آخرڪار پاڪستاني ٽيم اهو ڪري ڏيکاريو جنهن لاء هوء مشهور آهي ته دنيا جي ڪنهن به ٽيم کي ڪنهن به وقت شڪست ڏيڻ ڪو ان کان سکي۔ 12 سالن ۽ مسلسل 34 فتحن کانپوء آخرڪار آسٽريليا کي پاڪستان هٿان ورلڊ ڪپ ميچن ۾ اڄ ڪولبو ۾ شڪست نصيب ٿي ۽ سندس ناقابل شڪست رهڻ وارو سلسلو ٽٽي پيو۔ مئي 1999 ۾ پاڪستان ئي آخري دفعو آسٽريليا کي ورلڊ ڪپ ميچن ۾ شڪست ڏني هئي۔
ڪولمبو ۾ ٽاس کٽي آسٽريليا پهريان بئٽنگ جو فيصلو ڪيو پر عمر گل ، عبدالرزاق جي بهترين بالنگ سبب سڄي ٽيم 47 اوور ۾ صرف 176 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ پاڪستاني ڪپتان شاهد آفريدي جي بهترين پلاننگ ، فيلڊرن جي ڦڙتي ۽ بالرن جي شاندار ڪارڪردگي سبب آسٽريلوي بئٽنگ شروع کان آخر تائين دٻاء ۾ نظر آئي۔ اڄ ڪامران اڪمل به بهترين وڪيٽ ڪيپنگ ڪندي ٽي ڪيچ پڪڙيا۔ بريڊ هيڊن 42 ۽ مائيڪل ڪلارڪ 34 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا۔ عمر گل 3 ۽ رزاق 2 وڪيٽون ورتيون۔ آفريدي، حفيظ، عبدالرحمان ۽ وهاب رياض هڪ هڪ وڪيٽ ورتي۔
پاڪستان جي شروعات به سٺي نه رهي ۽ اپنر ڪامران اڪمل ۽ حفيظ 45 جي اسڪور تي بريٽ لي جو شڪار بنجي پويلين واپس ويا پر پوء اسد شفيق ۽ يونس خان زميوارانه بئٽنگ ڪندي اسڪور 98 رنسن تائين پهچايو پر بريٽ پنهنجي ٻئي اسپيل ۾ ٻن بالن تي ٻه وڪيٽون وٺي يونس ۽ مصباح کي آئوٽ ڪري پاڪستان کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو۔ يونس خان 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔ اسد شفيق 46 ۽ آفريدي 2 رنسون ٺاهي آئوت ٿيا ۽ اسڪور 6 وڪيٽن تي 142 هو۔ پر عمر اڪمل ۽ عبدالرزاق پاڪستان کي فتح ڏياري ورتي ۽ 41 هين اوور ۾ 178 رنسون ٺاهي پاڪستان کي چئن وڪيٽن تان ڪاميابي ڏياري۔ عمر اڪمل 44 ۽ عبدالرزاق 20 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا۔ بريٽ لي شاندار بالنگ ڪئي ۽ چار وڪيٽون ورتيو۔
هن ڪاميابي سان گڏ پاڪستان پوائنٽس ٽيبل تي گروپ اي ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو۔ سريلنڪا ٻئي ، آسٽريليا ٽين ۽ نيوزيلينڊ چوٿين نمبر تي اچي ڪوارٽر فائنل لاء ڪواليفائي ڪري ورتو آهي۔

اڄوڪي ميچ جو مين آف دي ميچ عمر اڪمل

http://www.youtube.com/watch?v=6YIMNwP1dv0