غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
ادا سليمان ،توهان دوستي جي معنئ پڇي آهي۔
خليل جبران دوستي جي تعريف هن طرح ڪئي آهي;-پهاڙي جي چوٽي کان بلندي وٺي،سمنڊ جي پاتال کان گهرائي وٺي،آبشارن/جهرنن کان ترنم وٺي،سج کان روشني وٺي،چنڊ کان چانڊوڪي وٺي،صبح کان تازگي وٺي، زمين کان محبت وٺي ،ماکي کان مٺاڻ وٺي ۽ گل کان خوشبو وٺي جنهن رشتي کي وجود ۾ آندو ويو آهي ۔اهُو دوستي آهي۔
دوست جي پرک ،دوست جي مصبيت وقت هوندي آهي۔(A FRIEND IS NEED , A FRIEND INDEED) ته عام چوڻي آهي۔
روس جڏهن پرتگال تي قبضو ڪيو۔ته هنن جي فوجن پرتگالن تي ڏاڍا ظلم ڪيا ۔هڪ ڏينهن هڪ هوٽل ۾ ڪجه پرتگالي ۽ رشين آرمي جا ماڻهو ويٺا هئا۔رشين پرتگالن کان پڇو ته هو هنن کي ڀاء ٿا سمجهان يا دوست۔پرتگالن هڪدم جواب ڏنو۔ڀاء جيڪو الله سائين جي طرف آهي جهڙو به هجي قبول ڪرڻ آهي۔جڏهن ته دوست ته سوچي سمجهي ٺاهبا آهن۔
هڪ ڏاهي جو فرمان آهي ته پنهنجون خوشيون بدلي ڇڏيو پر دوست ڪڏهن به نه۔ان مان صاف ظاهر آهي ته دوستي جي ڪيڏي اهميت آهي۔
اها به تمام پراڻي چوڻي آهي ته۔،انسان پنهنجي دوستن مان سڃاتو ويندوآهي۔*A man is known to company which he keeps*
دوستي هڪ لازول رشتو آهي۔جيڪڏهن دوست توهان سان وفادر ۽مخلص آهي ته توهان کي ڪنهن غم ڪرڻ جي ضروت نه آهي۔پر جيڪڏهن دوست انجي ابتڙ آهي ته اوهان کي دشمن جي ضرورت نه آهي۔سٺا دوست هر انسان جي جو قيمتي اثاثو آهن۔