ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو​


    منير چانڊيو
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب سنڌ جو هڪ محب وطن ۽ انسان دوست اديب، سياستدان، صحافي، استاد ۽ سماج سڌارڪ هو. جنهن سنڌ ۾ پورهيت، مظلوم ۽ محڪوم عوام جي حقن لاءِ ۽ جاگيرداراڻي ۽ طبقاتي نظام جي ظلم، جبر، ڏاڍ ، ڏهڪاءَ ۽ ٻين سمورين بڇڙاين جي خلاف جدوجھد ڪئي. هن سنڌ ۾ علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ قومي نئين سجاڳيءَ لاءِ ۽ سماجي انصاف ۽ برابريءَ لاءِ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو 2 آگسٽ 1924ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ زميندار قادر بخش خان ابڙي جي گھر ۾ پيدا ٿيو. اولاد ۾ سڪيلڌو پٽ هو. هو اڃان ننڍو ئي هو ته سندس والد گذاري ويو. جنهن کان پوءِ مٿس وڏيءَ ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي جي شفقت ۽ محبت رهي. سندس ڀيڻيوو محمد عثمان ميمڻ هڪ پوليس آفيسر هو، جنهن کي پنهنجي اولاد نه هئي، ان ڪري هن کيس پنهنجي اولاد جيئن پاليو ۽ پنهنجين محبتن جو مرڪز بڻائي ڇڏيائين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي ان ئي عالم فاضل ڀيڻ وٽان پرائي، جيڪا سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ جي به سٺي ڄاڻو هئي. ان کان پوءِ پرائمري تعليم قمبر مان حاصل ڪيائين، پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر ۾ داخل ٿيو، جيڪو ان وقت پنهنجي تعليمي معيار جي ڪري گھڻو مشهور هو، جتي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ اديب تعليم پرائي چڪا هئا. سندس ڀيڻيوي جي پوليس کاتي ۾ نوڪري هجڻ جي ڪري مختلف شهرن ۾ بدلي ٿيندي رهندي هئي. ان ڪري هن قمبر هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ رهي ترتيب سان تعليم پرائي. ان کان پوءِ هن مدرسه هاءِ اسڪول ۾ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي، ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ڊي.جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رهندي هو ريڊيو ڪراچيءَ تي نيوز ڪاسٽر مقرر ٿيو ۽ ڪيتري ئي وقت تائين پنهنجي وڻندڙ، صاف ۽ گونجدار آواز ۾ خبرون پڙهندو رهيو. ڪراچيءَ مان واپسيءَ کان پوءِ ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو، پر سندس شخصيت کي اهو شعبو راس نه آيو، پوءِ ڪراچيءَ مان ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ هو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بدلي ٿي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو ۽ هر هنڌ قانون جي گھري ڄاڻ جي ڪري پنهنجو اهڙو ڌاڪو ڄمائيندو رهيو، جو ان قاعدي ۽ قانون جي ڄاڻ جي ڪري 1972ع ۾ کيس ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج بڻايو ويو. 1978ع ۾ ترقي ڪري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس جج مقرر ٿيو.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شادي بيگم حاڪمزادي ميمڻ سان ٿي. جنهن مان کيس چئن نيڪ نياڻين ۽ پنجن پٽن جو صالح اولاد ٿيو. سندس وڏي نياڻي خالده ابڙو آهي، جنهن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي، هن جي شادي محمد صديق ميمڻ سان ٿي آهي. جيڪو ڀان سيد آباد جو زميندار آهي ۽ گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ ناظم پڻ رهيو آهي. سندس ٻي نياڻي ڊاڪٽر عابده ابڙو آهي، جيڪا سرڪائوسجي جھانگير انسٽيٽيوٽ آف سائيڪياٽري حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر آهي، سندس شادي ڊاڪٽر نجيب ميمڻ سان ٿي، جيڪو لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ ميڊيڪل سائنس ڄامشوري ۾ پروفيسر آهي. سندس ٽئين نياڻي شاهده پروين آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ حيدرآباد ريجن جي پرائيويٽ اسڪولس ۽ ڪاليجز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي، هن جي شادي ڪوآپريٽيو هائوسنگ سوسائٽي جي رجسٽرار ساجد سرهيي سان ٿي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي چوٿين نياڻي سنڌ جي نوجوان شاعره، ڪالم نويسه ۽ مهراڻ ٽي وي جي عورتن جي پروگرام ’بنتِ هوا‘ جي ميزبان زاهده تاج ابڙو آهي. هوءَ حيدرآباد جي هڪ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ مسلم هسٽري مضمون جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهي. سندس شادي ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ سان ٿي. جيڪو سول اسپتال حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ آهي.ان کان پوءِ سندس صالح پٽن ۾ سنڌ جو نوجوان ڪالم نويس ۽ اديب مير نادر علي ابڙو آهي. جيڪو سنڌ جي 50 کان مٿي معروف ۽ ڪُنڊائيتن شخصيتن ۽ ايتري ئي تعداد ۾ ٻين سماجي ۽ ادبي موضوعن تي لکي چڪو آهي. جيڪو اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ سرڪل آفيسر آهي. ان کان پوءِ سندس ٻيون پٽ حيدر علي ابڙو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪري ٿو. سندس ٽيون پٽ گوهر علي ابڙو گورنمينٽ ڪاليج مٽياري ۾ پوليٽيڪل سائنس مضمون جو ليڪچرار آهي. سندس چوٿون فرزند مظهر علي ابڙو آهي جيڪو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني آهي. سندس آخري فرزند ذوالفقار علي ابڙو آهي، جيڪو پڻ لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت ڪري ٿو.ان مان چڱيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو.جيئن جيئن ڪامريڊ جي شخصيت جا علمي، ادبي، سياسي، صحافتي ۽ سماجي پاسا وڌيڪ نروار ٿيندا ويندا، ساڻس بي پناهه محبت ۽ احترام پيدا ٿيندو ويندو. هو پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ ڏاڍو نرالو انسان هو، ۽ سندس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ جدوجھد ته غير معمولي هئي، پر سندس ذاتي سڀاءُ ۽ طبعيت جي وڏائي به ڏسڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لائق آهي. ڊاڪٽرا ياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندوهو مانس’تيل کانسواءِ ڏيئو نه ٻرندو،‘ پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل سان ٿا پاليون، اخبار جي عياشي نه ڪري سگھنداسين ۽ هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا دوستن کان هٿ ڪري ’نوجوان‘ نالي سان هڪ اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين. ‘
    ان مٿين ٽڪري کي پڙهڻ سان گڏ ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي ئي لکيل هن ٻئي ٽڪري کي پڙهو ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي وڏائي ۽ عظمت جو اندازو لڳايو.’تاج محمد ابڙي جي ڪوشش سان سال 1956ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبدالطيف جي ورسي ملهائي وئي. جيتوڻيڪ ورسي جو سڄو سمورو بندوبست هن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو ، پر جيڪي دعوت نامه جاري ڪيا ويا منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. مان سمجھان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن به نٿي هئي.‘سوچجي ٿو ته هو ڇا ته شخص هو! اصل ۾ جن ماڻهن کي پنهنجي نالي جي بُک نه هوندي آهي، اهي ئي حقيقي وڏا ماڻهو هوندا آهن. اهڙي اخلاقي عظمت اڪثر سائين محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ جامي چانڊيي جھڙي آدرشي انسانن ۾ به ڏسڻ ۾ ايندي آهي. جيڪي پنهنجي وطن، پنهنجي قوم ۽ پوري عالمِ انسان جي بهتريءَ لاءِ پردي پٺيان ۽ پردي اڳيان اهڙا اڻ ڳڻيا قدم پئي کڻندا رهيا آهن، جن سان ملي ناڪاره کان ناڪاره ماڻهو به پنهنجي وطن ۽ پنهنجي عوام لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ عملي طور تيار ٿي ويندو آهي.تنوير عباسي صاحب لکي ٿو ته: ’ون يونٽ جو اونداهو دور هيو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. .... تاج محمد ابڙو وڪيل هيو پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هيو، ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو .هو رڳو پڙهڻ وارو هو ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، ۽ بعد ۾ پي پي، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي بحالي ۽ آجپي جي لاءِ ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.‘ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انسانذات سان روح جو اٽوٽ رشتو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي زندگيءَ جو سمورو شعوري عرصو غريب، مظلوم، پورهيت ۽ هاري عوام لاءِ عملي جدوجھد ڪندي گذاريو، پنهنجي هڙان وڙان ادبي ۽ صحافتي شعبن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته: منهنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀَل ڀلما نَس وانگر، پنهنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو ــ ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان، نفرت ۽ وڏائيءَ کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجھاري ۽ انتشار کان، ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوريءَ محڪمتا سان واڳيل رهيو.‘ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب شخصي حوالي کان پڻ انتهائي اعليٰ ۽ وڏ ماڻهپي وارو انسان هيو. سائين انيس انصاري صاحب لکي ٿو ته:’پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگھور لهندو هو، کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سٺي سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو.‘ اها ڳالهه پڙهي سوچيو ته اڄ جي دور ۾ جتي ڪنهن غريب کي رڳو غربت جي ڪري انسان ئي نٿو سمجھيو وڃي ۽ ساڻس بلڪل نامناسب رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙا رويا اسان جا ڪيترائي نام نهاد اديب ۽ شاعر وغيره پڻ رکندا اچن، اتي هن ماڻهوءَ جو ماڻهپو ڪيترو عظيم آهي. ان ئي حوالي سان سائين انيس انصاري صاحب جون لکيل ٻه ڳالهيون ٻيون به ڏاڍيون اعليٰ آدرشي لڳيون: ’سکر ۾ ابڙي صاحب جي گھر مان چوري ٿي وئي، چور سڄو گھر ٻهاري ويا، چوريءَ ۾ تاج محمد ابڙي جي گھر واري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگھي، البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گھر آندا ته تاج محمد پنهجي گھر تاڪيد سان چيو ته هو صرف پنهنجا زيور پنهنجا ڪن پروان تي هٿ نه رکن، انهن زيورن ۾ ڪوبه زيور سندس ڪو نه هو، ان ڪري پنهنجو نه ڪيائون.‘ان واقعي کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهي سچ ته ڪيترو ئي وقت هن عظيم انسان جي باري ۾ سوچيندو رهجي ٿو. ۽ سندس سچائيءَ تي بي پناهه پيار ايندو رهي ٿو.اڄ جي دور ۾ جڏهن ڪنهن مسجد مان ڪو هيروئني ڪنهن نمازيءَ جي چپل چورائي ايندو آهي ته اهو وري ٻئي جماعتيءَ جي چپل پائي ايندو آهي، پر هن اڏول شخص جي اخلاقي سطح ته ڏسو! گھر آيل زيور موٽائي ڇڏيائين. هينئر جي سوچجي ته اسان مان اهڙا گھڻا ماڻهو اهڙو اخلاقي مظاهرو ڪري سگھن ٿا! هو پنهنجي وصيت نامي ۾ پنهنجي عيال کي هدايت ڪندي لکي ٿو ته ’منهنجا دوست ڪافي آهن، پر هر ڪنهن کي پنهنجا مسئلا در پيش آهن، تنهن ڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا، البته پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا، انهن جي هروقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندس اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا، کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا، ها البت ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته هو ان ۾ پوئتي پير نه ڏيندا، مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جن جو آئون شڪر گذار آهيان.‘سچ ته هن عظيم انسان جو هر عمل بنهه حيرت ۾ وجھندڙ آهي. اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي نالي چڙهيل اديبن، شاعرن ۽ ڪامريڊن کي سندن شخصي زندگيءَ ۾ جيترو ننڍڙو ڏٺو آهي اهو ڪنهن به نوجوان ليکڪ جي مايوس ٿيڻ لاءِ ڪافي آهي، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب الاءِ ته ڪهڙي جڳ جو ماڻهو هو! لطيف جي سر رامڪليءَ جو ڪو جيئرو جاڳندو ۽ حقيقي ڪردار هو؟ حضرت محمد صلعم جي انساني ڀلائيءَ واري پيغام جو عملي روپ هو؟ يا مارڪس جي پورهيت دوست فڪر جي عمل جو سچو پچو نادر شخص هو! هو اصل ۾ هو ڇا؟ پر يقيناَ هو اهو سڀ هو.نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جھان ۾
    ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندس ان ري. (شاهه)
    بشڪريه عبرت
     
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

    تمام سٺي معلومات آهي ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو