السلام کي صور اسرافيل فوڪڻ جو حُڪم ملندو۔ اها ان ڪنٽرولڊ ميڊيا ۽ ان ڪنٽرولڊ اينڪر جيڪا دانهون ڪُوڪن ۽ ڏاڍ کي بغير ڪنهن ڪنٽرول ايجاد جي يعني سائونڊ پوليوشن کي هڪ مخصوص ڪنڊ کان ڦهلائڻ ۾ رڌل آهي، مُعاشري ۾ سموڪ پوليوشن، ٽريفڪ ڪنجڪشن، ٽريفڪ نوائيز، انفليشن يعني منهنگائي جهڙا اشو ڏاڍ ۽ گوڙ سان ڪري انهن چيل پوليشن کي به وڌيڪ ڦهلائين ٿا ۽ سوسائٽي دس بيلنس ٿي پوي ٿي جنهنڪري مُعاشري ۾ ڏوهن جو ريشيو به وڌي ٿو۔ سڀني ماحول کي بهتر بنائڻ جي خواهشون رکڻ وارن کي اپيل ٿي ڪجي ته ڪنٽرولڊ انوائرنمينٽ جي صداقت کي تسليم ڪري ، انفرادي، اجتمائي ڪوششون وٺن ته وس وارا ميديا ۽ اُنهن جي اينڪرنس کي ڪنٽرول ۾ آڻين جيئن سائونڊ پوليوشن جلد پُر اثر نه ٿئي، حالانڪه اسان جو ايمان آهي ته بلا آخر ٿيندو ضرور ۽ صور اسرافيل به ڦونڪبي اهڙي طرح ،جهڙي طرح قيامت به ايندي ضرور پر وقت جي پروڙ ڪانهين پر اسان کي پو به جيترو ممڪن آهي مغاسري کي سنڀلجڻ م مدد ڏيڻ کپي۔
جواب: ان ڪنٽرولڊ ميڊيا،اُن جا تبصرا نگار ۽ سماج ۾ سائونڊ پوليوشن ڀا ئو! ماضيءَ جا ما ڻھون به مڱڻھارن ۽، مسخرن کان ڊڄندا ۽لھرائيندا ھئا ،پر اڳوڻن مسخرن جي رسائي ايتري پري مار ڪندڙ نه ھئي ۔پر اڄوڪي ميڊيائي مسخرن جي شِر کان الله (ج) بچائي ۔