نثارابڙو
نائب منتظم
ظاهر ۽ باطن جي سهڻائپ
ڇا ڪوئي ڪنهن کان گهٽ آهي؟
ڇا ڪوئي ڪنهن کان گهٽ آهي؟
مٺڙي بهار جي موسم جو هڪ باغ ۾ هڪ سهڻو گلاب جو گل کڙي نڪتو، ڪيترن قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا کڙي نڪتا هئا،
صنوبر جو وڻ جيڪو گلاب جي ڀر ۾ هو تنهن گلاب کي ڏسي چيو، ڇا ته سهڻو گل آهين؟ جيڪر آءُ به تو جهڙو سهڻو هجان هان!!!
ڀر ۾ هڪ ٻي وڻ چيو، ادا صنوبر تون اداس نه ٿي، هر ڪنهنکي هر ڪا شئي ناهي ملندي؟
گلاب جي گل اها ڳالهه ٻڌندي چيو، ” لڳي ٿو ته آءُ ئي هن باغ ۾ سڀ کان سهڻو ٻوٽو ۽ گل آهيان!!!
سورج مکي ڪنڌ مٿي ڪري گلاب کي مخاطب ٿيندي چيو، ” تو ائين ڇو چيو؟ هن باغ ۾ ڪيترائي سهڻا ٻوٽا آهن، تون به انهن سهڻن ٻوٽن ۾ هڪ سهڻو ٻوٽو آهين.“
گلاب وراڻيو، ” آءُ ڏسان پيو ته هر هڪ مونکي ئي ڏسي پيو ۽ منهنجي ساراهه پيو ڪري“ انکانپوءِ گلاب ڀر ۾ بيٺل *Cactus صبار (ڪنوار ٻوٽي) کي ڏسي چيائين، هي ڏس بدصورت ڪنڊن سان ڀريل بڇڙو ٻوٽو!“
صنوبر اهو ٻڌي چيو، ” هي ڪهڙي ڳالهه ڪئي تو، خوبصورتي ڇا ٿيندي آهي ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ڪنڊا ته تو ۾ به آهن“
غرور ۾ ڀريل گلاب، صنوبر کي ڪاوڙ مان نهاريندي چيو، ”مون سمجهيو ته تون باذوق آهين“ توکي ته حسن جي بلڪل به ڪا خبر ناهي، تون منهنجن ڪنڊن کي ان بدصورت صبار جي وڻ جي ڪنڊن سان تشبيهه ڏني آهي“
ٻين ٻوٽن اهو ٻڌي چيو، ” ڪيڏو ته غرور اٿس پاڻ تي!!“
گلاب ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجو پاڙون ان صبار (ڪنوار ٻوٽيءَ) جي ڀر مان پري ڪري سگهي پر ائين ڪري نه سگهيو.
ڏينهن گذرندا رهيا، گلاب صبار جي وڻ کي ڏسي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو ۽ نفرت جو اظهار ڪندو رهيو، جيئن، ”هي ناڪاره ٻوٽو آهي، مونکي پنهنجي قسمت تي افسوس آهي جو آءُ هن ٻوٽي جو پاڙيسري آهيان“ وغيره وغيره
پر صبارجي ٻوٽي کي ڪڏهن ڪاوڙ نه آئي بلڪ هو گلاب کي صلاحون ڪندو رهيو ۽ سمجهائيندو رهيو ته الله تعالا ڪنهن به شئي کي فضول يا ناڪاره زندگي ناهي ڏيندو.
بهار گذري ويو ۽ گرمين جي موسم اچي وئي، هن سال گرمي به اهڙي شدت سان ٿي جو اصل گرمي پد برداشت کان ٻاهر ٿيڻ لڳو، باغ جي زندگي پڻ تنگ ٿيڻ لڳي، باغ جي ٻوٽن ۽ جانورن کي پاڻيءَ جي سخت ضرورت ٿيڻ لڳي، مينهن به نه ٿي پيا ... گلاب جا گل ڪرڻ لڳا ۽ ٻوٽو سڪڻ لڳو ...
هڪ ڏينهن گلاب جي ٻوٽي ڏٺو ته ڪجهه جهرڪيون اچي صبار جي ٻوٽي تي ۽ پنن ۾ پنهنجيون چهنبون اٽڪائي ويٺيون ۽ ٿوري دير ۾ تازيون توانيون ٿي اڏري ويون.
گلاب کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته جهرڪيون ان بڇڙي وڻ تي ڇو ويٺيون، گلاب ، صنوبر جي وڻ کان پڇا ڪئي ته هي ننڍڙا پکي ڇا ڪري رهيا آهن؟
صنوبر وارڻيو، ” پکي ان وڻ مان پاڻي پيا پيئن“
گلاب حيرت کائيندي چيو ته پکين جي تيز چهنب سان هن وڻ کي تڪليف نه ٿي ٿئي؟، صنوبر جواب ڏنو، جي ٿئي ٿي پر هي سڀاڳو ٻوٽو اهو هرگز نه چاهيندو ته هي ننڍڙا پکي اڃارا رهن، انڪري هو هنن کي پاڻي ڏئي خوش ٿئي ٿو.
گلاب جون حيرت ۾ اکيون کلي ويون، ڇا هن ٻوٽي وٽ پاڻي به آهي...؟ صنوبر چيو، ” ها، تون به هن کان پاڻي گهري سگهين ٿو، جهرڪيون تو وٽ پاڻي کڻي اچي سگهن ٿيون، جيڪڏهن تون هن صبار جي ٻوٽي کان مدد گهرندي ته هو تنهنجي مدد ضرور ڪندو.“
گلاب کي پنهنجي ماضيءَ واري رويي تي تمام گهڻو شرم ٿيڻ لڳو، ته هو ڪيئن هن وڻ کان مدد گهري، پر اڃ کان مجبور ٿي آخر گلاب ان ٻوٽي کان مدد گهري ورتي،
صبار (ڪنوار ٻوٽي) کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ هن سندس مدد ڪرڻ جي حامي ڀري، ۽ صبار ننڍڙن پکين کي چيو ته هو ڪجهه پاڻي سندس مان ڪڍي ڀر واري ٻوٽي ۾ وجهن، ۽ ننڍڙن پکين گلاب جي پاڙن ۾ ڪجهه پاڻي اڇلائي گلاب جي جان بچائي ورتي.
گلاب هاڻ اها ڳالهه سمجهي ورتي ته هو ڪڏهن به ڪنهنکي سندس ظاهر جي بنياد تي نه پرکيندو ...
**************************
حاصل مطلب؛
اسانکي به پنهنجي اردگرد موجود ماڻهن جي ٺٺ ٺانگر کي ڏسي موهت ٿيڻ نه گهرجي بلڪ اسانکي انهن ماڻهن جي اندر ۾ موجود انسانيت کي پروڙڻ گهرجي ۽ پنهنجن روين کي درست ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر ڪنهن ماڻهونءَ کي ان جو جائز مقام ملي سگهي ...