ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,256
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو

    [​IMG]


    [JUSTIFY]ڪراچيء ۾ گل ٻائي لڳ مورڙي جي ڀيڻ ۽ ڀائرن جون قبرون آهن ، انهن ڇهن گهاتوئن ۽ سندن ڀيڻ ”سيرئين“ جون قبرون ست سئو سال پراڻيون آهن. مورڙي جو واقعو سومرن واري دور جو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ هيڻائي جي باوجود ڏاهپ ۽ سورهيائي جي علامت بڻجي جيئرو رهندڙ ڪردار مورڙي مير بحر جي ڀيڻ ۽ ڇهن ڀائرن جي قبرن کي بلڊوز ڪري ڊاهڻ هڪ سازش جي ڪڙي آهي. سنڌ جا ثقافتي ورثا ڪن ڌرين کي اکين ۾ ڪنڊي جيئن چڀي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌي ڏهه هزار سال پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جا مالڪ آهن ۽ هي ورثا سنڌين جي مالڪيءَ جون شاهديون آهن. انهن شاهدين کي مٽائڻ معنيٰ ڪراچي تان سنڌين جي تاريخي حق مالڪي کي ختم ڪرڻ آهي ۽ سنڌين کي اهو به ٻڌائڻ چاهين ٿا ته ست سئو سال اڳ جنهن شاهي مڇ انهن گهاتوئن کي ڳڙڪايو هو. مورڙي پنهنجي ڏاهپ ۽ سورهيائي سان ان مڇ جي وجود کي ختم ڪري هڪ مثال قائم ڪيو هو ۽ اڄ ڪجهه ڌريون انهيءَ مڇ جا وارث بڻجي نروار ٿيا آهن ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي پوري وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن ۽ مڇ مارڻ جو بدلو سنڌين کان وٺي رهيا آهن.

    ورهاڱي کانپوءِ هر انهيءَ شيءِ، ماڳ ۽ تاريخي جاءِ کي تباهه ڪيو ويو جيڪي سنڌ جا تاريخي ورثا هئا. جن سان سنڌي پنهنجي تاريخي ۽ علائقي جي قدامت جو اندازو لڳائي پئي سگهيا. انهن جي سار سنڀال ته ٺهيو پر انهن کي ميساري ختم ڪيو پيو وڃي. انهن ماڳن، عمارتن ۽ تاريخ نشانن کي سنڀالڻ وارن ادارن جا اڳواڻ اهي ماڻهو آهن، جن جي اسان جي تاريخ ۽ ثقافت سان نه ربيع، نه خريف.

    مورڙو اڄ به علامت آهي استحصالي قوتن جي خلاف مهاڏي اٽڪائڻ جو ۽ اهي استحصالي قوتون سنڌ جي تباهيءَ لاءِ اڄ به سرگرم آهن. اسان کي مورڙي واري واٽ تي هلي ڏاهپ سان انهن جو مقابلو ڪرڻو آهي. جيئن مورڙي سون مياڻي کان رتو ڪوٽ تائين سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري مڇ خلاف جدوجهد ڪري هن کي ختم ڪيو. اهڙي ٻڌي جي اڄ سخت ضرورت آهي.

    مورڙي واري قصي جي تاريخ بابت ڪنهن تصديق ٿيل دور جو ذڪر ڪونهي، هن قصي جو دور به راجا دلو راءِ جو دور ڄاڻايو ويو آهي. قياس آهي ته راجا دلو راءِ، عربن جي آخري ۽ سومرن جي شروع واري دور ۾ سنڌ جي لاڙ واري حصي جو حڪمران هو. راجا دلوراءِ جي گادي واري هنڌ لاءِ ٻه رايا آهن. هڪ رايو اهو آهي ته، ڦٽي ڪريڪ وٽ رتوڪوٽ وارو هنڌ دلوراءِ جي گادي جو هنڌ هو. ٻيو رايو اهو آهي ته هاڻوڪي باٿ آئي لينڊ وارو علائقو جيڪو گسري بندر کي ويجهو هو ان جاءِ تي هو. 1859ع تائين هتي هڪ پراڻي شهر جا آثار موجود هئا جيڪي پڻ حڪمرانن جي بي حسي جو شڪار ٿي ختم ٿي ويا.

    سنڌ تي غزنوي 1026ع تي اقتدار ۾ آيا. اهي عربن جي هٿ هيٺ هئا، سومرن سنڌ تي 1053ع تي حڪمراني حاصل ڪئي. انهيءَ حساب سان جيڪڏهن دلو راءِ سومرن جي شروعاتي دور ۾ لاڙ جي حصي ۾ حڪمران هو ته پوءِ اهو واقعو 1053ع کانپوءِ جو آهي. سومرن واري دور ۾ سگهڙن جي بيتن ۾ مورڙي ميربحر جي قصي جو ذڪر ملي ٿو. چوڏهين ۽ پندرهين صدي عيسويءَ ۾ ان واقعي بابت تمام گهڻا بيت ملن ٿا. ارڙهين صدي هجري ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرگهاتو ۾ ان داستان کي بيان ڪري امر ڪري ڇڏيو.

    ڪالهه ڪلاچيءَ ويا ڇَتيُون کڻي ڇُڳير،
    ڀائرن ڀيرو نه ڪيو، ادن ڪئي اوير،
    اهڙي خاصي کير، ڪن ورائي جهليي،
    ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گهڙي سونئي،
    خبر ڪون ڏئي، ته رڇ ڪُڄاڙي رنڊيا؟

    ان قصي جي باري ۾ جلال کٽي جي ڀاءُ امين کٽي جيڪو ڪلهوڙن جي دور جو مشهور سگهڙ هو ان جا وڌيڪ بيت ملن ٿا. قصو مختصر ائين آهي ته ٻاچو ۽ ٻاراچ جيڪي ٻئي ڀائر هئا. رتو ڪوٽ واري علائقي کان حب تائين سامونڊي علائقي ۾ مزدوري ڪندا هئا ۽ وجهه ملڻ تي چوريون به ڪري وٺندا هئا. اهي لاڏائو ماڻهو هڪ هنڌ ويهي نه سگهندا هئا. جڏهن انهن جي شادي ٿي ته انهن پنهنجو ڌيان مزدوريءَ ڏانهن ڪيو. هڪ بي روايت آهي جيڪا علي ملاح مرحوم ابراهيم حيدري واري سان منسوب آهي. اها به احمد ناکئي ٻڌائي هئي. جيڪا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب ”مورڙو ۽ مانگر مڇ“ ۾ به ڏنل آهر ته، ٻاچو ۽ ٻاراچ اصل ڪڇ واري علائقي ”گنڊا سنگ“ جا، رهواسي هئا. جواني ۾ اهي سنڌ ۾ آيا ۽ حب نديءَ جي لڳ سوناريءَ جي جبل وٽ اچي رهيا. گنڊا سنگ جو شهر ۽ ڪوٽ جا ڪڇ ۾ سيارڙيءَ جي کاريءَ لڳ آثار موجود آهن.
    ٻاراچ سون نالي عورت سان شادي ڪئي تنهن مان اوڀايو پيدا ٿيو. ٻاچو کي ڪو اولاد نه ٿيو.

    چيو وڃي ته سون مياڻي به اوڀائي جي ماءُ ۽ ٻاراچ جي گهرواريءَ ”سون“ جي ڪري سون مياڻي بڻي. ٻي روايت هي آهي ٻاراچ گنڊا سنگ ۾ ئي شادي ڪئي. جنهن جو نالو ”سوناري“ هو شادي کانپوءِ اهي اچي حب جي ڪپ تي هڪ جبل تي رهڻ لڳا ۽ انهيءَ جبل جو نالو ”ٻاراچ“ پنهنجي گهرواري پويان ”سوناري“ رکيو. جيڪو اڄ به انهيءَ نالي سان آهي. اوڀائي ٻه شاديون ڪيون، پهرئين گهر واريءَ مان ڇهه پٽ ٿيس. ٻي گهرواريءَ مان هڪ ڌيءَ ”سيرئين“ ۽ هڪ پٽ ”مورڙو“ پيدا ٿيو. مورڙو پيدائشي منڊو هو. هيٺ مير ٻگهئي جو ليکل بيت ڏجي ٿو.

    وير ويهاريائون وچ ۾، ٿيو سهاڳي سو
    ڇهه پٽ پهرئينءَ مان، ٻي جا پرڻيو پوءِ
    تنهن مان مانجهي مورڙو، پر ڏر ڄائو پوءِ
    لوڪ مڙيو ٿي چوءِ ته اٺين ڀيڻ ”سيرهين.“

    اولادن کي پرڻائڻ کانپوءِ اوڀائي سمنڊ تي ڳوٺ جو نالو پنهنجي ماءُ جي نالي پٺيان سون مياڻي رکيائين. اوڀايو مهاڻن جو چڱو مڙس بڻجي ويو. ڇاڪاڻ ته اوڀائي مهانن تي ڳرن محصولن خلاف جدوجهد ڪئي ۽ مهاڻن جي ايڪتا سان راجا دلو راءِ جي ڪوٽار (محصول وصول ڪرڻ وارو) خلاف جنگ جوٽي. مجبور ٿي راجا دلوراءِ کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻي پئي. مورڙي جي ڀائرن مڇي جي ڪاروبار کي معمول موجب ڪري ورتو. مورڙو معذور هئڻ ڪري گهر ۾ رهندو هو. هو مهمانن جو خيال رکندو هو. جنهن جي ڪري هو سخي مورڙو مشهور ٿيو. سمنڊ کان هميشه پري رهندو هو.

    ”پاڻي سندي پر، مور نه سکيو مورڙو.“

    مورڙي جي ڀائرن جي نالن تي اختلاف آهن. مختلف سگهڙن ڇهن ڀائرن جا نالا ڄاڻايا آهن. جن مان ڪجهه نالا مختلف آهن ڀيڻ جو نالو گهڻن سگهڙن ”سيرئين“ ۽ ڪجهه سگهڙن ”جمڙي“ ڄاڻايو آهي.

    امين کٽي پنهنجن بيتن ۾ ڇهن ڀائرن جا جيڪي نالا ڏنا آهن سي هن طرح آهن، 1. پنيهر 2. اڱارو 3. مانجهاندو 4. لالو 5. سانئل 6. هنجهه ڪراڙو

    مير ٻگهئي جي بيت ۾ هيٺيان نالا اچن ٿا.

    ”پڙهيار“، ”اڱارو“ ٻه، ڄڻا ٽيو ”مانجهاندو“ ساڻ،
    چوٿون ”للو“ لاڏلو، پنجون سانئر ڄاڻ
    ڇهون هنجهه ڪراڙو هٺ جو ستون ”مور“ سڃاڻ.
    پوءِ سوجهي سون مياڻ، راڄ ٻڌائون پانهنجو.

    مير ٻگهئي ۽ امين کٽي جي نالن ۾ فقط پنيهر ۽ پڙهيار جو نالو ڪجهه مختلف آهي باقي سڀ ساڳيا نالا آهن ۽ ڀيڻ جو نالو به مير ٻگهئي ”سيرئين“ ڄاڻايو آهي.

    محمود سگهڙ موجب، پنهير، اڱارو، مانجهادو، لال بهار، هنجهه ڪراڙو جو نالو جمڙي آهي.
    علي ملاح ابراهيم حيدري واري اڱاري، کانسواءِ سمورا نالا جن ۾ سينهڙو، محمود، صالح، عيسب، يعقوب سڀ ٻيا نالا ڄاڻايا آهن، ان پڻ ڀيڻ جو نالو ”سيرئين“ ئي ڄاڻايو آهي.

    فقير امين چارڻ پنهنجن بيتن ۾، پڙهيل، اڱارو، مانجهاندو، لالو، سائنر، هنجهه ڪراڙو ۽ ڀيڻ جو نالو جمڙي ڄاڻايو آهي. انهن سگهڙن ۽ روايتن ۾ جيڪي نالا گهڻو ڪري ڏنا ويا آهن. ان مطابق مورڙي ميربحر جي ڀائرن جا نالا هيٺيان ٿي سگهن ٿا. 1. اڱارو 2. هنجهه ڪراڙو 3. لکو يا للو 4. پنيهر/پنهيار 5. سانئر/سائنل 6. مانجهاندو ۽ ڀيڻ جو نالو سيرئين اهي نالا وڌ سگهڙن جي بيتن ۾ ملن ٿا. مورڙي جو نالو سڀني سگهڙن اهو ئي ڏنو آهي.

    مورڙي جي ڀائرن کي ڪلاچي جي ڪن ۾ جنهن جانور ڳڙڪايو هو ان تي به اختلاف آهي. مشهور اها ڳالهه ٿي اهو واڳون هيو. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته واڳونءَ جي پيٽ ۾ ڇهن انسانن جا لاش ڪيئن ٿا سمائجي سگهن؟ جنهن جي ڪري اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪلاچي جي ڪن ۾ مورڙي جي ڀائرن کي واڳون ڳڙڪايو هوندو.

    مڇ جي ذڪر ڪري گهڻن لکندڙن جو ڌيان مگر مڇ ڏانهن ويو. مڇ معنيٰ شاهي مڇي جيڪا اصل ۾ وهيل مڇي (شارڪ) هئي جنهن مورڙي جي ڇهن ڀائرن کي ڳڙڪايو. مرحوم احمد ناکئي ابراهيم حيدري واري سان جڏهن مون ڪچهري ڪئي ته هن ڄاڻايو ته اهو شاهي ڪڇئون هو. امين کٽي سگهڙ به پنهنجي بيت ۾ ڪڇئون جو ذڪر ڪيو آهي.

    ڪڇئون مارين ڪن ۾ رات مٿان پيئي
    اوليون اجهڻ لڳيون ته ويئڙن واجهه وهي
    ڪلاچيئون ڪهي، ماري مڇ نه موٽيا.

    ڪلاچي جي ڪن ۾ رهندڙ وهيل مڇي جو ڏهڪاءُ دڙٻي، سون مياڻي ۽ سامونڊي علائقن تائين ڦهليل هو، جنهن جي ڪري مهاڻا مڇي مارڻ لاءِ اوڏانهن نه ويندا هئا. ڪلاچي جو ڪن لياري نئين جي ڇوڙ واري علائقي ۾ هو. ڏهڪاءُ جي باوجود هڪ ڏينهن مورڙي جي ڀائرن مڇي مارڻ لاءِ وڃي ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ رڇ وڌو. جيڪو مڇ ورائي کڻي پنهنجي وات ۾ ڪيو. واري واري سان ڇهه ئي ڀائر لٿا ۽ شارڪ جو شڪار ٿي ويا.


    رات ٿي ويئي صبح ٿيو مورڙي جا ڀائر نه موٽيا ته اوڀايو پريشان ٿيو. سيرئين کي ڀائرن جي نه موٽڻ جي ڪري پوري رات ننڊ نه آئي ۽ ٻئي ڏينهن ڳولا شروع ڪئي ويئي ته انهن جا هوڙا ڪلاچي واري ڪن جي ڪناري تي مليا. جڏهن اها خبر سون مياڻي پهتي ته ماتم مچي ويو. سوين مهاڻا ٻيڙيون ڪاهي اچي ڪلاچي ڪن ڀيڙا ٿيا. مورڙو ان وقت راجا دلوراءِ جي درٻار ۾ هو، ڇاڪاڻ ته مورڙو پنهنجي ڀاڄاين جي مهڻن کان بيزار ٿي راجا دلو راءِ جي درٻار ۾ اچي رهڻ لڳو هو.

    ڏيريائين جي ڏينهاڻي ٿي ڪاڻ به ڪڍيائين.
    طعنا مهڻا تن جا، ٿي سوين سٺائين.
    (سگهڙ ولي محمد)

    اوڀائي مورڙي ڏانهن ماڻهو موڪليو ۽ مورڙو به ڪلاچي جي ڪن پهچي ويو.

    ملاحين ڪيا منهن رتڙا، ڪٽي ڪانڌن لاءِ
    مهاڻيون رهيون ماتام ۾ سوڙهي هي هڪ به جاءِ
    ماڻهو منجهه مورڙي ڏي وڃي سڏ سائيس ساءِ
    ڀڙا تنهنجا ڀاءِ، ڪچئون ماريا ڪن ۾.
    (امين کٽي)

    راجا دلوراءِ به ڪلاچي جي ڪن پهچي ويو. اوڀائي مورڙي کي وير وٺڻ لاءِ چيو. مورڙو هڪ ته منڊو ٻيو پاڻي جو گهيڙو نه هو، پر ڏاهپ ۾ ڀڙ هو. مورڙي وير وٺڻ جو فيصلو ڪيو. سانوڻي مند ۾ سمنڊ ۾ طوفان هو. مورڙي دلو راءِ کان مدد گهُري. راجا هر طرح جي مدد جو وعدو ڪيو.

    تجربيڪار ۽ ڀڙ لوهار مورڙي جي هدايتن تي لوهي نوڪدار پڃرو ٺاهڻ ۾ جنبي ويا. پڃري جي چوڌاري تيز ڌار وارا ڪات لڳايا ويا. ڪم نهايت تيزي سان جاري هو. مورڙو عهد ڪري چڪو هو ته، هو مڇ کي ماري ڀائرن جو وير وٺندو ۽ ڪلاچي جي آس پاس مهاڻن تي مڇ جو جيڪو ڏهڪاءُ ويٺل آهي اهو ختم ڪندو. مورڙي پنچ سئو تازيون ويائل گهوڙيون، ڦرن سميت آنديون. ڪتن جي لوڌ به گهرايائين. لوهي پڃرو کڻي مورڙو ڪن ڏانهن روانو ٿيو. مضبوط رسن ۽ زنجيرن سان لو هي پڃري کي ٻڌائين. انهن رسن جو ٻيو ڇيڙو سانن ۽ گهوڙين جي ڳچين ۾ ٻڌائين اهو سڀ بندوبست ڪري ماڻهن کي چيائين، ”آئون اندر ويندس جڏهن زنجيرن ۽ رسن کي لوڏو اچي ته گهوڙين جي ڦرن پٺيان ڪتن جي بڇ ڪجو ۽ سانن جي پٺيءَ تي تيل هارائي اماڙيون انهن تي اڇلائجو.“

    لوهي پڃري ۾ ويهڻ کانپوءِ ماڻهن ان کي ڪن ۾ لاٿو. مڇ لوهي پڃرو ڏسي وات ڦاڙيو جنهن جي ڪري لوهي پڃري سان جڙيل ڪاتن ان کي زخمي ڪيو ۽ رهيل ڪسر مورڙي جي هٿيارن پوري ڪئي. مورڙي مسلسل ان تي خنجر جا وار ڪيا. پڃري اندر هئڻ ڪري مورڙو محفوظ هو. پڃري جا لوهي ڪات جيئن مڇ جي وات ۾ ڦاسي پيا ته مورڙي زنجيرن کي لوڏو ڏنو. ٻاهر بيٺل سوين ماڻهو تيار هئا. اشارو ملندي ئي انهن مورڙي جي هدايتن تي عمل ڪيو. سانن جي پٺي تي هاريل تيل تي اماڙيون اڇلايون ۽ ٻين وري گهوڙين جي ڦرن جي ڪڍ ڪتا لاٿا. ڦرن جي ڀڄڻ سان گهوڙيون انهن جي ڪڍ لڳيون. ائين لوهي پڃرو مڇ ۽ مورڙي سميت ٻاهر اچي ويو. واهه واهه ٿي ويئي. مڇ جو پيٽ چيري مورڙي جي ڇهن ڀائرن جا لاش ڪڍيا ويا ۽ انهن کي ڪن جي ويجهو دفن ڪيو ويو. پوءِ مورڙو موٽي سون مياڻي ويو.

    مورڙي جي دل هتي نه لڳي. مورڙو موٽي دڙٻي ۽ ڪلاچي ڪن لڳ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ باقي ڏينهن ڪلاچي جي ڪن لڳ پنهنجي ڀائرن جي قبرن وٽ گذاريائين. سيرئين کي به وفات کانپوءِ ڀائرن لڳ دفن ڪيو ويو. مورڙي جي قبر ٿورو پري مسرور بيس ڪئمپ ۾ هڪ ننڍي ٽڪري تي آهي. جتي وڃڻ جي اجازت آهي پر فوٽو ڪڍڻ سان پاڪستان جي سالميت کي خطرو پئجي سگهي ٿو جنهن جي ڪري ان جي منع ٿيل آهي. گل ٻائي ۽ شير شاهه لڳ، پراڻو قبرستان اڄ به ”مورڙي جو قبرستان“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو ڪراچيءَ جو قديم ترين قبرستان آهي. شير شاهه جو پراڻو نالو به مورڙو مير بحر ڳوٺ هو. شير شاهه جي دفن کانپوءِ اهو پورو علائقو شير شاهه ڪري مشهور ٿيو. بدين ۾ هڪ ديهه جو نالو مورڙو جاگير آهي. مورڙو سنڌي لغات موجب نئون ۽ تازو پن يا سلو جيڪو ندي جي ڪناري ڦٽي ٿو. هن کي چيو ويندو آهي.

    نه ڪا بوءِ بازار ۾، نه ڪا ڇِلرَ ڇَٽَ
    جتي ڏنڀَرينَ جي، اڳي هئي اُگهٽَ
    سي پِڙَ پسيو پَٽَ، ماڙهو وڃن موٽِيا.

    [/JUSTIFY]

    حوالو :

    ڪتاب : ڪراچي سنڌ جي مارئي
    ليکڪ : گل حسن ڪلمتي
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,256
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو

    ڪلاچيءَ جو ڪن ۽ مورڙو ميربحر
    الطاف شيخ

    [JUSTIFY]بهرحال پاڻ منهوڙي ٻيٽ تي اچون، ڪياماڙي ۽ منهوڙي وڃڻ وارن شايد اهو نه سوچيو هجي ته نه فقط منهوڙو “ٻيٽ” آهي پر ڪياماڙي به هڪ ٻيٽ آهي جيڪو هينئر جناح پل سان ۽ ان کان اڳ نيٽي جيٽي ذريعي ڪراچي سان ڳنڍيل هو سو ڪنهن زماني ۾ ڪياماڙي به منهوڙي وانگر هڪ ٻيٽ هو. ماڻهو ٻيڙن ذريعي ڪراچي جي کارادر علائقي کان ڪياماڙي ۽ منهوڙي ويندا هئا. 1843ع کانپوءِ سر چارلس نيپيئر (سنڌ جي پهرين گورنر) ڪياماڙي ٻيٽ کي نيپيئر ڪازوي (mole) ذريعي ڪراچي جي سرزمين سان ڳنڍي هڪ ڪيو. منهوڙي ۽ ڪراچي جي ڪا ڌار ڌار تاريخ نه آهي. پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي ان بابت ڪجهه لکڻ بي مهل نه ٿيندو. هون ته هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جهڙن ٻيٽن جي مقابلي ۾ منهوڙو ۽ ڪراچي پراڻو ٻيٽ ۽ شهر آهي پر ابن بطوطه ۽ محمد بن قاسم جي ڏينهن جي ڳالهه ڪبي ته ڪراچي به ڪالهه جو ڄاول ٻار لڳندو جو انهن ڏينهن ۾ ڪراچي جو ڪنهن کي ڪو انت به نه هو. اڄ جو سوڀو ديرو، چنبڙ ۽ پريالوءِ به وڏا ڳوٺ آهن. انهن ڏينهن ۾ جيڪي ڪجهه هو ديبل ٺٽو ۽ لاهور بندر جهڙا هنڌ اهم ۽ بلي بلي شهر هئا.

    ڪراچي ڪنهن زماني ۾ مهاڻن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو جيڪو ڪلاچي جو ڳوٺ سڏبو هو، اهو مڇين مارڻ واري هڪ جاءِ جي ويجھو جو جيڪو سمنڊ جو حصو ڳوٺ جي نالي جي لحاظ سان “ڪلاچي جو ڪُن” سڏيو ويندو ويو ٿي. مڇين مارڻ واري هن گھاٽ جي باري ۾ راجا دلورائي جي زماني جي هڪ ڪهاڻي به مشهور آهي جنهن ۾ مورڙو ميربحر نالي هڪ شخص جي مهاڻن ڀائرن کي مانگر مڇ ڳهي ويو. جيڪا دراصل وهيل مڇي ئي هوندي، مورڙو جنهن لاءِ چون ٿا ته جيتوڻيڪ عذر وارو هو پر عقل کان ڪم وٺي هن مانگر مڇ يعني whale کي ماري وڌو ۽ سندس پيٽ چيري پنهنجن ڀائرن جا لاش ڪڍيا، مورڙي ميربحر ۽ سندس ڀائرن جون قبرون کارادر کان ماڙيپور ويندي رستي تي گل بائي واري چونڪ تي آهن جتان ٽرئفڪ شير شاهه ۽ سائٽ ڏي وڃي ٿي. سامهون لوڪل ٽرين جي وزير مينشن نالي ريلوي اسٽيشن به آهي. موڙي جا اڄ به ڪيترائي مائٽ ڪراچي جي مختلف سامونڊي ڪنارن وارن ڳوٺن، بابا ڀٽ، شمس پير، رهڙي ۽ ابراهيم حيدري وغيره ۾ رهن ٿا. شاهه لطيف جي هڪ سر (سرگھاتو) ۾ موڙي ميربحر جو داستان آهي.

    جيڪس جھليا مڇ گھاتو گھر نه آئيا
    ڪاهي وڃو، ناکئا!، ڪريو بُري تي بڇ
    ڪاٿي سندين ڪنڊيون؟ ڪاٿي سندن رڇ؟
    ڪن ڪڙڪو ڏاڍو، اٿو اڳيان اڇ
    اديون عبداللطيف چئي، سڀ لنگهيندا ڇڇ؟

    (جيڪس- شايد مڇ- مانگر مڇ ڪا به وڏي مڇي، سامونڊي آفت، گھاتو- شڪاري، مهاڻا، ناکئا- ٻيڙي هلائيندڙ، بُري تي- بڇڙي تي (مانگر مڇ تي)، ڪنڊيون- مڇي ڦاسائڻ جا ڪنڍا Hooks، رڇ- ڄاريون ڪن-سامونڊي واچوڙو ۽ under currents، اڇ- پاڻي جي اڇاڻ، گجي، جنهن کي اسين جهازي وائيٽ هارسز کي سڏيون ٿا. White horses خراب سمنڊ جي نشاني آهي. شاهه لطيف موڙي کي پڪي عزم، بهادري ۽ همت جي علامت قرار ڏنو آهي. شاهه جي رسالي جو هڪ مهتم ڪلياڻ بولچند آڏواڻي لکي ٿو ته انسان جو من به هڪ مردود مڇ آهي، جنهن کي مارڻ لاءِ ڪو مورڙي جهڙو مرد کپي.

    شاهه کان علاوه اسانجي ٻين به ڪيترن ئي شاعرن مورڙي ۽ مڇ بابت لکيو آهي، تاجل بيوس جا ان سلسلي جا هڪ ٻه شعر ياد اچي رهيا آهن.

    هلو هلو، ڪن تي، ڄار کڻي ڄاڻو
    ڪجي مانگر مڇ کي، سائر ۾ ساڻو
    ٽريو جو ٽاڻو، برو ايندو بود ۾،
    هلو هلو ڪُن تي، ٻڌي مولهيا مير
    جتي جوکو جيءَ جو، سا پڻ لنگهو سير
    مٿان واڪو وڄ جو، هيٺان چڙهي وير
    ڪالهه به اچن ڪن تي، باهيو هو بي پير
    ڪلا ٺوڪي ڪير، ڪن ڀاڱا ڀور جا.

    تاجل بيوس جو هڪ ٻيو خوبصورت شعر:

    مانگر ٿا مڙن، ڪلاچيءَ جي ڪن تي
    سون مياڻي سڏ ٿيو، مڙني ملاحن
    اهي پڻ اچن، جيڪي جر جڏا ڪيا.
    [/JUSTIFY]
     
  3. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو

    واه سائين سليمان وساڻ
    اهڙي سٺي ڄاڻ وزنائتي واڌ جو اهڄاڻ آهي
    مهرباني سائين
     
  4. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو

    بهترين سائين
    مهربانيون
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,256
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو

    ڀاء وحيد مهرباني

    ادا اسان کي پنهنجي تاريخ کان واقف ٿي اها ڄاڻ ٻين دوستن تائين پهچائڻ گهرجي۔ مورڙي ۽ سندن ڀائرن تي لکيل بهترين ليک آهي سائين گل حسن ڪلمتي جو ۽ الطاف شيخ جي ته ڪهڙي تعريف ڪجي هو پاڻ سيلاني آهي ۽ دنيا جي چپي چپي کان آگاهي سان گڏ پنهنجي ماڳن کي به پيو نروار ڪري۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,886
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو

    سائين سليمان صاحب، تمام سهڻو تاريخي ۽ ڄاڻ وارو ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ ڪلمتي صاحب جو سنڌ جي خاص ڪري ڪراچي جي تاريخ تي لکيل اهو ڪتاب وٺڻ جو شوق آهي، اميد ته اچي ضرور وٺبو ۔۔۔

    مورڙو سنڌ ۾ بهادري ۽ ظلم خلاف جنگ جوٽڻ جي نسبت سان سڃاتو وڃي ٿو ۔۔۔ لطيف سڳوري پڻ کيس ان نسبت سان ياد ڪري مورڙي جي قصي کي امر ڪري ڇڏيو آهي۔

    ”مورڙو ۽ مانگر مڇ “ هن وقت قصي کان وڌيڪ هڪ اصطلاح آهي، جنهن ۾ مورڙو هڪ سورهيه نوجوان آهي ۽ مانگر مڇ هڪ ظالم ۽ سامراجي طاقت ۔۔۔

    دعا ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ به هزارين مورڙيا پئدا ٿين جيڪي سنڌ کي واڳن جي وات مان ڪڍي وٺن ۔۔۔ آمين
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    341
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو

    ادا بهترين
    ادا ڪارائتي ونڊ آهي .
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,256
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو

    ادا آرزو پسند ڪرڻ جون مهربانيون
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,256
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو

    سائين نثار مهرباني

    مورڙو واقعي سنڌ ۾ هڪ اصطلاح ۽ حوصلي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو

    ڪتاب مون وٽ موجود آهي مان اوهان کي عرض ڪيو هو ته ڪيلينڊرن سان گڏ ڪجھ ڪتاب موڪلي ڏيان پر اوهان پاڻ منع ڪيو۔ اوهان جڏهن به آيا هي ڪتاب اوهان جي امانت آهي۔ هي ڪتاب ڪراچيء تي ڪنهن دستاويز کان گهٽ ناهي۔ ڪلمتي صاحب کي سلام۔
     
  10. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو

    ادا ڏاڍو معلوماتي ونڊ اسان سڀن ڄاڻ وندن کي گهرجي ته جيڪابه انهن وٽ تاريخي مڪالمي ڄاڻ هجي سي جلد کا جلد هت ونڊ ڪن ۔۔۔۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,256
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو

    سائين مهربانيون

    اهو اسان سڀني جو فرض آهي ته پنهنجي تاريخ کي ٻين تائين پهچايون۔ اميد ته سڀ دوست پنهنجو ڪردار ادا ڪندا اهڙا ليک موڪليندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو