• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پائول اسٽرلنگ جي شاندار سينچري، آئرلينڊ 306 رنسن جو هڪ ٻيو وڏو اسڪور چيز ڪري ورتو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڪلڪته ۾ کيڏيل ڪالهوڪي ميچ ۾ آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم آخري گروپ ميچ ۾ هالينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي انتهائي دلچسپ مقابلي بعد 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنهنجي ورلڊ ڪپ مهم جو ڪامياب اختتام ڪيو آهي، آئرلينڊ جي ٽيم کيڏيل 6 ميچن مان 2 ميچون کٽي 4 پوائنٽن سان ڇهين نمبر تي رهي، جڏهن ته هالينڊ جي ٽيم کيڏيل سموريون 6 ميچون هارائي وئي، آئرلينڊ جي ٽيم انگلينڊ کي اپ سيٽ شڪست ڏني هئي، ڪالهه ڪولڪتا جي ايڊنز گارڊنز اسٽيڊيم ۾ ٿيل ميچ ۾ آئرلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي هالينڊ جي ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن 50 اوورن ۾ 10 وڪيٽن جي نقصان تي ريان ٽين ڊسڪاتي جي سينچري ۽ ڪپتان پيٽر بوريف جي شاندار 84 رنسن جي اننگز جي مدد سان 306 رنسون ٺاهيون، هالينڊ جا آخري اوور ۾ آخري 4 بالن تي آخري 4 بيٽسمين رن آئوٽ ٿيا، ريان ٽين ڊسڪاتي ۽ پيٽر بوريف وچ ۾ پنجين وڪيٽ تي 121 رنسن جي پارٽنرشپ ٿي، ڊسڪاتي 106 رنسن تي آئوٽ ٿيو، ڪپتان پيٽر بوريف 84 ۽ ويسلي بريسي 44 رنسون ٺاهيون، آئرلينڊ جي بالنگ ۾ جان موني ۽ پائول اسٽرلنگ 2-2 وڪيٽون ورتيون، آئرلينڊ جي ٽيم307 رنسن جو وڏو ٽارگيٽ 47.4 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو، اوپنر پائول اسٽرلنگ شاندار سينچري ٺاهي، اسٽرلنگ ۽ ڪپتان وليم پوٽر فيلڊ وچ ۾ 177 رنسن جي اوپننگ پارٽنرشپ ٿي، پوٽر فيلڊ 68 رنسن تي آئوٽ ٿيو، اسٽرلنگ طوفاني بيٽنگ ڪندي 72 بالن تي 2 ڇڪن ۽ 14 چوڪن جي مدد سان 101 رنسون ٺاهيون، نيل اوبرائن 57 (ناٽ آئوٽ) اسڪور ڪيو، سندس ڀاءُ ڪيون اوبرائن آخر ۾ 2 ڇڪا هڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري، آخر ۾ سينچري ٺاهڻ سان گڏ 2 وڪيٽون وٺندڙ پائول اسٽرلنگ کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

اڄوڪي ميچ جو مرد ميدان پائول اسٽرلنگ جنهن 101 رنسون ٺاهيون

2jg8dnt.jpg


ميچ جون مڪمل جهلڪيون

http://www.youtube.com/watch?v=X8zFlmC1n2g
 
Back
Top