سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل تحقيق جو مختصر جائزو

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل تحقيق جو مختصر جائزو​

    هدايت پريم
    انگريز حڪمرانن جي ڪوشش سان موجوده ”سنڌي - عربي رسم الخط“ سن 1953ع ۾ رائج ڪيو ويو. انگريز عالمن جي سنڌي ٻوليءَ سان دلچسپيءَ جا اهڃاڻ ان کان به ڪجهه اڳ ملن ٿا. پرنسيپ صاحب سن 1835ع ۾، ۽ راموس 1836ع ۾، ۽ واٿن به 1836ع ۾ سنڌي گرامر لکيا. حالانڪ اهي ڪوششون اڻ پوريون ۽ اڌوريون ئي سهي، پر آگاٽيون ۽ سڀ کان پهريون ڪيل آهن، تنهنڪري اهي ڪوششون يادگار رکن ٿيون.ڪيپٽن جارج اسٽئڪ سن 1849ع ۾ بمبئيءَ مان ٻه ڪتاب شايع ڪيا: هڪ انگريزي - سنڌي ڊڪشنري ۽ ٻيو سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، جنهن جي آخر ۾ ”راءِ ڏياج ۽ سورٺ“ جي آکاڻي ۽ دودي چنيسر جو قصو پڻ شامل ڪيو ويو (1)،”ننڍو سنڌي ويا ڪرڻ“ منشي اڌارام ٿانور داس 1854ع ۾ ڇپايو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ ”سنڌي پاٺا ولي“ “A Sindhi Reading Book in Sanskirt (Devangri) & Arabic Character”لنڊن مان 1858ع ۾ ڇپايو، ان ڪتاب ۾ چڱيءَ طرح سمجهايو ويو آهي ته سنڌي حرف /ٻ/، /ڏ/، /ڄ/ ۽ /ڳ/ ڪيئن اچارجن ٿا. 1860ع ۾ ميان محمد حيدرآباديءَ منشي پرڀداس ”سنڌي صرف ونجو“ جي نالي سان گرامر لکيو. وڏيءَ محنت سان ڪيل اِهي اوائلي ڪوششون ساراهڻ جوڳيون ته آهن، پر هنن گرامرن ۾ تحقيق جو ڪوبه ترورو موجود ڪونه آهي (2). پهريون مڪمل گرامر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ صاحب 1872ع ۾ لنڊن ۽ ليپزگ مان شايع ڪرايو. ٽرومپ صاحب هن گرامر ۾ شاهه جي رسالي مان مثال کنيا. گرامر لکڻ جو طريقو سنسڪرت وارو ئي آهي. علم نحو تي پڻ ڪافي قدر روشني وڌي وئي آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گرامر ۾ سنڌي زبان جي آوازن، انهن جي مخرج ۽ مفرد ۽ گڏيل آوازن تي چڱو مواد پيش ڪيو آهي. جيتوڻيڪ موجوده زماني ۾ ڊاڪٽر صاحب جا ڪي نتيجا پراڻا پيا لڳن، پر انهيءَ هوندي به ان زماني جي وصف موجب سندس نظريا بلڪل وزندار ۽ درست آهن (3). ڊاڪٽر ٽرومپ صاحب 62 - 1861ع ۾ جرمن ٻوليءَ ۾ ٻه مضمون لکيا، جن ۾ سنڌي، پراڪرت ۽ سنسڪرت ۾ صوتياتي هڪجهڙايون بحث هيٺ آنديون، ۽ گهــَـرو تعلق ڏيکاريو. گرامر لکڻ وقت يعني 1872ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت جي ڄائي ڏيکاريو. بيمس، آريائي ٻولين جو تقابلي گرامر "Comparative grammer of Modern Aryan Languages in India”جا ٽي جلد لکيا. پهريون سن 1872ع ۾، ٻيو 1875ع ۾ ۽ ٽيون 1880ع ۾، تنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي به شامل ڪيائين. ڊاڪٽر آر. ڪالڊويل سن 1875ع ۾ هڪ تقابلي گرامر لنڊن مان ڇپرايو. نالو هئس:"A Comparative grammer of Dravidian or South Indian family of Languages.”ڪتاب ۾ نه سنسڪرت ۽ مارواڙي ٻولين جي ڀيٽ ڪيل آهي، پر سنسڪرت تي دراوڙي اثرن جي اپٽار به ڪندو ويو آهي. هن ڪيترن هنڌن تي سنڌي ٻوليءَ جا به مثال ڏنا آهن (4). انگريزي لوڪن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ مرزا علي قلي بيگ سن 1883ع ۾ هڪ گرامر لکيو. مسٽر سيمور 1884ع ۾ ٽرومپ صاحب جي گرامر تان مدد وٺي هڪ گرامر لکيو. پهريون سنڌيءَ ۾ لکيل گرامر ”نئون سنڌي ويا ڪرڻ“ ديوان جهمٽمل نارو مل وسڻائي جو سن 1892ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو. وسڻائي صاحب سنسڪرت ويا ڪرڻ ۽ ٽرومپ صاحب جي گرامر تي آڌار ڪيو آهي. ان جي هڪڙي خاص خوبي اها آهي. ته وياڪرڻي شبدن جا عربي نالن سان گڏوگڏ سنسڪرت نالا به ڏنا اٿس. هن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻولي، جنهن جو مــُـول سنسڪرت آهي. تنهن جي وياڪرڻي حرفن لاءِ عربي نالا ڪم آڻڻ آهي، گويا ”ڌڙ ريڍو، سسي ٻاڪري (5). ”لنگوسٽڪ سروي آف انڊيا“ مسٽر گريئرسن جو مشهور و معروف ڪتاب آهي، ان جو اٺون جلد 1919ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جي پهرين حـصي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪيل آهي. سندس تحقيق جي هڪ خصوصيت اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪن آوازن تي روشني وڌي وئي آهي. سنڌي صوتيات جون ڪي خصوصيتون سنسڪرت جي صوتيات مان ڀيٽي پيش ڪيون ويون آهن (6). مسٽر گريئرسن سنڌي ٻوليءَ جي مختلف مڪاني لهجن: لاڙي، ٿري، ڪڇي، لاسي وغيره جو به جائزو ورتو آهي. ساڳئي وقت وچوليءَ کي معياري سنڌي طور ڪم آندو اٿس. گريئرسن صاحب جو رايو آهي ته وچ هندستان واريون ٻوليون هڪٻئي سان مشابهت رکن ٿيون ۽ سرحدي ٻوليون وري پاڻ ۾ نسبت رکن ٿيون. اهڙيءَ طرح هن هند آريائي ٻولين کي ٻن گروهن ۾ ورهايو آهي: هڪ اندروني آريائي ٻولين وارو، ۽ ٻيو بيروني آريائي ٻولين وارو. سنڌي ٻوليءَ کي بيروني آريائي ٻولين ۾ شامل ڪيو اٿس (7). ٽي . جي بيلي، سن 1922ع ۾ سنڌي آوازن تي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ چوسڻا آوازن تي نوٽ لکيو. سر رالف - ايل - ٽرنر پڻ 1923ع ۾ سنڌي صوتيات تي تحقيق ڪئي ۽ آوازن جا مخرج ٻڌايا. لفظن جا بنياد / ڌاتو/ اصليت پڻ ٻڌائي. ٽرنر صاحب موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ دراوڙي عنصر موجود آهي. ڏنداوان آواز ان جو مثال آهن، جيڪي قديم هندستاني آهن. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ،21-1916ع ۾ چئن ڀاڱن ۾ سنڌي وياڪرڻ لکيو. علم صرف ۽ علم نحو عربي ۽ فارسي اصولن موجب تيار ڪيو. مرزا صاحب ٽرومپ جي گرامر کان پڻ مدد ورتي آهي. ساڳئي وقت مرزا صاحب سنڌي آوازن کي بيان ڪندي سرن واري حـصي ۾ ڪافي اضافو ڪيو. 26-1925ع ۾ ڀيرومل مهر چند آڏواڻي جو ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ڇپيو پهرين جلد ۾ ديوان صاحب آوازن جي مخرج مرڪب آوازن جي باري ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو سڀ ٽرمپ جي گرامر تان ترجمو ڪيو ويو آهي. بهرحال مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان ڀيرو مل جا ڪتاب صوتيات جي تحقيق ۾ قيمتي اضافا آهن، جن کي نظرانداز ڪرڻ يا گهٽ سمجهڻ احسان فراموشي ۽ بي قدري ٿيندي (8). سنيتي ڪمار چئٽرجي سن 1922ع ۾ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو هو: ”Phonetic transcriptions from Indian languages”.. هن ڪتاب ۾ سنڌيءِ ٻوليءَ جي باري ۾ مختصر احوال ڏنو ويو آهي. سر آر - ايل - ٽرنر جو هڪ ٻيو ڪتاب سن 1937ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ نيپالي ۽ سنڌي ٻولي جي ڀيٽ ڪئي وئي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ 1941ع ۾ لکي شايع ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1956ع ۾ ٻيهر ڇاپي وئي. ڀيرومل جي راءِ موجب موجوده سنڌي ٻولي وراچڊ اُپڀرنش جي ڄائي آهي، جا وري پنجاب واري شور سيني پراڪرت جي ڌيءَ آهي(9). انهيءَ شورسيني پراڪرت تي وري داردڪ ٻولين جو اثر پيو، جنهنڪري اها اپڀرنش يعني بگڙيل ٿي پئي(10). سرائڪي، ملتاني، ڪشميري ۽ ڪوهستاني ٻوليون انهن داردي ٻولين جو اولاد آهن (11). محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر الانا، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي ۽ جناب سراج الحق ميمڻ طرفان بعد ۾ ٿيل تحقيق موجب ڀيرومل آڏواڻيءَ جا ڪڍيل نتيجا هاڻ غلط ثابت ٿي چڪا آهن.سنيتي ڪمار چئٽرجي 1942ع ۾ هڪ ڪتاب لکيو “Indo Aryan & Hindi” جيڪو احمد آباد ۾ ڇپيو. سنڌيءَ ٻولي تي تحقيق ڪندڙن مان اڪثر عالمن هن ڪتاب مان حوالا ڏنا آهن. ڏيارام مير چنداڻي سنڌي گرامر ٻن ڀاڱن ۾ لکيو، پهريون 1843ع ۾، ٻيو 1945ع ۾ شايع ٿيو. مشهور دانشور ۽ سياستدان شري جيرامداس دولترام پڻ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪئي آهي. سن 1975ع ۾ آل انڊيا اورينٽل ڪانفرنس جي صدارتي خطبي ۾ پنهنجا نتيجا بيان ڪيائين: (1) وراچڊ ۽ سنڌيءَ جي خاص خصوصيتن جي ڀيٽ ڪرڻ مان معلوم ٿيو ته سنڌي ۽ وراچڊ جي وچ ۾ ڪابه مناسبت ڪانهي. (2) سنڌي هڪ خود مختيار ٻولي آهي، جيڪا ديسي سنڌي پراڪرت مان اُسري آهي. ۽ ديسي سنڌي اپڀرنش ۾ تبديل ٿي آهي (12). سن 1958ع ۾ ٽيڪساس يونيورسٽي آمريڪا ۾ مسٽر جون - جي - بورڊي سنڌي ٻوليءَ تي سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي. ”اسپيڪٽروگرافي“ جي مدد سان ”چوُسڻا آواز“ جون خصوصيتون معلوم ڪيون. ڀارت جي مشهور سنڌي ماهر لسانيات ڊاڪٽر لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي 1958ع ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون دفعو لسانيات جي اصولن تحت ڪتاب لکيو ”اسان جي ٻولي“. ڪتاب جي هڪ خصوصيت اها به آهي ته مثال جيڪي کنيا ويا، سي ڳالهائڻ واري ٻوليءَ مان کنيا ويا ۽ نه لکت واريءَ ٻوليءَ مان. اهڙيءَ طرح ڳالهائڻ ۾ ايندڙ ٻولي ۽ لکڻ ۾ فرق پڻ ڏيکاريو ويو. لڇمڻ خوبچنداڻي صاحب پنسلوانيا يونيورسٽي آمريڪا ۾ 1961ع ۾ ايم - اي - جي ڊگريءَ لاءِ تحقيقي مقالو لکيو، جنهن جو عنوان آهي: "The phonology & Morphonemics of Sindhi" خوبچنداڻي صاحب پنهنجي مخصوص لهجي کي نظر ۾ رکي پوءِ سنڌي صوتيات تي ڪم ڪيو آهي ۽ علمي لحاظ کان بلڪل عمدو ڪم ٿيل آهي، ڇو ته جديد لسانيات جي روشنيءَ ۾ آمريڪا جي ماهر استادن جي رهبريءَ هيٺ لکيو اٿس، انڪري پنهنجي دائري اندر بلڪل ڪارآمد ڪتاب آهي (13). بمبئيءَ جي مشهور سنڌي ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ سن 1961ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ڪتاب لکيو ”ڀاشا شاستر“. پوپٽيءَ جو چوڻ آهي: ”سنڌي سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، پر سنڌي ۽ سنسڪرت جو بنياد ساڳيو آهي. ٻنهي جو سرچشمو سنڌو ماٿر جي اصل آريائي ٻولي آهي. سنسڪرت اوائلي مول ڀاشا جو هڪ روپ آهي ۽ سنڌي ٻيو روپ. هڪ ماءُ جون ڌيئون هئڻ ڪري ٻنهي ۾ سمانتا آهي (14).هندستان جي هڪ ٻئي ليکڪ شري ليلي رُچنداڻيءَ پڻ 1961ع ۾ پنهنجو مقالو ”سنڌي ٻوليءَ جو اُتهاس“ لکيو، جيڪو ”نيئن دنيا“ ۾ قسطوار ڇپيو. ليلي جي تحقيق موجب:”سميري سڀيتا ۽ سنڌو جي وچ ۾ گهرو رشتو هو. انهيءَ وسهڻ لاءِ ڪافي سبب ملن ٿا ته اوائلي سنڌي ٻولي هڪ الڳ نوعيت واري ٻولي هئي، جنهن تي پوءِ نه صرف انڊو - يورپي گروهه جو، پر سامي گروهه جو به اثر پيو، جنهنڪري ان جو روپ ايترو ته بدلجي ويو، جو اڄ سندس الڳ نوعيت پوريءَ طرح پروڙڻ مشڪل ڪم ٿي پيو آهي. اتهاسڪ احوالن مان اهو به پتو پوي ٿو ته سنڌي ۽ سامي لوڪ گڏو گڏ رهندا هئا. البت سامي گروهه جو اثر سنڌي ٻوليءَ تي شروعاتي دؤر ۾ ئي ضرور پيو هوندو. موهن جي دڙي واري سڀيتا جي سمي ۾ ڪجهه سامي لوڪ اتر - اولهه هند ۾ رهندا هئا ۽ اوائلي سنڌين، سميرين، اڪڙي ۽ بابلي لوڪن جو هڪ ٻئي سان گهرو رشتو هو. سنڌي ٻوليءَ جي معرفت ئي آريائي ۽ سامي ٻولين جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿيل ٿو ڏسجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترا اهڙا الفاظ آهن، جي سڌوسنئون سامي گروهه جي ٻولين سان واسطو رکن ٿا. (15). محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ سن 1962ع ۾ ڇپيو، تنهن جو ٻيو سـُڌريل ۽ وڌايل ڇاپو 1980ع ۾ نڪتو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق جا نتيجا هن ريت آهن : (1) سنڌي قبل از تاريخي قديم تهذيب جي ٻوليءَ جا آثار موهن جي دڙي جي کنڊرات مان مليل مهرن ۾ محفوظ آهن. انهيءَ قبل از تاريخي قديم ٻوليءَ جي حقيقت معلوم نه ٿي سگهي آهي، ٿي سگهي ٿو ته اها ڪا ”سامي صفت“ ٻولي هجي، جيڪا عراق جي قديم ”سميري تهذيب“ ٻوليءَ جي ساٿياري هئي. مقامي طور ان جي دراوڙي سلسلي سان نسبت ٿي سگهي ٿي. (2) موجوده سنڌي ٻولي سنئون سڌو سنسڪرت مان نڪتل ناهي. (3) سنڌي انهيءَ وراچڊ اپڀرنش مان نڪتل ڪانهي، جنهن جو ذڪر اڳين نحوين ڪيو آهي. سنڌيءَ جو خمير سنڌ جي سرزمين ۾ تيار ٿيو. ان جو بــُڻ بنياد، ان جو موروثي سرمايو ئي آهي، جنهن جي تاريخ سنسڪرت کان اڳ واري ”پروٽو - پراڪرت“ يا ”پهرين پراڪرت“ تائين پهچي ٿي (16).
    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، سن 1963ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي (لسانيات) ڊگريءَ لاءِ مقالو لکيو، جنهن جو عنوان آهي: . “Arabic Element in Sindhi”. آمريڪا جي پنسلوانيا يونيورسٽي ۾ ئي ڊاڪٽر لڇمڻ خونچنداڻي پنهنجي پي . ايڇ . ڊي ڊگريءَ لاءِ 1963ع ۾ ٿيسز لکي، جنهن جو عنوان آهي: “The Acculmation of Indian Sindh to Hindi” اُن ۾، ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ لڏي آيل سنڌين جي ٻوليءَ جي آوازن ۾ تبديلين جو مطالعو ڪيل آهي. “Language in Contact” جي موضوع تي پهرين ڪوشش آهي. سراج الحق صاحب جو مشهور ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ سن 1964ع ۾ ڇپيو. سراج جي هن تحقيق جو تاتپرج هي آهي: (1) سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي پراڪرت نه، پر هڪ اصلوڪي بنيادي ٻولي آهي، جنهن جو سڌو تعلق ٻين هند - يورپي ٻولين سان گهرو آهي، پر ٻوليءَ جي اوسر ان طرح جي نه آهي، جئين يورپي عالمن، هيمچندر ۽ مارڪڻڊيه جي مختصر اشارن مان پنهنجي پسند جو مطلب ڪڍڻ چوڻ گهرن ٿا. (17)
    (2) تاريخ کان اڳ واري دؤر ۾ هڙپا کان موهن جي دڙي تائين هڪ قوم آباد هئي، جنهن وٽ سٺو تمدن هو ۽ جنهن کي سڌريل زبان هئي. پوءِ ڪنهن وچين دؤر ۾ خانه جنگي ۽ ڪن سماجي صورتن جي تفاوتن سبب انهن ماڻهن جي تهذيب برباد ٿي وئي ۽ ڪي قبيلا لڏي، اوڀر ۽ اولهه طرف وڌيا. انهن مان ڪي قبيلا سمير ۽ بابل وارن علائقن ۾ وڃي رهيا ۽ تهذيب قائم ڪيائون. سنڌو تهذيب ان تهذيب جو سرچشمو هئي. جيڪي قبيلا اوڀر طرف ويا تن گنگا جمني دوآبي ۾ رهي، پنهنجي تهذيب قائم ڪئي. ان تهذيب هڪ نئون سماج قائم ڪيو، جنهن ويدڪ ڌرم جي صورت اختيار ڪئي. سنڌي زبان جتي جتي وئي، تتي تتي مڪاني محاورن سان گڏجي هڪ نئين زبان ٺهي پئي. (18) سراج، موهن جي دڙي مان هٿ آيل مهرن جي لکيتن جو ملهه مقرر ڪندي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سن 1960ع کان 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻويءَ جي بــُڻ بنياد تي مختلف عالمن ۽ محققن جا سنڌ توڙي هند ۾ تمام گهڻا بحث مباحثا، اخبارن، رسالن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهيا. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو ڪتاب ”سنڌي صورتخطي“ سن 1964ع ۾ ڇپيو. انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي انداز ۾ جائزو ورتو ويو آهي ۽ انهيءَ جو تاريخي پس منظر پڻ پيش ڪيو ويو آهي. عام صورتخطيءَ جي ڪيترين ئي غلطين جي نشان دهي ڪئي وئي آهي. الانا صاحب هن ڪتاب ۾ پنهنجي طرفان درست صورتخطيءَ لاءِ ڪافي سفارشون پيش ڪيون آهن. ڊاڪٽر مرليڌر ڪشنچند جيٽلي سن 1965ع ۾ پونا يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊگريءَ لاءِ جيڪا ٿيسز لکي، تنهن جو عنوان آهي: “Morphology of Sindhi” (سنڌي صرفيات). جيٽلي صاحب وچولي سنڌي محاوري کي معياري سنڌي طور ڪم آندو ۽ ڊاڪٽر ٽرومپ جي گرامر وارن ڳالهائڻ جي نون لفظن موجب، نحوي بناوتن تي دل کولي بحث ڪيو آهي. پر ڇنڊڇاڻ جي طور طريقي ۾ چند لغرشن جي باوجود، هن ڪتاب ۾ عالمن ۽ محققن جو جوڳو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪافي مواد موجود آهي. (19) جديد لسانيات جي ميدان ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جو اهم ڪتاب ”سنڌي صوتيات“ سن 1967ع ۾ ڇپيو. الانا صاحب جو هيءُ ڪتاب سنڌي صوتيات جي ڏس ۾ پهريون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي آوازن جا مخرج ٻڌايا ويا آهن. سنڌي وينجنن جا قسم ۽ سنڌي ســُـرن جو بيان ۽ سندن خصوصيتون ماهرانه انداز ۾ سمجهايون ويون آهن. لسانيات جي انگريزي اصطلاحن جا سنڌيءَ نعم البدل ڏنا ويا آهن، جن کي لسانيات جي ٻين ماهرن به تسليم ڪيو آهي. سن 1968ع ۾ پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئيءَ جو ڪتاب ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ شايع ٿيو. جتوئي صاحب جو هيءُ ڪتاب سنڌي لسانيات جو بنيادي ڪتاب تصور ڪيو وڃي ٿو. ڪتاب ۾ سنڌي صوتيات ۾ سنڌي صوتياتي نظام جو اڀياس، سنڌي صرفيات نحو، معنيات، لساني جاگرافي ۽ تقابلي لسانيات جا اصول سمجهايا ويا آهن. لسانيات جي مشهور ماهرن جهڙوڪ: بلوم فيلڊ، آر - ايڇ - رابنس، بلاخ ۽ ٽرئگر، برٽل مامبرگ، رابرٽ - اي - هــِـل وغيره جي معروف ڪتابن مان حوالا ڏنا ويا آهن. لسانيات جي ميدان ۾ نوان سنڌي اصطلاح پيش ڪيا ويا آهن. سن 1969ع ۽ 1970ع دوران ڪوپن هيگن جي انسٽيٽيوٽ آف ايشين اسٽڊيز جي ماهرن آسڪو پرپولا ۽ سيمو پرپولا، ڪمپيوٽر ذريعي موهن جي دڙي مان مليل مهرن جي قديم لکيتن کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هنن ماهرن جي دعويٰ آهي ته”موهن جي دڙي واري ٻولي دراوڙي ٻولين جي ماءُ آهي، جنهن مان اهي دراوڙي ٻوليون اُسريون آهن. هنن ماهرن ڪن مهرن جون پڙهڻيون به ڏنيون آهن. انهن جي ڪڍيل نتيجن ۽ پڙهڻين مان حاصل ڪيل ڪي لفظ اڄ به سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن. انهن ماهرن دراوڙي ٻولين جي وياڪرڻ جي روشنيءَ ۾ موهن جي دڙي واري ٻوليءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، ۽ موهن جي دڙي واري ٻوليءَ کي Proto-Dravidian”“ ٻولي سڏيو آهي(20).مرڪزي اردو بورڊ لاهور طرفان 1970ع ۾ ڊاڪٽر شرف الدين اصلاحي جو ڪتاب ڇپيو ”اردو سنڌي ڪي لساني روابط“. اصلاحي صاحب جو هيءُ پي - ايڇ - ڊي لاءِ لکيل مقالو آهي، جو هن 1965ع ۾ لکيو. هن تحقيقي مقالي ۾ اردو سان ڀيٽ ڪندي سنڌي ٻوليءَ تي جنهن نموني تحقيق ڪيل آهي، سو قابل داد آهي.مس آر - پي - ييگورايا، انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽڊيز ماسڪو ۾ سنڌي ٻوليءَ تي هڪ تحقيقي مقالو سن 1966ع ۾ روسي زبان ۾ لکيو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو تعارف ۽ اُچارن جو طريقو، سنڌي حرف ۽ نحو تي روشني وڌل آهي. هن ڪتاب کي 1971ع ۾ اِي- ايڇ - زيپان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ ماسڪو ۾ ڇپيو.ڊاڪٽر الانا صاحب سن 1974ع ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو بــُـڻ بنياد“ ڪتاب لکيو. ڪتاب ۾ سنڌي، سنسڪرت ۽ دراوڙي ٻولين جي تفصيلي ڀيٽ ڪئي ويئي آهي. جيڪي نتيجا اخذ ڪيا ويا، سي آهن:(1) موهن جي دڙي واري ٻولي جا قديم دراوڙي ٻولي هئي.(2) سنڌي ٻولي ۽ دراوڙي ٻولين جي صوتياتي نظام، حرفي ۽ نحوي سٽاءَ ۾ هڪجهڙائي آهي.(3) سنڌي ٻولي بنيادي طور غير آريائي ٻولي آهي، جنهن کي سئندوَ يعني سنڌي ٻولي چئي سگهجي ٿو، جا بنيادي طور توراني ٻولين جي خاندان سان واسطو رکي ٿي.(4) سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون موهن جي دڙي جي قديم تهذيب ۾ کتل آهن، ۽ جيڪا ساڳي موهن جي دڙي واري قديم ٻولي آهي، جا سئندو/ سئندوي/ سندوي مان روپ بدلائيندي، سنڌي ٻولي سڏجڻ لڳي آهي، جا مختلف ٻولين کان اثر وٺندي، جيئندي، پنهنجن خوبين ۽ انوکين ڳالهين کي پاڻ ۾ بچائيندي ۽ محفوظ رکندي اڄ به پنهنجي انفراديت قائم رکيو بيٺي آهي(21).ڊاڪٽر الانا صاحب جو لسانيات جي ميدان ۾ پنجون ڪتاب 1979ع ۾ جڳ مشهور اداري سنڌ الاجي طرفان ڇپايو ويو آهي، جنهن جو عنوان آهي. ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي.“ سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ تي هن کان اڳ ڪاڪي ڀيرومل به پنهنجي ڪتاب”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ “ ۾ سنڌي جي مختلف لهجن تي ڪجهه روشني وڌي هئي، پر لساني جاگرافيءَ جو بنيادي ڪتاب سمجهيو ويندو. ڪتاب نقشن ۽ چارٽن سان سينگاريل آهي. ڪتاب پنجن حصن ۾ ورهايل آهي:(1) ڪــَـڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ (2) ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ (3) راجستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ (4) بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ (5) سرائڪي ايراضيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ.ڊاڪٽر الانا صاحب جي دعويٰ آهي ته هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ جون حدون مقرر ڪيون ويون آهن، ته جيئن پڙهندرن کي معلوم ٿي سگهي ته سنڌي زبان جون جاگرافيائي حدون ننڍي کنڊ ۾ ڪيستائين ڦهليل آهن. انهن حدن تائين سنڌي زبان جي ڦهلجڻ ۽ پکڙجڻ جا سبب ۽ ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ لسانيات جي جڳ مشهور ماهرن جيڪي اصول مقرر ڪيا آهن، انهن اصولن جي راهه وٺي هن ڪتاب ۾ سنڌي زبان جي لساني جاگرافيءَ واري موضوع تي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي. موجوده وقت سنڌي ٻوليءَ تي سائنسي بنيادن تي جديد سائنسي اوزارن جي مدد سان تحقيق ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هڪ مڪمل لئنگويج لئبارٽري جي سهوليت، سنڌ يونيورسٽي، سنڌ الاجي، سنڌي ادبي بورد، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ڪٿي به ميسر ڪانهي. ڪمپيوٽر توڙي ٻين جديد ترين برقياتي ساز و سامان جي ذريعي حاصل ڪيل ٺوس نتيجن جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻولي تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. هيءُ فرض اعليٰ ادبي ۽ علمي ادارا ئي خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏئي سگهن ٿا
    بشڪريه عبرت.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو