ظاهر ۽ باطن

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    [​IMG]


    [JUSTIFY]
    ظاهر ۽ باطن جي سهڻائپ
    ڇا ڪوئي ڪنهن کان گهٽ آهي؟

    مٺڙي بهار جي موسم جو هڪ باغ ۾ هڪ سهڻو گلاب جو گل کڙي نڪتو، ڪيترن قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا کڙي نڪتا هئا،

    صنوبر جو وڻ جيڪو گلاب جي ڀر ۾ هو تنهن گلاب کي ڏسي چيو، ڇا ته سهڻو گل آهين؟ جيڪر آءُ به تو جهڙو سهڻو هجان هان!!!

    ڀر ۾ هڪ ٻي وڻ چيو، ادا صنوبر تون اداس نه ٿي، هر ڪنهنکي هر ڪا شئي ناهي ملندي؟

    گلاب جي گل اها ڳالهه ٻڌندي چيو، ” لڳي ٿو ته آءُ ئي هن باغ ۾ سڀ کان سهڻو ٻوٽو ۽ گل آهيان!!!

    سورج مکي ڪنڌ مٿي ڪري گلاب کي مخاطب ٿيندي چيو، ” تو ائين ڇو چيو؟ هن باغ ۾ ڪيترائي سهڻا ٻوٽا آهن، تون به انهن سهڻن ٻوٽن ۾ هڪ سهڻو ٻوٽو آهين.“

    گلاب وراڻيو، ” آءُ ڏسان پيو ته هر هڪ مونکي ئي ڏسي پيو ۽ منهنجي ساراهه پيو ڪري“ انکانپوءِ گلاب ڀر ۾ بيٺل *Cactus صبار (ڪنوار ٻوٽي) کي ڏسي چيائين، هي ڏس بدصورت ڪنڊن سان ڀريل بڇڙو ٻوٽو!“

    صنوبر اهو ٻڌي چيو، ” هي ڪهڙي ڳالهه ڪئي تو، خوبصورتي ڇا ٿيندي آهي ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ڪنڊا ته تو ۾ به آهن“

    غرور ۾ ڀريل گلاب، صنوبر کي ڪاوڙ مان نهاريندي چيو، ”مون سمجهيو ته تون باذوق آهين“ توکي ته حسن جي بلڪل به ڪا خبر ناهي، تون منهنجن ڪنڊن کي ان بدصورت صبار جي وڻ جي ڪنڊن سان تشبيهه ڏني آهي“

    ٻين ٻوٽن اهو ٻڌي چيو، ” ڪيڏو ته غرور اٿس پاڻ تي!!“

    گلاب ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجو پاڙون ان صبار (ڪنوار ٻوٽيءَ) جي ڀر مان پري ڪري سگهي پر ائين ڪري نه سگهيو.

    ڏينهن گذرندا رهيا، گلاب صبار جي وڻ کي ڏسي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو ۽ نفرت جو اظهار ڪندو رهيو، جيئن، ”هي ناڪاره ٻوٽو آهي، مونکي پنهنجي قسمت تي افسوس آهي جو آءُ هن ٻوٽي جو پاڙيسري آهيان“ وغيره وغيره

    پر صبارجي ٻوٽي کي ڪڏهن ڪاوڙ نه آئي بلڪ هو گلاب کي صلاحون ڪندو رهيو ۽ سمجهائيندو رهيو ته الله تعالا ڪنهن به شئي کي فضول يا ناڪاره زندگي ناهي ڏيندو.

    بهار گذري ويو ۽ گرمين جي موسم اچي وئي، هن سال گرمي به اهڙي شدت سان ٿي جو اصل گرمي پد برداشت کان ٻاهر ٿيڻ لڳو، باغ جي زندگي پڻ تنگ ٿيڻ لڳي، باغ جي ٻوٽن ۽ جانورن کي پاڻيءَ جي سخت ضرورت ٿيڻ لڳي، مينهن به نه ٿي پيا ... گلاب جا گل ڪرڻ لڳا ۽ ٻوٽو سڪڻ لڳو ...

    هڪ ڏينهن گلاب جي ٻوٽي ڏٺو ته ڪجهه جهرڪيون اچي صبار جي ٻوٽي تي ۽ پنن ۾ پنهنجيون چهنبون اٽڪائي ويٺيون ۽ ٿوري دير ۾ تازيون توانيون ٿي اڏري ويون.

    گلاب کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته جهرڪيون ان بڇڙي وڻ تي ڇو ويٺيون، گلاب ، صنوبر جي وڻ کان پڇا ڪئي ته هي ننڍڙا پکي ڇا ڪري رهيا آهن؟

    صنوبر وارڻيو، ” پکي ان وڻ مان پاڻي پيا پيئن“

    گلاب حيرت کائيندي چيو ته پکين جي تيز چهنب سان هن وڻ کي تڪليف نه ٿي ٿئي؟، صنوبر جواب ڏنو، جي ٿئي ٿي پر هي سڀاڳو ٻوٽو اهو هرگز نه چاهيندو ته هي ننڍڙا پکي اڃارا رهن، انڪري هو هنن کي پاڻي ڏئي خوش ٿئي ٿو.

    گلاب جون حيرت ۾ اکيون کلي ويون، ڇا هن ٻوٽي وٽ پاڻي به آهي...؟ صنوبر چيو، ” ها، تون به هن کان پاڻي گهري سگهين ٿو، جهرڪيون تو وٽ پاڻي کڻي اچي سگهن ٿيون، جيڪڏهن تون هن صبار جي ٻوٽي کان مدد گهرندي ته هو تنهنجي مدد ضرور ڪندو.“

    گلاب کي پنهنجي ماضيءَ واري رويي تي تمام گهڻو شرم ٿيڻ لڳو، ته هو ڪيئن هن وڻ کان مدد گهري، پر اڃ کان مجبور ٿي آخر گلاب ان ٻوٽي کان مدد گهري ورتي،

    صبار (ڪنوار ٻوٽي) کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ هن سندس مدد ڪرڻ جي حامي ڀري، ۽ صبار ننڍڙن پکين کي چيو ته هو ڪجهه پاڻي سندس مان ڪڍي ڀر واري ٻوٽي ۾ وجهن، ۽ ننڍڙن پکين گلاب جي پاڙن ۾ ڪجهه پاڻي اڇلائي گلاب جي جان بچائي ورتي.

    گلاب هاڻ اها ڳالهه سمجهي ورتي ته هو ڪڏهن به ڪنهنکي سندس ظاهر جي بنياد تي نه پرکيندو ...
    **************************
    حاصل مطلب؛
    اسانکي به پنهنجي اردگرد موجود ماڻهن جي ٺٺ ٺانگر کي ڏسي موهت ٿيڻ نه گهرجي بلڪ اسانکي انهن ماڻهن جي اندر ۾ موجود انسانيت کي پروڙڻ گهرجي ۽ پنهنجن روين کي درست ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر ڪنهن ماڻهونءَ کي ان جو جائز مقام ملي سگهي ...
    [/JUSTIFY]
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ظاهر ۽ باطن

    ادا نثار ابڙا صاحب !
    اميد ته خوش ۽ سلامت ھوندا ۔
    اوھان جو لکيل مضمون باطن ۽ ظاھر پڙھي دل کي ڏاڍو سڪون حاصل ٿيو، الله تعالا ڪاب چيز بيڪار پيدا نه ڪئي آھي،۽ھر چيز جي خوبصورتيءَ جا پنھنجا پنھنجا معيار ھوندا آھن۔ اوھان کان پري رھڻ جا ڪيترائي سبب آھن اميد ته سمجھي ويا ھوندا۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ظاهر ۽ باطن

    سلام۔۔محترم نثار صاحب
    اوهانجي ڪهاڻي پڙهي۔۔تمام سٺو لڳو۔۔۔حاصل مقصد به تمام بهترين
    اڄ ڪلھ جي دور ۾ اهڙين ڳالهين تي عمل ڪرڻ ماڻهن جي لا ڏاڍو مشڪل آهي۔۔الله سائين اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ظاهر ۽ باطن

    ادا نثار سبق سان ڀرپور ڪهاڻي آهي

    سڀ ڪنهن کي ٻئي جو قدر ڪرڻ گهرجي
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ظاهر ۽ باطن

    ادا نثار هي ساڳي ڪهاڻي تعارف واري پيج تي ادا ربنواز درس ونڍ ڪئي آهي۔سٺي ڪهاڻي نصحيت سان ڀريل ونڍ ڪرڻ تي اسان اوهان ٻنهي جا ٿورائتا آهيون۔دنيا ۾ اهو ماڻهو لازوال immortal آهن جيڪي ٻين جي ڪم اچن ٿا ۽ انهن جو نالو تاريخ جي پنن تي سنهري الفاظن سان لکيو ٿو وڃي۔پنهنجي لاء ته هر ڪو جيئندو آهي پر ٻين جي لاء ڪو ڪو ۽ اهوئي هن دنيا ۾ڪامياب آهي۔
    هڪ دفعو جهنگ ۾ تمام گهڻي باه لڳي ويئي،جهنگ جا سڀ جانور ۽ پرندا پريشان ٿي ڀڄڻ لڳا۔هڪ جهرڪي ڇا ڪيو جوهر هر آڏامي ڀرسان واري دريا تي پئي ويئ ۽ چنهنب ۾هڪ يا ٻه پاڻي جا ڦڙا کڻي اڏامي اچي ان باه جي شعلان تي پئي وڌا۔بارش جو ديوتا هي سڀ ڪجه آسمان تان ڏسي رهيو هو ۔هن جهرڪي کي مخاطب ٿي ٽهڪ ڏئي چيو ته ڇا تنهجي هڪ يا ٻه ڦڙا پاڻي وجهڻ سان هي باه وسامي ويندي ۔جهرڪي جواب ڏنو،بلڪل به نه پر جيتري منهنجي قوت ۽ طاقت آهي مان ان حساب سان پنهنجي ڪوشش پئي ڪياء۔باقي تون بارش جو ديوتا آهين جيڪڏهن 10 منٽ به بارش کي حڪم ڏيندي ته وسي ته اها باه وسامي ويندي ۔جيڪو منهنجو ڪم آهي آئون ڪري رهي آهيان پر توهان پنهنجو ڪم نه ڪري رهيا آهيو۔(چيني ڪهاڻي)۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ظاهر ۽ باطن

    مهرباني سائين نثار

    تمام سهڻي ۽ سبق آموز ڪهاڻي، ڪاش انهن ڳالهين مان ڪجھ سکي ته جيڪر دنيا ۾ امن، شانتي، پنهنجائپ ۽ خلوص ئي خلوص هجي۔ پر افسوس جو اسان ٻين کي عزت، احترام نه ٿا ڏيون۔

    لک قرب سهڻي ڪهاڻي ونڊ ڪرڻ جا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ظاهر ۽ باطن

    [justify]سايئن غلام مصطفي صاحب، اوهانجا لک ٿورا جو اوهان به موٽ ۾ تمام سهڻي مختصر آکاڻي ونڊ ڪئي آهي،

    محترم سائين ، هي ڪهاڻي مون انگريزي ادب تان کنئي آهي، ۽ اڄ ئي سنڌي جي روپ ۾ قالب ڪئي آهي، جيئن ته فوڪ ڪهاڻين ۾ آهي انڪري ليکڪ جو ڪو نالو لکليل نه آهي ۔۔۔ ۔۔۔

    محترم ربنواز درس پڻ ساڳي مون واري آکاڻي ڪاپي پيسٽ ڪئي آهي ۔۔۔
    [/justify]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ظاهر ۽ باطن

    بيشڪ سائين اهڙي ئي نموني مالڪ سائين پڻ هر هڪ انسان ۾ هڪ خوبي عطا ڪئي آهي ۽
    اسان کي گهرجي ته هڪ ٻئي جو احترام ۽ قدر ڪريون

    لک لائق سائين ابڙا صاحب

    سدائين گڏ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ظاهر ۽ باطن

    [justify]محترم سائين وحيد ڦلپوٽا صاحب، لک ٿورا ليک پسند ڪرڻ جا، بيشڪ اسان جيستائين هڪٻئي جو احترام ۽ هر هڪ جو قدر ڪرڻ نه سکنداسون تيستائين انصاف ڪري نه سگهنداسون،

    ٻي ڳالهه جيڪا هن آکاڻي ۾ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيل آهي سا آهي ته ڪنهنجي ظاهري خوبصورتي کان متاثر ٿي انجي پوئواري ڪرڻ ۽ ڪنهنجي ظاهري بدصورتي ڏسي انکان نفرت ڪرڻ نه گهرجي ۔۔۔

    ممڪن جيڪا شئي ظاهري خوبصورت آهي اها اندران بدصورت هجي ۽ ممڪن ظاهر ۾ بدصورت هجي پر اندر ۾ خوبصورت ۔۔۔

    جيئن سهڻا ٽوهه پٽن تي هوندا آهن پر اندر ۾ زهر ڀريل هوندو اٿن ۽ ساڳي طرح ڪرڙ ڪانڊيرا ڏسڻ ۾ بدصورت هوندا آهن پر سندن ميوو مٺو هوندو آهي ۔۔۔ ساڳي طرح ڪجهه انسان به اهڙا هوندا آهن جو ٻاهر ۾ ته ٺٺ ٺانگر ڪري پيا هلندا آهن پر اندر مڙوئي اڳڙيون هوندو اٿن ۽ ڪي فقير ماڻهون ڏسڻ ۾ ته سادا هوندا آهن پر اندر ۾ سون ڀريل هوندو اٿن ۔۔۔

    انڪري اسانکي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هر ماڻهون جي پرک ڪرڻي آهي ۽ پنهنجي ايمان کي مضبوط ڪرڻو آهي ته جيئن ٻين کي سڃاڻي سگهون ۔۔۔

    رب العالمين اسانجي علم ۾ اضافو فرمائي ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  10. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ظاهر ۽ باطن

    ممڪن جيڪا شئي ظاهري خوبصورت آهي اها اندران بدصورت هجي ۽ ممڪن ظاهر ۾ بدصورت هجي پر اندر ۾ خوبصورت ۔۔۔

    جيئن سهڻا ٽوهه پٽن تي هوندا آهن پر اندر ۾ زهر ڀريل هوندو اٿن ۽ ساڳي طرح ڪرڙ ڪانڊيرا ڏسڻ ۾ بدصورت هوندا آهن پر سندن ميوو مٺو هوندو آهي ۔۔۔ ساڳي طرح ڪجهه انسان به اهڙا هوندا آهن جو ٻاهر ۾ ته ٺٺ ٺانگر ڪري پيا هلندا آهن پر اندر مڙوئي اڳڙيون هوندو اٿن ۽ ڪي فقير ماڻهون ڏسڻ ۾ ته سادا هوندا آهن پر اندر ۾ سون ڀريل هوندو اٿن ۔۔۔




    سبحان الله ۔ادا ڇا ته توهانجا زبردست ويچار آهن۔اسان ته اڳئي توهان جي اڻٿڪ محنتن ۽ بامعنئ ليکن کان تمام گهڻا متاثر آهيون۔توهان پنهنجي ليکن جي ذريعي جيڪي تعميري اصلاح هن آڳڻ جي ڪينوس تي چٽي رهيا آهيو ان جو صلو توهان کي الله سبحان تعالئ ڏيندا۔ان تي اسان کي ڪامل يقين آهي۔الله پاڪ هميشه توهان جو حامي ۽ ناصر رهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    ادا بهترين سمجهاڻي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اصل ۾ ظاهر ڀلي اڻوڻندڙ هجي مگر سيرت سهڻي هئڻ گهرجي ، سيدنا بلال حبشي رضي الله عنه جن جو رنگ مبارڪ مشڪي هيو ، دنيا ۾ چار واقعا وقت رڪجي وڃڻ جا معروف آهن ، انهن مان هڪ هي هيو ته سيدنا بلال رضي الله عنه جن آذان نه ڏني هئي ۽ وقت رڪجي ويو هيو! محبوب ڪريم صلي الله عليه وسلم جڏهن معراج تي تشريف فرما هئا ته اتي سيدنا بلال جي جتي جو آواز ٻڌو هئائون!
    ماڻهون سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجھ
    اچي بو بهار جي!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    تمام سٺي ونڊ آهي هر شئي قيمتي آهي ڪابه چيز بيڪار ناهي هوندي
    جيئن وڏڙن کان توڻين ڪتابن ۾ پڙهيو آهي
    شينهن ،چوهي واري ڪهاڻي جنهن ۾ شينهن چوهي کي لاچار سمجهندو آهي مگر چوهو ڄال ٽڪي شينهن کي آزاد ڪندو آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    نهايت بهترين سڄنن جو ڳالهيون۔۔هنياءءُ سان هنڊائڻ جهڙيون۔۔مون وٽ هڪ ڪتاب آهي۔ ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون اميد ته ڪجهه ڏينهن ۾ ان مان چونڊ ڪهاڻيون اوهان سان ونڊ ڪندس۔۔ان ۾ به ڪيتريون ئي سبق آموز ڪهاڻيون موجود آهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو