انگلينڊ جي ٽيم جي اڄوڪي ڪاميابي کانپوء ورلڊ ڪپ ۾ واپسي

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]چنائي ۾ ٿيندڙ ڪالهوڪي ميچ جنهن ۾ انگلينڊ جي ٽيم لاء Do or Die واري صورتحال هئي تمام دلچسپ مقابلي کانپوء 18 رنسن تان کٽي ورلڊ ڪپ 2001 جي ڪوارٽر فائنل لاء پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا آهن۔ اڄوڪي ميچ ۾ انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان اينڊريو اسٽراس ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ تيز شروعات ڪئي پر 10 هين اوور ۾ 48 رنسن تي سندن پهرين وڪيٽ ڪري پئي ۽ 79 رنسن تي سندن ٻي وڪيٽ به ڪري پئي۔ ان موقعي تي ٽراٽ بهترين بئٽنگ ڪندي اسڪور کي 121 رنسن تي پهچايو ۽ ٽين وڪيٽ به ڪري پئي۔ انگلينڊ جون وڪيٽون مسلسل ڪرنديون رهيون پر هو اسڪور کي به اڳتي ڌڪيندا رهيا۔ پوري ٽيم هڪ دفعو ٻيهر 50 اوور کيڏڻ ۾ ناڪام رهي ۽ 49 هين اوور ۾ 243 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ ٽراٽ 47 ۽ ليوڪ رائيٽ 44 رنسون ٺاهيون۔ ويسٽ انڊيز پاران رسل بهترين بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون ، بشو 3 ۽ روچ 2 وڪيٽون حاصل ڪيون۔

    243 رنسن جي تعاقب ۾ ويسٽ انڊيز جي اوپنر ڪرس گيل جارحانه شروعات ڪئي ۽ 7 اوورن ۾ اسڪور 58 رنسن تائين پهچائي 21 بالن تي 8 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 43 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔ ڪپتان سمي به جارحانه بئٽنگ ڪئي ۽ 29 بالن تي 3 ڇڪن جي مدد سان 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔ 17 اوورن ۾ اسڪور 3 وڪيٽن جي نقصان تي 113 هيو پر ويسٽ جون 6 وڪيٽون 150 جي اسڪور تي ڪري پيون۔ هڪ دفعو ٻيهر ويسٽ انڊيز بهترين پوزيشن ۾ آئي جڏهن پولار، رسل ۽ سروان جي 49 رنسن سبب اسڪور7 وڪيٽن جي نقصان تي 222 رنسن تائين پهتو۔ پر پوء پوري ٽيم45 هين اوور ۾ 225 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ انگلينڊ پاران نئين رانديگر ٽريڊويل 4 وڪيٽون، سوان 3 ۽ بوپارا 2 وڪيٽون ورتيون۔

    هڪ دفعو وري گروپ بي ۾ ڪوارٽر فائنل لاء اوپن صورتحال آهي ۽ ڪهڙيون ٽيمون ڪوارٽر فائنل ۾ پهچن ٿيون اهو فيصلو ٿيڻو آهي۔ هن ميچ کانپوء ويسٽ انڊيز لاء به مشڪلاتون پيدا ٿي ويون آهن ڇو ته سندن ايندڙ ميچ هندستان سان آهي۔
    [/JUSTIFY]

    اڄوڪي ميچ جو مرد ميدان جيمس ٽريڊويل جنهن 4 وڪيٽون حآصل ڪيون


    [​IMG]

    http://www.youtube.com/watch?v=L44RfCDykLI
     
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انگلينڊ جي ٽيم جي اڄوڪي ڪاميابي کانپوء ورلڊ ڪپ ۾ واپسي

    ڀائو سليمان !
    مرحوم ھٽلر ان راند کي فضول ۽ وقت وڃائينڙ چئي ان تي جيڪا پبندي لڳائي ھئي اھا واقئي ٺيڪ ُھئي مھينو ٿي ويو آھي ته سڄي دنيا جا ٻڍا ٻار ،ننڍا وڏا سڀ اکيون ڦاڙيون ٽي وي تي ٽيڪيا ويٺا آھن ۽ وقت پنھنجي پوري رفتار سان ڊوڙندو ٿو وڃي، حرام جو وقت وڃائڻ جواحساس ٿو ٿئي ، خاص ڪري اسان جھڙين غلام در غلام قومن لاءِ ته اھڙيون رانديون گھڻو نقصانڪار آھن۔ نوٽ ؛ ھن راند جي چاھيندڙن کان اڳيئي معافي ٿو گھران ، متان ڪنھن جي دل ڏکي ھجي ، پر ڇا ڪريان مان به ته مجبور آھيان جيڪا شئ مون کي پسند نه آھي ان لاءِ ته منھنجي سوچ اھڙي ھوندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو