يمن هجي يا بحرين هجي يا ليبيا جتي مسلمان مسلمانن جو خون پيو وهائي جتي غريب قوم جي جذبات ئي نه پر انهن جي جان و مال کي نشانو بڻايو پيو وڃي انهن جي لاء فرانس جرمي ۽ ٻين ملڪن مان فوجون گهرائي پنهنجي ئي قوم تي ظلم ڪيو پيو وڃي اهي حڪمران جن جا رعايا انهن جي هٿن ۾ امانت هوندا آهين اهي امانتدار انهن سان خيانت ڪري رهيا آهين حق جي لاء اواز بلند ڪندڙن کي هميشه جي ننڊ سمهاريو پيو وڃي اهو ظلم ڪيسيتائين هلندو ان ظلم کي ڪير روڪيندو؟ اهو ظلم آخر عوام سان ڇا جي لا ڪيو پيو وڃي اهي اهڙا سوال آهين جن جا جواب ملڻ مشڪل ئي نه پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء
اميري ڏِٺي ٿي نه غريبي ٻُڌي ٿي
توکان ڪنهن جي نه فقيري سَٺي ٿي
پنهنجن جا ڪنڌ ڪپي ڌار ڪيا تو
ڌاري قوم توکان نه ڪڏهن ڪُٺي ٿي
بکايل ، ستايل ڏکايل هن ماڻهون
تنهنجي ئي قوم نه توکان سُکي ٿي
ڌارين کي گهرائي ڪُهين ٿو قوم پنهنجي
ايڏي قوم توکي سستي لَڌي ٿي؟
گوليون هلايئي جنهن حق گهريو
ظلم جي تحريڪ نه توکان رُڪي ٿي
پهنجن جي سار ڪڏنهن نه لڌي تو
ڌاري قوم توکي ڪڏهن کان مِٺي ٿي ؟
ظلم ڪرڻ کان مُڙي وڃ ،ظفر،
مظلوم جي دانهن ڏاڍي تِکي ٿي
توکان ڪنهن جي نه فقيري سَٺي ٿي
پنهنجن جا ڪنڌ ڪپي ڌار ڪيا تو
ڌاري قوم توکان نه ڪڏهن ڪُٺي ٿي
بکايل ، ستايل ڏکايل هن ماڻهون
تنهنجي ئي قوم نه توکان سُکي ٿي
ڌارين کي گهرائي ڪُهين ٿو قوم پنهنجي
ايڏي قوم توکي سستي لَڌي ٿي؟
گوليون هلايئي جنهن حق گهريو
ظلم جي تحريڪ نه توکان رُڪي ٿي
پهنجن جي سار ڪڏنهن نه لڌي تو
ڌاري قوم توکي ڪڏهن کان مِٺي ٿي ؟
ظلم ڪرڻ کان مُڙي وڃ ،ظفر،
مظلوم جي دانهن ڏاڍي تِکي ٿي