ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ‌مينيو جي متعلق معلومات۔۔

'ڪورل ڊرا' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    ڪورل ڊرا ۾ هر سافٽ ويئر وانگر هڪ ٽيڪسٽ مينيو موجود آهي جنهن ۾ موجود مختلف آپشنز جي مدد سان اسان ٽيڪسٽ کي نئون رنگ ڍنگ ڏئي سگهون ٿا، ان جو اسٽائل مٽائي سگهون ٿا، لفظن ۽ حرفن جي تعداد ڄاڻي سگهون ٿا (جيڪا اسان کي مختلف ڊزائينون تيار ڪرڻ‌ ۾ ڪم اچي ٿي۔۔) ان کان علاوه مختلف اسپيل چيڪنگ جون سهولتون به اسان کي هن مان ملن ٿيون۔۔​

    [​IMG]
    آپشن هن ريت آهن۔
    جن دوستن ايم ايس آفيس استعمال ڪئي آهن انهن کي هنن آپشنن بابت شايد ڪجهه ٻڌائڻ‌ جي ضروت نه آهي،

    ڪريڪٽر فارميٽنگ: اکرن جي ڪلر، سائيز ۽ فونٽ سيٽنگ لاءِ۔۔۔

    پيراگراف فارميٽنگ: پيراگراف جي انڊينٽ، سائيز ۽ مختلف عنصر ڄاڻائڻ‌لاءِ ۔۔۔

    ٽيبس: انڊينٽ سيٽ ڪرڻ‌لاءِ

    ڪالم: ڪالمن جي تعداد ۽ سائيز ڄاڻائڻ‌لاءِ

    بليٽس: نمبرنگ وغيره لاءِ

    ڊراپ ڪيپس: يعني ڪنهن به لائن يا پيراگراف جو پهريون اکر وڏو ڪري ڏيکارڻ (اها سهولت فقط انگريزي زبان لاءِ آهي)

    ايڊٽ ٽيڪسٽ: مطلب جيڪو ٽيڪسٽ پيج تي موجود آهي ان کي هڪ الڳ ننڍڙي ونڊو ۾ ايڊٽ ڪرڻ لاءِ ته جيئن لفظ جانچڻ‌ ۽ لکڻ‌ ۾ سولائي ٿئي۔۔(ڪنٽرول+شفٽ+T سان پڻ‌ هي آپشن کلي ويندو)

    انسرٽ سمبل ڪريڪٽر: يعني اوهان جي ٽيڪسٽ جي اندر يا ڪيبورڊ‌جي اندر ڪو لفظ دستياب نه آهي ته ان کي اوهان هن آپشن جي ذريعي کُلندڙ هن باڪس مان سليڪٽ ڪري جملي جي اندر انسرٽ ڪري سگهو ٿا۔۔

    [​IMG]
    فِٽ ٽيڪسٽ ٽُو پاٿ: اسان جو اڳلو سبق ان ئي ٽُول تي هوندو۔۔ هن جي مدد سان اوهان پنهنجي ٽيڪسٽ کي ڪنهن به ڊزائين (گول، چورس، مستطيل، ٽڪنڊو) وغيره سان ڳنڍي دلچسپ ڊزائين تيار ڪري سگهو ٿا۔۔

    ورائيٽنگ ٽولس: هن آپشن جي ذريعي اوهان گرامر جي غلطين ۽ اسپيل چيڪنگ سان پنهنجي ڊاڪومنٽ‌کي چيڪ ڪري سگهو ٿا ، پر سنڌي لاءِ هن آپشن جو ڪو فائدو ناهي۔۔

    ٽيڪسٽ اسٽيٽڪس: هن آپشن جي مدد سان اوهان کي خبر پوندي ته اوهان جي ڊاڪومنٽ‌جي اندر اکر ڪيترا آهن، لفظ ڪيترا آهن ۽ حرف ڪيترا آهن، ڪهڙو فونٽ ڪهڙو اسٽائل استعمال ٿئي پيو۔۔۔

    [​IMG]

    اميد ته دوستن کي هي سمجهاڻي ۽ معلومات پسند آئي هوندي۔۔​
    [/JUSTIFY]
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ‌مينيو جي متعلق معلومات۔۔

    سائين توهان جي سمجهاڻي بالڪل لا جواب آهي اميد ته ايندڙ سبق ۾ اڃا به وڌيڪ ڪجهه سکڻ لاء ملندو الله توهان کي سلامت رکي.

    هڪ عرض ته
    هن سبق مطابق ٽيڪسٽ اسٽيٽڪس ۾ فونٽ جو نالو صحيح نظر نه ٿو اچي ڪو به فونٽ تبديل ٿيڻ باوجود فونٽ Andalus ٻڌائي ٿو انجي متعلق اگر ڪجهه وضاحت هجي ته ٻڌائيندا
     
  3. رمضان ترڪ

    رمضان ترڪ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    278
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ‌مينيو جي متعلق معلومات۔۔

    تمام سٺي ڪوشش آهي
     
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ‌مينيو جي متعلق معلومات۔۔

    تمام بهتر ادا
     
  5. Rab Nawaz Dars

    Rab Nawaz Dars
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مارچ 2011
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Reading
    ماڳ:
    Dhilyar
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ‌مينيو جي متعلق معلومات۔۔

    مهرباني ادا
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ‌مينيو جي متعلق معلومات۔۔

    ادا استاد۔۔۔مون ته اهو ڪورل ڊرا هڪڙو ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪيو هو۔۔پر پي سي جا حال ئي پورا ڪري ڇڏيائين۔۔۔سائين ڪا ڊائونلوڊ جي لنڪ اوهان وٽ آهي۔۔يا ڪو سٺو ورجن۔۔جيڪو اوهان پاڻ يوز ڪندا آهيو۔۔۔ته ڏيجو۔۔۔ادا
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ‌مينيو جي متعلق معلومات۔۔


    سائين مون وٽ ته ڪڏهن اهو مسئلو نه ٿيو آهي، توهان هيٺئين تصوير ۾ پاڻ ڏسي سگهو ٿا۔۔

    [​IMG]

    توهان وٽ ڪورل ڊرا جو ورزن ڪهڙو آهي، اهو ٻڌايو ٿي سگهي ٿو ان ۾ ڪو مسئلو نه هجي۔۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ‌مينيو جي متعلق معلومات۔۔



    دوستن جي مهرباني جن هن موضوع کي پسند ڪيو
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ‌مينيو جي متعلق معلومات۔۔

    عاشق مجبور جي لاءِ‌مون خاص طور تي 33 ميگابائيٽ جو پورٽيبل ڪورل ڊرا آندو آهي جيڪو ورجن 13 آهي، مطلب ته بهترين آهي۔۔۔ اميد ته توهان کي پسند ايندو

    ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي اچو
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ‌مينيو جي متعلق معلومات۔۔

    سائين اوهان واري تصوير مطابق بالڪل درست آهي مون وٽ ڪورل 9 آهي ٿي سگهي ٿو ته ڪورل يا ونڊو جو ڪو فالٽ هجي لينگيوئيج سليڪشن جو ته ڪو مسئلو نه ٿو ٿي سگهي؟
    بهرحال اوهان جي معلومات بالڪل درست آهي ڪوشش ڪري ان فالٽ کي هٿ ڪبو. انشآء الله.
    جواب ڏيڻ لاء توهان جي مهرباني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو