مائي الھوسائي پنهنجي دور جي مشهور سنڌي لوڪ ڳائڻي هئي۔ سندس ڳايل هڪ ڪلام جيڪو اڃان تائين پنهنجي مقبوليت جي انتها تي آهي اهو پيش ٿو ڪجي۔ جيتوڻيڪ هاڻي گهڻن فنڪارن ان کي ڳايو آهي۔ پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي ، نيٺ انسان آ انسان به مٽجي ٿو وڃي مائي الهوسائي جو ڳايل http://www.youtube.com/watch?v=ruVdK-VumaI صنم ماروي جو ڳايل http://www.youtube.com/watch?v=NLo_h-w6q_I الهڏنو خاصخيلي جي آواز ۾ ڳايل http://www.youtube.com/watch?v=ouRoN6KIhFM آفتاب فتح جي آواز ۾ ڳايل http://www.youtube.com/watch?v=Khh3PE_2bTw
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) زبر دست ادا تمام سٺي ونڊآهي _ڏاڍو مزو آيو
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) ادا سليمان استاد بخاري جي شاعري تمام پياري لڳي۔۔۔۔ آواز ٻين جا به سريلا آهن پر مائي الهه وسائي جو آواز انهن سڀنين کان منفرد ۽ ٺهڪندڙ لڳو۔۔۔۔ مائي الهه وسائي سان منهنجي دوست سائين گلزار احمد ڪلهوڙو صاحب ادا اعظم ميمڻ جي مڱڻي جي موقعي تي انٽرويو ورتو هئو شايد سائين گلزار ڪلهوڙو جن وٽ قلمبند هجي اميد ته جڏهن منهنجو ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته هتي سنگت سان ضرور ونڊ ڪبو۔۔۔۔۔
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) واه سائين وساڻ صاحب مهربانيون تما م سٺي ونڊ
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) ادا زاهد مهرباني بلڪل مائي الھ وسائي جو پنهنجو منفرد مقام ۽ آواز آهي۔ اوهان جيڪڏهن اهو انٽرويو سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو ته اوهان جا ٿورا ٿيندا۔
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) ادا سليمان! اھڙين تاريخي شين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ مھرباني ،اميد ته جاکوڙ جاري رھندي۔
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) سائين چانڊيو صاحب همت افزائي لاء مهربانيون
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) مان جو درياءُ هوندي به تتيءَ ٿڌيءَ ڌوڪيندو واريءَ ۾ لٽجندو هيٺاهين ۾ رڙهندو مٿاهين تان ڪرندو پٿرن سان مٿو ٽڪرائيندو ڪنڊن ڪانيرن سان وڙهندو پر پوءِ به رات جي نرم نرم خاموشين کي مڌم سُرن جا گيت ٻڌائيندو اڳتي ئي اڳتي وڌندو رهان ٿو سو رڳو ان لاءِ ته جيئن تو ۾ سمائجي سگهان تون جو سمنڊ آن نامعلوم
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) مان جو درياءُ هوندي به تتيءَ ٿڌيءَ ڌوڪيندو واريءَ ۾ لٽجندو هيٺاهين ۾ رڙهندو مٿاهين تان ڪرندو پٿرن سان مٿو ٽڪرائيندو ڪنڊن ڪانيرن سان وڙهندو پر پوءِ به رات جي نرم نرم خاموشين کي مڌم سُرن جا گيت ٻڌائيندو اڳتي ئي اڳتي وڌندو رهان ٿو سو رڳو ان لاءِ ته جيئن تو ۾ سمائجي سگهان تون جو سمنڊ آن
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) واه يار علي اصل واه واه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن ته صفا علم جو سمنڊ لڳندو آهين يار ۔۔۔۔۔ مهرباني سهڻي سٽن پيش ڪرڻ جي
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) يار ڇڏ ان ڳاله کي ان وقت ٻڌائيدوسانء ان موضوع جي مناسبت سان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن وقت ته دل واه واه پئي ڪري
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) يار اوهان جي مرضي بابا پر يار دل واه ٿي ڪري ته واه واه ڪرڻ ڏينس دل جو ڪهڙو ڀروسو بابا ڪصڏص مهل به ڪم ڇڏص وڃي هههههه جهوني انجڻ وانگر
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) ڇا هي لفظ سچ پچ به علي علي جا آهن ۔۔؟؟؟؟؟؟؟؟ جي ها ته پو ۔۔۔ سنڌ سلامت جا دوستو۔ مٺايون ورهايو، جو دوست تمام مٿي چڙهي ويو آهي، هنن لفظن ۾ ته هڪ مفڪر، هڪ ڏاهي ۽ هڪ سچي عاشق جون سوچون نظر پيون اچن ۔۔۔ مبارڪون ۔۔۔ واڌايون ڀلو ڙي ڀلو ۔۔۔
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) واه ادا علي بهترين ڪم پيو هلي
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) خوبصورت ادا! مزو اچي ويو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!
جواب: پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي (مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل) سائين سجاد سرور صاحب لک مهربانيون
ادا مھرباني ڪري ھي نظم مڪمل ڪريو پيار درياءُ آ ، درياءُ به لَٽجي ٿو وڃي ، نيٺ انسان آ انسان به مٽجي ٿو وڃي