هڪ ڏينهن پپنو کي ماڻس چيو ته ”پُٽ! وڃ جهنگ مان ڪاٺيون ڪري اچ ته باهه ٻاري ماني ڪيون“ پپنو به ڪاڪي آچار جو پٽ هو يڪدم چيائين: ”نه امان نه! متان ڪهاڙي منهنجي پير تي ڪري پئي ۽ مان منڊو ٿي پوان ته پوءِ۔؟؟؟“ ماڻس کڻي ماٺ ڪئي، ڪاڪي آچار کي چيائين اهو وڃي ڪاٺيون ڪري آيو۔۔ ڪجهه دير کان پوءِ وري ماڻس چيس: ”پُٽ! وڃ کونهه مان پاڻي ڀري اچ ته ٻوڙ تيار ڪيون“ پپنو وري چيو! ”نه امان نه! متان مون کي ٿاٻو اچي وڃي، ۽ وڃي کونهه ۾ ڪري پوان ته پوءِ۔۔؟؟“ ماڻس وري ڊڄي وئي ! ”نه بابا پپنو تون ڀلي نه وڃ“ وري ڪاڪو آچار ڀري آيو۔۔ نيٺ ماني تيار ٿي۔۔ جڏهن ماڻس ماني کڻي آئي ته پهرين ڪاڪي آچار جي اڳيان رکيائين وري پپنوءَ لاءِماني ڪڍڻ لڳي ان کي سڏڻ لڳي ته ڪاڪي آچار چيو ته ”سڀاڳي! هن سدوري کي ماني نه ڏينس! متان گرهه به گلي ۾ نه ڦاسي پويس“ پپنو! ڀڄندو اچي مانيءَ جي ڀرسان ويٺو! چيائين۔ ۔” نه بابا نه ! مون اڳئي ٻه چوڻ امان جا نه ڪيان آهن مون کي قيامت ڪاري ٿوڙئي ڪرڻي آهي، هاڻي هي ٽيون چوڻ ضرور ڪندس ڀلي ڏسان ٿو ڪيئن ٿو گرهه گلي ۾ ڦاسي۔۔۔!!!!“
جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔ ادا مست بس يار انهي پپنو کي اهو آخري چوڻ ما جو نه مڃڻ تي ڊپ لڳو يا پنهنجي پيٽ جي لالچ هيس۔۔۔۔ تمام بهترين کلائيندڙ ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔۔۔۔ مهرباني
جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔ هاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔۔ واه جو فرمانبردار آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لڳي ٿو اسان واري جهوني جو شاگرد آهي
جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔ پپنو کي قيامت ڪاري ڪرائڻ ناهي ادا ان ڪري ماني کائدائين باقي نه ته ان کي ماني ضرورت نه هئي هههههههههههههههههههههههههههههه بهترين ونڊ آهي ادا مست جاري رکجو
جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔ هن قصي ۾ ٻه ڳالهيون آهن ؛ هڪ مذاح ٻيو اصلاح مذاح جي لحاظ کان به ڳالهه اهڙي جو ماڻهونءَ جو وات پٽجي وڃي ٿو ۽ کل وڃي ترا ٿي کڻي ۔۔۔ اصلاح جي لحاظ کان ننڍڙي لاءِ اسڪول جي نصابي ڪتاب ۾ هڪ قصو پڙهيو هو، ڪڪڙ ۽ ڏيڏر وارو ۔۔۔ جيڪو ڪمائي سو کائي ۔۔۔ هن قصي ۾ پڻ ساڳي ڳالهه سمجهايل آهي ته ڪي ماڻهون ڪم جي وقت ٽوٽي ٿي پوندا آهن ۽ فائدي وٺڻ وقت ڦڙت ٿي پوندا آهن ۔۔۔ بلڪل هن آکاڻيءَ ۾ پپنو پڻ اهڙي ئي ڪار تي ڪاربند ٿي پيءُ ماءُ کي ستائي ٿو ۽ جڏهن ماني کائڻ جو وقت آيو ته همراهه فرمانبردار ۔۔۔ سرائڪي ۾ به هڪ ڪهاوت آهي ۔۔۔ ”ڪم دي ويلي ٻرا ۔۔۔ کانوڻ دي ويلي، ٿالهي وڏي چا آوان يا ننڍي“ واه سائين مست، هڪ ڌڪ ۾ ٻه شڪار کل ڀوڳ ۾ ڳالهه وڏي ڪري ويا آهيو ۔۔۔
جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔ واھ سائين واھ ! پپنو ته ڪو منھنجي پٽن سان گڏ کيڏي سکيو ھو ، منھنجا پٽ به کائڻ جا کرا ، ڪم جا ٻرا ڪم ۽ پڙھڻ لاءِ چوين ته بخار چڙھيو وڃين، آءُ ڪراڙو مڙس سڄو ڏينھن سودي وٺڻ جي پويان ۽ ھنن کي وقت وڃائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ سجھي ئي نه۔
جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔ زاهد سائين اوهان جي مهرباني جو ايترن ڏينهن کان بعد سنڌ سلامت تي حاضر ٿيا آهيو۔۔ باقي پپنو ته ظاهر آهي پنهنجي پيٽ پوڄا ڪرڻ لاءِ اچي ويٺو نه ته چوڻ ڪرڻو هجيس ها ته پهريون چوڻ ئي ڪري وٺي ها۔۔۔
جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔ فقير سائين! همراهه ماني نه کائي ته اصل قيامت ڪري ڏئي۔۔۔۔ شڪر ٿيو جو ماني کاڌائين۔۔
جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔ سائين منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش کي پنهنجي سمجهاڻيءَ ذريعي بهترين بڻائڻ جي مهرباني۔۔۔
جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔ سائين اوهان سان همدردي آهي، ان سلسلي ۾ اسان انٽرنيشنل فقير کي گذارش ٿا ڪريون ته سائين کي ڪو ڦيڻو پڙهي ڏئي ته سندن ٻارن تي وڃي دم ڪري۔۔۔ نه ته همراهه اسان وارو وقت کان اڳ جهونو ٿي ويندو۔۔ سنڌ سلامت تي اونئن ئي جهونا وڌندا پيا وڃن۔۔۔