پائول اسٽرلنگ جي شاندار سينچري، آئرلينڊ 306 رنسن جو هڪ ٻيو وڏو اسڪور چيز ڪري ورتو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]ڪلڪته ۾ کيڏيل ڪالهوڪي ميچ ۾ آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم آخري گروپ ميچ ۾ هالينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي انتهائي دلچسپ مقابلي بعد 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنهنجي ورلڊ ڪپ مهم جو ڪامياب اختتام ڪيو آهي، آئرلينڊ جي ٽيم کيڏيل 6 ميچن مان 2 ميچون کٽي 4 پوائنٽن سان ڇهين نمبر تي رهي، جڏهن ته هالينڊ جي ٽيم کيڏيل سموريون 6 ميچون هارائي وئي، آئرلينڊ جي ٽيم انگلينڊ کي اپ سيٽ شڪست ڏني هئي، ڪالهه ڪولڪتا جي ايڊنز گارڊنز اسٽيڊيم ۾ ٿيل ميچ ۾ آئرلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي هالينڊ جي ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن 50 اوورن ۾ 10 وڪيٽن جي نقصان تي ريان ٽين ڊسڪاتي جي سينچري ۽ ڪپتان پيٽر بوريف جي شاندار 84 رنسن جي اننگز جي مدد سان 306 رنسون ٺاهيون، هالينڊ جا آخري اوور ۾ آخري 4 بالن تي آخري 4 بيٽسمين رن آئوٽ ٿيا، ريان ٽين ڊسڪاتي ۽ پيٽر بوريف وچ ۾ پنجين وڪيٽ تي 121 رنسن جي پارٽنرشپ ٿي، ڊسڪاتي 106 رنسن تي آئوٽ ٿيو، ڪپتان پيٽر بوريف 84 ۽ ويسلي بريسي 44 رنسون ٺاهيون، آئرلينڊ جي بالنگ ۾ جان موني ۽ پائول اسٽرلنگ 2-2 وڪيٽون ورتيون، آئرلينڊ جي ٽيم307 رنسن جو وڏو ٽارگيٽ 47.4 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو، اوپنر پائول اسٽرلنگ شاندار سينچري ٺاهي، اسٽرلنگ ۽ ڪپتان وليم پوٽر فيلڊ وچ ۾ 177 رنسن جي اوپننگ پارٽنرشپ ٿي، پوٽر فيلڊ 68 رنسن تي آئوٽ ٿيو، اسٽرلنگ طوفاني بيٽنگ ڪندي 72 بالن تي 2 ڇڪن ۽ 14 چوڪن جي مدد سان 101 رنسون ٺاهيون، نيل اوبرائن 57 (ناٽ آئوٽ) اسڪور ڪيو، سندس ڀاءُ ڪيون اوبرائن آخر ۾ 2 ڇڪا هڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري، آخر ۾ سينچري ٺاهڻ سان گڏ 2 وڪيٽون وٺندڙ پائول اسٽرلنگ کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
    [/JUSTIFY]

    اڄوڪي ميچ جو مرد ميدان پائول اسٽرلنگ جنهن 101 رنسون ٺاهيون

    [​IMG]

    ميچ جون مڪمل جهلڪيون

    http://www.youtube.com/watch?v=X8zFlmC1n2g
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو