ادا سليمان ،توهان دوستي جي معنئ پڇي آهي۔ خليل جبران دوستي جي تعريف هن طرح ڪئي آهي;-پهاڙي جي چوٽي کان بلندي وٺي،سمنڊ جي پاتال کان گهرائي وٺي،آبشارن/جهرنن کان ترنم وٺي،سج کان روشني وٺي،چنڊ کان چانڊوڪي وٺي،صبح کان تازگي وٺي، زمين کان محبت وٺي ،ماکي کان مٺاڻ وٺي ۽ گل کان خوشبو وٺي جنهن رشتي کي وجود ۾ آندو ويو آهي ۔اهُو دوستي آهي۔ دوست جي پرک ،دوست جي مصبيت وقت هوندي آهي۔(A FRIEND IS NEED , A FRIEND INDEED) ته عام چوڻي آهي۔ روس جڏهن پرتگال تي قبضو ڪيو۔ته هنن جي فوجن پرتگالن تي ڏاڍا ظلم ڪيا ۔هڪ ڏينهن هڪ هوٽل ۾ ڪجه پرتگالي ۽ رشين آرمي جا ماڻهو ويٺا هئا۔رشين پرتگالن کان پڇو ته هو هنن کي ڀاء ٿا سمجهان يا دوست۔پرتگالن هڪدم جواب ڏنو۔ڀاء جيڪو الله سائين جي طرف آهي جهڙو به هجي قبول ڪرڻ آهي۔جڏهن ته دوست ته سوچي سمجهي ٺاهبا آهن۔ هڪ ڏاهي جو فرمان آهي ته پنهنجون خوشيون بدلي ڇڏيو پر دوست ڪڏهن به نه۔ان مان صاف ظاهر آهي ته دوستي جي ڪيڏي اهميت آهي۔ اها به تمام پراڻي چوڻي آهي ته۔،انسان پنهنجي دوستن مان سڃاتو ويندوآهي۔*A man is known to company which he keeps* دوستي هڪ لازول رشتو آهي۔جيڪڏهن دوست توهان سان وفادر ۽مخلص آهي ته توهان کي ڪنهن غم ڪرڻ جي ضروت نه آهي۔پر جيڪڏهن دوست انجي ابتڙ آهي ته اوهان کي دشمن جي ضرورت نه آهي۔سٺا دوست هر انسان جي جو قيمتي اثاثو آهن۔
جواب: اداسليمان دوستي اسانجي نظر ۾ تمام بهترين ادا جي ادا اوهان جو نالو تمام وڏو آهي جي اجازت ڏيو ته ان کي سنڌي ۾ لکون ۽ ان کي سنڌي ڪيون
جواب: اداسليمان دوستي اسانجي نظر ۾ بلڪل ادا اسان کي پاڻ ڪرڻ نه پئي آيو نه ته ڪڏهن جو ڪري ڇڏيون هان۔پر ڇا ان سان اسان جي لاگ آن ٿيڻ لاء اڊينٽي ته چينج نه ٿي ويندي۔
جواب: اداسليمان دوستي اسانجي نظر ۾ ادا اوهان جو نالو غلام مصطفي ميمڻ آهي ان نالي سان لاگ ان ٿيو باقي اوهان جي نالي واري سڀ شي اوهان جي نالي تي ئي هوندي نالو چينج ڪري ڇڏيو آهي ۔
جواب: اداسليمان دوستي اسانجي نظر ۾ واقعي به سائين ميمڻ صاحب ته دوستي هڪ لازوال رشتو آهي انهي جو قدر ڪنهن ڪنهن ماڻهو کي هوندو آهي بهترين شيئرنگ آهي توهان جي جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: اداسليمان دوستي اسانجي نظر ۾ سائين سليمان وساٍڻ جو سوال ۽ غلام مصطفي صاحب جن جو جواب ۔۔۔ تمام سهڻا اقوال آهن دوستي تي ۔۔۔ اوهان سڀ دوست دوستي کان واقف به آهيو ۽ ان رشتي جي اهميت کان به ڀلي ڀت خبر رکوٿا ۔۔۔۔ دوستي به هڪ اهڙو رشتو آهي جنهنکي جادوئي رشتو چئجي ۔۔۔ جو جيترو به ان بابت لکجي ته گهٽ آهي ۔۔۔ رت جي رشتن ۾ پڻ دوستي ڳولهي ويندي آهي ۽ پرکيو ويندو آهي، رت جي رشتن ۾ به دوستي ناهي ته رشتا ته آهن پر انهن جو مٺاس اڌورو ۔۔۔ اوهان جيڪڏهن وڌيڪ دوستيءَ تي ڪجهه خيال دوستن جا پڙهڻ گهرو ته حاضر آهي هيٺ هڪ لنڪ؛دوستي زنده آباد
جواب: اداسليمان دوستي اسانجي نظر ۾ ادا دوست غلام مصطفى اوهان جي دوستي ۽ مضمون دوست جي ڇا ڳالھ ڪجي ، تمام سهڻا قول هڪ هند گڏ ڪري ونڊ ڪرڻ لا اوهان جا ٿورائتا آهيون ، شل الله اهي دوستيون تا قيامت قائم دائم رکي ، ادا علي علي کي به شابش هجي جن اوهان جو نالو سنڌي ۾ تبديل ڪيو آهي ،
جواب: اداسليمان دوستي اسانجي نظر ۾ ادا علي علي اسان آوهان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جو توهان پنهنجي مصروفيتن مان ٽائيم ڪڍي اسان جو نالو انگريزي مان سنڌي ٻولي ۾ تبديل ڪيو آهي۔مهرباني پيارا ادا جنهن جو دل شاعرن وانگر تمام گهڻو حساس ۽نازڪ آهي۔جيڪو هن جي شاعري مان عڪس ڪري سگهجي ٿو۔