• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انساني زندگيءَ جو اوائلي عڪس ( ماڻهو، انسان جي تاريخ )

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
انساني زندگيءَ جو اوائلي عڪس ( ماڻهو، انسان جي تاريخ )​

انساني زندگيءَ جو اوائلي عڪس.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي، ”چارلس ڊارون، ڊيسمنڊ مورس کان وٺي ايلن مورگن ۽ گرڊالرفر تائين انساني ارتقا بابت سندن نظريا، سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته انسان چئن پيرن واري جانور وارو دور گذاري ٻن پيرن واري باندر نما جانور بعد انساني شڪل اختيار ڪئي آهي. چارلس ڊارون پهريون ماڻهو آهي جنهن سائنسي بنيادن تي پهريون انساني ارتقائي نظريو ڏنو.“ڊارون پنهنجي ڪتاب ۾ انسان کي ٻين جانورن سان ڀيٽڻ کان پوءِ ڪيتريون ئي نسلي هڪجهڙايون ڏٺيون، جيئن انسان، لنگور ۽ باندرن جا ڪجهه قسم تڪليف وقت روئن ٿا، ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي وڃن ٿا، ٿڪ مهل اوٻاسيون ڏين ٿا، مقابلي مهل گهورين ٿا، ڪتڪتائي ڪرڻ مهل کلن ٿا، خوف ۾ ڏڪن ٿا، پيار مهل ڀاڪر پائين ٿا، دشمني ۾ ڏند ڪرٽين ٿا، حيرت ۾ ڀرون مٿي کڻن ٿا ۽ بي عزتي مهل ڪنڌ ورائي ٿا ڇڏين. اهڙي قسم جي هڪجهڙائين سائنسدانن کي کوجنائون ڪرڻ تي آماده ڪيو ۽ انساني ارتقائي ڪهاڻي وجود ۾ آئي. ان کي مختلف دورن ۾ ورهايو ويو.ڊارون کي جڏهن موقعو مليو ته هن دنيا جي اڪيچار سامونڊي ڪنارن جو سفر ڪيو ۽ پنهنجي کوجنا لاءِ ڪيترن ئي جانورن جا ڍانچا هٿ ڪيا، جن جي ذريعي هن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سموريون جياڀياسي نسلَ ڪنهن هڪ جاندار مان ارتقا ذريعي پيدا ٿيا آهن. تمام ڏکين حالتن ڪري هن پنهنجو مواد ظاهر ڪرڻ کان لنوايو پئي جيڪو اڳتي هلي نيٺ پڌرو ٿيو. سندس ڪتاب پڌري ٿيڻ کان پوءِ هڪ طرف مذهبي ڌرين ڪات ڪهاڙا اڀا ڪيا ته ٻئي طرف پراڻ پسندن رانڀوٽا هڻڻ لاءِ پنهنجا ننهن تکا ڪيا. چارلس ڊارون پنهنجو ڪتاب ڇپائڻ ۾ ان ڪري ئي دير ڪئي هئي ته جيئن اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ واسطي ايترا ثبوت ۽ شاهديون هجن جو ڪير کيس رد نه ڪري سگهي. ڊارون پنهنجي مقصد ۾ سوڀارو ٿيو پر سندس نظريي ۾ اڪيچار خاميون هيون جيڪي اڳتي هلي وڌيڪ کوجنائن ذريعي دور ڪيون ويون.ارتقا تي ڊارون کان اڳ توڙي پوءِ بيشمار کوجنا ٿي آهي. گريجر مينڊل جنهن کي ”جينيٽڪس“ جو ابو چيو ويندو آهي ان جي مٽرن تي ڪيل کوجنا ڊارون جي نظريي کي تمام گهڻي هٿي وٺرائي. جينيٽڪس کي سنڌيءَ ۾ ”موروثيت جو علم“ چئي سگهجي ٿو. سائنس جي اها اهم شاخ انساني ڀلائي واسطي ٻوٽن توڙي جانورن ۾ اهڙيون جنسي ۽ ذاتياتي تبديليون ڪرڻ ۾ رڌل آهي جنهن ذريعي ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند ۽ چانورن وغيره جي في ايڪڙ پيداوار ۾ انقلابي تبديلي آئي آهي، ساڳي طرح جانورن جهڙوڪ کير ڏيندڙ جانورن جي نسلي افزائش ذريعي کير توڙي مکڻ جي پيداوار ۾ هٿرادو اضافو ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه اهو ڪم پولٽري ۾ پڻ ڪيو ويو آهي جنهن جو نتيجو اهي ڪڪڙيون آهن جيڪي ٻارهوئي بيضا ڏينديون رهنديون آهن.
”ماڻهو“ اڃا جڏهن جديد ماڻهو نه بڻيو هو ته جنگلن ۾ ٻين جانورن جيان شڪار تي گذران ڪندو هو ۽ غارن ۾ رهندو هو، ان جي بچاءُ جو واحد هٿيار باهه هئي. جانور مان انسان بڻجڻ جي ڪهاڻي کوجنا جي گهرجائو پئي رهي آهي. انسان جي بڻ بڻياد تي شڪ جا آثار يونان جي سجاڳي واري دور ۾ پڻ ملن ٿا. دنيا جي سمورن مذهبن انسان کي ڄمندي ڄام ظاهر ڪيو آهي، جيڪو جهڙو اڄ آهي اهڙو ئي هزارين سال اڳ هو بلڪه جنهن ڏينهن کيس پيدا ڪيو ويو ان وقت کان ئي مڪمل ۽ ڪامل انسان هو۔۔۔ بشڪريه وڪيپيڊيه


انسان جي تنزلي۾ اسانجي معاشرن جا غير فطري رويا ۽ انهنجو قصور​
ڏاڏل شينو

انسان جي خلقت تي پروردگار جو ناز قرآن ۾ هن ريت ٿيو آهي ته لقد خلق الانسان في احسن تقويم۔۔۔۔۔ يعني اسان ان کي احسن خلق ڪيو آهي ( اسان انسان کي سهڻي شڪل ۾ سهڻي نموني ۾ ٓٺاهيو آهي ) ۔ ۽ سالڪين جو چوڻ آهي ته ها انسان الله جي خلقت ۾ ناز ڀري تخليق آهي، جنهن کي پروردگار ان انداز ۾ بيان ڪيو ، ۽ ان جي مثال انبياء ، آئمه، اولياء و سالڪين آهن، جن انساني اقتدار کي احسن طريقي سان نڀايو آهي، پر ان سوره ۾ ان آيت سان گڏ انسان جي تنزلي (ڪريل) ڪيفيت جو پڻ اظهار آهي اصفلصافلين يعني ته هو برائين پستين ۾ ڪرندو ٿو وڃي انسان جي احسن تقويم جو سفر به جاري و ساري آهي ته اصفلصافلين جا به هر دؤر ۾ هن ڪئي باب رقم ڪيا آهن۔ انسان جنهن جو اختياري سفر جاري و ساري آهي انباء آئمه اولياء اوسياء هي انساني حسنِ اختيار آهي ته نمرودي،شدادي، ابولهبي توڙي يزيدي سفر به هن جو پنهنجو اختياري عمل آهي۔ ان سفر جي راهين جو نمونو بروز ڇنڇر مورخه22۔01۔11 تي سچل ڳوٺ ۾ پيش ايندڙ واقعو آهي ۔ آء ان بدنصيب گهراڻي جو حال پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهيان۔ اوهان اندازو ڪيو ته جڏهن والدين هوندا آهن ته اولاد انهن جي موجودگي ۾ ٻي ڪنهن حفاظت کي اهميت ناهي ڏيندي ، جڏهن رات جوانهن جي موجودگي ۾ سمهندا آهن ته ايترو ته بي خوف ٿي سمهندا آهن جو انهن کي ڪنهن ٻي سيڪيورٽي ، يا ذميداري جي ضرورت ناهي هوندي پر جي اهو پي ئي اولاد جي تاڪ ۾ لڳي وڃي ته جڏهن هو مطمئن ٿي سمهن ته آء انهن تي وار ڪريان ته هي انسان جي ڪرڻ جي ڪيڏي وڏي کاهي آهي ان جي ماپ جو ڪو پيراميٽر شايد ڪنهن وٽ موجود نه هوندو۔ هن گهراڻي جي مطلق اوهان کي ايترو ٻڌائيندو هلان ته هي گهراڻو ڪو پيدائشي مفلس نه هو پر انهن جي وارث جو برايون ۽ بريون صحبتون ۽ انهن جو نتيجو سندن تباهي ۾ مرڪزي نڪتو آهي ، چون ٿا ته ان ماڻهون جون زمينون جن جي قيمت ڪروڙين روپيه هئي ان نشي جي علت ۾ اڙجي ڪري اهو سڀ ڪجھ تباھ ڪري ڇڏيو، جڏهن هن سڀ ڪجھ تباھ ڪيو ته رشتا به هن کان پري ٿيندا ويا، ايتري تائين جو هن سان اٿڻ ويهڻ بلڪل ختم ٿي ويو۔ هي زهني ڪمپليڪس ۾ ايترو ته وڪوڙجي ويو جو پنهنجي گهر ۾ هڪ ننڍڙو ڪمرو پنهجي خاص نشي لاء مختصص ڪري ڇڏيو، اولاد هن کي فقط ان گهر ۾ ايترو ڏسندي هئي جڏهن هن کي ڪمري مان ٻاهر نڪرڻو هوندو هو ، نياڻيون توڙي سندس گهر واري پنهنجو پيٽ گذر انتهائي ڪسمپرسي ۾ ڪنديو هيون۔اتي اهو اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته هن کي پٽ جي والد نه هو فقط چئين نياڻين جو والد هو جن مان سندس وڏي نياڻي جي شادي ٿيل هئي۔جنهن رات هن کي واردات ڪرڻي هئي اها سڄي رات هي ستو ناهي هن کي سمهندو نه ڏسي هن جي گهر واري کي به ننڊ نه ٿي آئي هن بار بار گهر واري کي چيو تون سمهي پؤ پر هن جي به اکين تان ڄڻ ننڊ اڏامجي وئي هئي پوءِ آخر صبح جو ڪنهن پهرتقريبن ساڍي ڇهين وڳي هن جي گهر واري کي گهل آئي ته هي اٿيو، اٿڻ سان هن جي گهر واري جي وري اک کلي وئي پر شايد هي هاڻي پورو ارادو ڪري چڪو هو۔ هنجي هٿ ۾ ڪو رنبي جهڙو اوزار هو هن انسان گهر واري تي وار ڪيو ، گهر واري جي مذاهمت تي هن جون ڌيئرون اٿي پيون پوء هن انهي رنبي سان ڌي تي وار ڪيو ان کي ڌڪ لڳو ته هي ڪمري ۾ چڪرائجي ڪري پئي۔ هن پسٽل ڪڍيو ۽ ان 18 سالن جي ڌي تي مٿي ۾ فائر ڪيو انکان پوءِ هن گهر واري کي ڄنگھ ۾ گولي هنئي ، پوء هن ٻي ڌي تي پورا ڇھ فائر ڪيا ۔ ان سڄي منظر ۾ هن جي ننڍڙي ڌي هيراسجي وئي جنهنجي عمر تقريبن 7 سال ٻڌائي وڃي ٿي اها بيڊ جي هيٺان لڪي وئي هن انتي فائر ڪيا پو انکي ان بيڊ هيٺان ٻاهر ڪڍي رنبي جا وار ڪري ماريو۔
اها سڄي واردات ته ٿي وئي پر سوچڻ جي اها ڳالھ آهي ته اهو پي آخر ايڏو سفاڪ ٿي ويو ان ۾ ان جا ونهنجا اعمال ته هوندا ئي پر معاشري ۾ ايتري ته بي هوشِ جي ننڊ آهي جو هڪڙو ماڻهون ان حال تائين پهچي وڃي ٿو ۽ سندس آڙو پاڙو ان سڄي حالت کان بيخبر آهي ڇو؟جڏهن انسان ان حد تي پهچندو آهي ته يقينن ان ۾ معاشري جو وڏو هٿ هوندو آهي ،جتي معاشري ۾ بي حسي احساسِ ذميداري ناهي هوندي اتي اهڙا واقعا رونما ٿيندا آهن ، مون پنهنجي ڪنهن آرٽيڪل ۾ ان جو زڪر ڪيو آهي ته اسلام انسان توڙي معاشري جي ذميداري ها ذميداري پوء انسانن ، جانورن ، عزت و مال، جان وغيره جي ڇو نه هجي پهريين زمانت آهي اسين مسلمان آهيون پر بغير اسلام، اسلام فقط عقيدي جو نالو ناهي پر اسلام انساني اثاثو آهي، انلاء سالڪن جو پڻ چوڻ آهي ته گناه کان نفرت ڪئي وڃي پر گنهگار کان نفرت نه ڪئي وڃي۔جڏهن انسان ڪنهنجي برائي جي ڪري يا انجي اڻوڻندڙ افعالن جي ڪري ان کان پري ٿي ويندا آهن ته مونکي حضرت علي عه جو قول ياد ٿو اچي پاڻ فرمائين ٿا ته جن کي پنهنجا چڏي ڏيندا آهن ته اهو غيرن جو ٿي ويندو آهي۔ پاڻ عه فرمائين ٿا ته رابطو اهڙي شي آهي جو جي غيرن سان رکيو وڃي ته اهي پنهنجا ٿي ويندا آهن پر جي پنهنجن سان قطع ڪيو وڃي ته اهي غير ٿي ويندا آهن، پاڻ فرمائين ٿا ته ماڻهو کي گهرجي ته حق کان ايترو پري نه وڃو جو واپسي ناممڪن ٿي وڃي۔هن ماڻهون سان به ڪجھ اهڙا واقعا ٿيا سڀ هن جي ڪردارن جي ڪري هن کان باغي ٿيندا پاسي تي ٿيندا ويا ، ايتري تائين جو هي اڪيلو ٿي ويوان ۾ ڪو شق ناهي ته ڀائر توڙي برادري هن جي قريب ٿيئڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن انهن سان برو سلوڪ ڪيو، پر پوء به ڪئي حق آهن جيڪي انسان جاانسان تي هميشه رهندا آهن انجي ڪري نه ته انجي اولاد جي ڪري ، ٿي سگهي ٿو ماء پي جي پالنا جي ڪري اولاد به رشتن کي اها اهميت نه ڏني هجي ۽ انهن نارا سلوڪ پيش ڪيو هجي، ممڪن آهي ۔ حضرت محمد صلعم جي حديث مبارڪ آهي ته مظلوم جي مدد ڪريو ۽ ظالم جي به مدد ڪريو ، مظلوم جي مدد ته سمجھ ۾ اچي ٿي پر ظالم جي مدد ڪرڻ مان مراد عام فهم ناهي ۔ جڏهن ڪنهن کي برائي کان روڪيو وڃي ٿو ته هو ان عمل جي ردِ عمل کان بچي ويندو آهي ، ان گناھ کان بچي ويندو آهي، ان جي سزا کان بچي ويندو آهي۔ جي معاشري ۾ ايتري ذميداري جو احساس هجي ته مجال آهي جو ڪو بخيو سمهي ، ڪو ڪنهن ذهني امراضن جو مرڪز بڻجي وڃي۔ اسان ته چؤن ٿا ته جنهن کي جيڪو ڪرڻو آهي سو وڃي ڪري پر اسان جي سڪون ۾ ڪو خلل نه وجهي، اهو ياد نه ٿو رهي ته جي معاشر ي جي فردن ۾ اهو برائي جو رويو هميشه رهيو ته ممڪن آهي ان برائي جو منهن انهن جي پنهنجي ذات ڏانهن وڌي ، وري مونکي امامِ حسين عه جو هي فرمان دهرائڻو ٿو پوي جنهن ۾ پاڻ فرمائين ٿا ته ( دنيا بري ٿيندي ٿي وڃي ان لاء نه ته برا برايون ٿا ڪن پر انلاءِ جو چڱن کڻي ماٺ ڪئي آهي۔ سائين اها حقيقت آهي ته جڏهن اسان رشتن کان لاتعلق ٿيندا آهيون ته انهن رشتن جا رويا بلخصوص اهي رشتيدار جن پنهنجي وقت ۾ عوج ڏٺو هجي، انهن ۾ پرسنلٽي ڊس آردر، ڊپريشن توڙي انسان ملنديو جلنديو ڪئي ذهي بيماريون آهن جيڪي هن جي وجود جو حصو بڻجيو وڃن ۽ نتيجو اهو جيڪو اوهان ۽ اسان جي سامهون روزانو ڪنهن نه ڪنهن طرفان لڱ ٿڌا ڪندڙ خبر ملي ٿي پئي۔ جڏهن اهڙا حادثا رونما ٿيندا آهن ته دوستو اهو ياد رهي ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن مقام تي معاشرتي اوڻايون هونديون آهن۔ جڏهن ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تا ويڇا وڇڻ شروع ٿيندا آهن ته شيطان جيڪو ان طاق ۾ هر وقت لڳو ٿو رهي ڪنهنجي دل ۾ نفرت ته ڪنهنجي دل ۾ انا جا دوڪان کليو ٿي ڇڏي بعد ۾ اسان جي معاشري ۾ اهڙا واقعا رونما ٿين ٿا

انسان جي پيدائش ۽ وجود قرآن جي روشني ۾ وڊيو​
http://www.youtube.com/watch?v=lpcFj2hsxo8
 
Back
Top