• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آخرڪار عرب دنيا ۾ ايندڙ تبديلي جي اصليت جو پتو پئجي ويو ، لبيا تي مغربي فوج جو حملو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
آخر ڪار اصليت معلوم ٿي وئي عرب دنيا ۾ انقلاب نه پر مغربي طاقتون پنهنجي حامي ماڻهن ۽ پنهنجي فوج جي موجودگي چاهين پيون۔ ان جي خبر لبيا تي ٿيندڙ مغربي فوجن جي ميزائل ۽ هوائي حملن مان پئجي وئي۔ اصليت تيل جي کوهن تي قابض هجڻ آهي نه ڪي انسانيت جي ڀلائي۔

5nrqcx.jpg


1zptlzl.jpg


ڪاوش جي هيٺين خبر پڙهو:

تريپولي/پيرس(اي ايف پي/مانيٽرنگ ڊيسڪ) لبيا خلاف عالمي فوجي ڪارروائي شروع، بن غازي،شهر ۾ فرانسيسي جهازن پهريون حملو ڪري ڇڏيو، ڪرنل قذافي جي حامي فورسز جون 4 ٽينڪون تباهه، جڏهن ته اتحادي فوج جي بحري جنگي جهازن مان تريپولي ۽ مصراتا شهرن تي 110 ڪروز ميزائل فائر ،تيل جي ذخيرن کي نشانو بڻائي 20 هنڌن تي حملا ڪيا ويا. لبيا جي سرڪاري ٽي وي مطابق ميزائلن ذريعي شهرين نشانو بڻايو ويو، ڪيترائي شهري زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته لبيا جي فوج هڪ فرانسيسي جنگي جهاز ڪيرائي وڌو، ٻئي طرف آفريقي يونين حملي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. لبيا جي هوائي ناڪابندي لاءِ فرانس جا 20 جنگي جهاز نگراني ڪري رهيا آهن، بن غازي شهر جي 100 کان 150 ڪلوميٽرن واري علائقي ۾ آپريشن ٿي رهيو آهي، بن غازي ۾ فرانسيسي جهازن جي پهرين حملي ۾ لبيائي حڪومتي فورسز جون 4 ٽئنڪون تباهه ٿي ويون، پاڪستاني وقت مطابق فرانسيسي جهازن لبيا تي پهريون حملو 10 لڳي 45 منٽن تي ڪيو، اي ايف پي مطابق لبيا تي پهرين عالمي فوجي حملي جي باغين آجيان ڪئي ۽ خوشي ۾ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي، جڏهن ته فرانسيسي ذريعن مطابق لبيا جي گادي واري شهر تريپولي ۾ ڪرنل قذافي جي اباڻي شهر سرت ۽ سڀا شهرن ۾ باب الفرينويا، 3 قومي هوائي اڏن تي عالمي فوج حملا ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته فرانسيسي دفاعي وزارت جي ترجمان تيئري برکارڊ چيو آهي ته فرانسيسي جنگي جهاز لبيا ۾ هڪ فوجي گاڏي تي حملو ڪيو، لبيا جي هوائي ناڪابندي جي 20 فرانسيسي جنگي جهاز نگراني ڪري رهيا آهن، بن غازي شهر جي چوڌاري 100 کان 150 ڪلوميٽرن جي علائقي ۾ آپريشن ٿي رهيو آهي، هوڏانهن فرانسيسي فوجي ترجمان چيو آهي ته فرانسيسي جهاز لبيا ۾ پهريون هدف ڪاميابي سان تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف هڪ آمريڪي عملدار مطابق آمريڪا لبيا جي دفاعي ٺڪاڻن تي حملن جي تياري ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ ٿيل عالمي طاقتن جو اجلاس پڻ ٿيو، اجلاس ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير هلييري ڪلنٽن، فرانسيسي صدر نڪولس سرڪوزي، برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون، اٽلي جي وزيراعظم سلويو برلسڪوني، جرمن چانسلر اينجلا مرڪل، اسپينش وزيراعظم لوئس روڊ ريگز کانسواءِ بيلجيم، ڪئناڊا، ناروي، سويڊن ۽ عرب ليگ جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ لبيا خلاف فوجي ڪارروائي جي منظوري ڏني وئي، پئرس ۾ هڪ طرف عالمي طاقتن جو اجلاس جاري هو ته ٻئي طرف فرانسيسي ۽ اٽلي جي جهازن جون لبيا تي اڏامون جاري رهيون، جنهن بعد فرانس جي جهازن لبيائي شهر بن غازي تي پهريون حملو ڪيو ۽ حملي ۾ هڪ فوجي گاڏي سميت 4 ٽئنڪن کي نشانو بڻائي تباهه ڪيو. ان کان اڳ لبيائي فورسز باغين جو هڪ جنگي جهاز تباهه ڪيو، جڏهن ته بن غازي شهر ۾ بمباري سبب 26 ڄڻا مارجي وڃڻ جا اطلاع پڻ مليا.​
 
جواب: آخرڪار عرب دنيا ۾ ايندڙ تبديلي جي اصليت جو پتو پئجي ويو ، لبيا تي مغربي فوج جو

اها ئي آهي انهن جي اصليت، ڪفر ڪڏهن به اسلام جو دوست نه ٿو بڻجي سگهي، هڪ طرف اجلاس ته ساڳي ملڪ جي اڳرائي؟!!!
ڀلا باغين وٽ جنگي جهاز ڪٿان آيا؟؟
ليبيا ۾ موجود پاڪستانين لاءِ حڪومت ڇا ڪيو؟
 
جواب: آخرڪار عرب دنيا ۾ ايندڙ تبديلي جي اصليت جو پتو پئجي ويو ، لبيا تي مغربي فوج جو

مسلمان ملڪن مان واحد ليبيا جو اڳواڻ ڪرنل قذافي ئي هيو جيڪو وڏي وات آمريڪا جي مخالفت ڪندو هو ۽ تازو گذريل سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هن آمريڪا کي شيطان سڏيو هو ۔۔۔
هميشه کان هن اڳواڻ کان آمريڪا ڇرڪيل رهندو هو۔۔۔ کيس ختم ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي ته آمريڪا گذريل 20 سالن کان جستجو ۾ آهي۔۔۔ ۽ عرب رياستن ۾ موجوده انقلابي لحر مان پورو پورو فائدو وٺندي هوا جي رخ کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ۾ آندو پيو وڃي۔۔۔ ان مرحلي جي پهرين ڪڙي ته ان وقت ئي ظاهر ٿي هئي جڏهن ليبيا جو ائٽمي پروگرام رول بيڪ ٿيو هو۔۔۔
ليبيا تي مڙهيل هن جنگ کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ سعودي جو ڪردار اهم ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن هو چاهي ته۔۔۔ !
 
جواب: آخرڪار عرب دنيا ۾ ايندڙ تبديلي جي اصليت جو پتو پئجي ويو ، لبيا تي مغربي فوج جو

دوستو! آمريڪا جي پاليسي اها ئي آهي جيڪا عراق لاءِ‌هئي، پهرين اتي پنهنجو ڇاڙتو ويهاريائين، ان کان بعد جڏهن ان مان سندس ڪم نڪري ويو ته ان کي ختم ڪرائي ڇڏيائين ۽ ان مان اتان جي نجات ڏيارڻ‌ جي بهاني اتان جي تيل ۽ ٻين ذخيرن تي قبضو ڪيائين۔۔۔۔۔ ليبيا سان به ساڳي ڳالهه آهي،
جنرل قذافي توڙي جو پهرين آمريڪا جو مخالف هو، پر ان بعد ليبيا آمريڪا جي اڳيان سر تسليم خم ڪري ڇڏيو هو، ان جو ثبوت اهو هو جو هن ليبيا جي ائٽمي پروگرام کي رول بيڪ ڪري ڇڏيو
ان کان پوءِ پاڪستان جي ائٽمي پروگرام بابت به ليبيا جي هن اڳواڻ ۽ سندس حڪومت ڪيترائي ڳجها انڪشاف ظاهر ڪري پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو۔۔ خدا جي مهرباني سان پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي ڪو نقصان نه پهتو۔۔ هاڻي جڏهن آمريڪا عوامي تحريڪ جو بهانو بڻائي ليبيا ۾ وڳوڙ ڪرائي اتان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ هي جنگ شروع ڪري ڏني آهي۔۔۔
مسلمانن جيڪڏهن اڃان به اک نه کولي ته هي صليبي جنگ اڃان به اڳتي وڌندي ويندي، ليبيا کان پوءِ شام، لبنان، پاڪستان، جو وارو آهي۔۔۔۔
۔​
 
جواب: آخرڪار عرب دنيا ۾ ايندڙ تبديلي جي اصليت جو پتو پئجي ويو ، لبيا تي مغربي فوج جو

مسلمان ملڪن مان واحد ليبيا جو اڳواڻ ڪرنل قذافي ئي هيو جيڪو وڏي وات آمريڪا جي مخالفت ڪندو هو ۽ تازو گذريل سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هن آمريڪا کي شيطان سڏيو هو ۔۔۔ هميشه کان هن اڳواڻ کان آمريڪا ڇرڪيل رهندو هو۔۔۔ کيس ختم ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي ته آمريڪا گذريل 20 سالن کان جستجو ۾ آهي۔۔۔ ۽ عرب رياستن ۾ موجوده انقلابي لحر مان پورو پورو فائدو وٺندي هوا جي رخ کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ۾ آندو پيو وڃي۔۔۔ ان مرحلي جي پهرين ڪڙي ته ان وقت ئي ظاهر ٿي هئي جڏهن ليبيا جو ائٽمي پروگرام رول بيڪ ٿيو هو۔۔۔ يبيا تي مڙهيل هن جنگ کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ سعودي جو ڪردار اهم ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن هو چاهي ته۔۔۔ !

آمريڪا جي دوستي سٺي نه دشمني!۔۔۔ هي اهو نانگ آهي جيڪو پنهنجي مفاد جي حاصلات لاء پنهنجي مالڪ کي به ناهي سڃاڻيندو۔ ۔۔۔۔هي ملڪ ڏکڻ آمريڪا کند ۾ آهي ۽United States جي نالي سان مشهور،آهي ۽ هي 48 رياستن تي قائم آهي. گادي جو هنڌ واشنڱٽن ۽ سب کان وڏو شهر نيويارڪ اٿس .هي مالڪ 1776ع ۾ قائم ٿيو، . ناڻي فوجي طاقت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان دنيا ۾مڙني ملڪن کان وڌيڪ ۽ ڏاڍو آهي، دنيا جا تقريبن ملڪ سندس خوشامندگي جي ڪري يا پوء خوف جي ڪري ( ڪجهه عرب ملڪن سميت ) هر ڳالهه ۾ ها ۾ ها ملائيندا رهيا آهن پوء چاهي اها ڳالهه سندس ئي خلاف ۽ مفاد ۾ نه هجي۔ ، بس دنيا ۾ ڪجهه مرد جو اولاد آهن جيڪي سندس اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائين ٿا شينهن کي به منهن تي چون ٿا ته تنهنجي وات ۾ بدبوء آ۔۔، ادا سعوديه جو اهيو ته حال آهي جو هڪ مسلمان دشمن جي آزادي لاء به پنهنجو ان ڪري اثر ڏيکاريو ته جيئن آمريڪا کي پاڻ وڻان۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=lId_ev8VNXw
http://www.youtube.com/watch?v=F-Hg-xrCukI
 
جواب: آخرڪار عرب دنيا ۾ ايندڙ تبديلي جي اصليت جو پتو پئجي ويو ، لبيا تي مغربي فوج جو

ليبيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي باري ۾ ڪا ڄاڻ آهي ته انهن جو ڇا ٿيو؟
ڇا انهن لئه پاڪستاني حڪومت ڪو قدم کنيو آهي يا نه؟​
 
جواب: آخرڪار عرب دنيا ۾ ايندڙ تبديلي جي اصليت جو پتو پئجي ويو ، لبيا تي مغربي فوج جو

منهنجي سڃاڻپ وارو هڪ همراهه ته خير سان موٽي آيو آهي باقي حڪومت جي طرفان شروعات ۾ ڪجهه جهاز موڪليا ويا هئا اتان جي پاڪستاني ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ۔۔۔ هاڻي ڪو اپڊيٽ نه مليو آهي
 
جواب: آخرڪار عرب دنيا ۾ ايندڙ تبديلي جي اصليت جو پتو پئجي ويو ، لبيا تي مغربي فوج جو

دوستو! آمريڪا جي پاليسي اها ئي آهي جيڪا عراق لاءِ‌هئي، پهرين اتي پنهنجو ڇاڙتو ويهاريائين، ان کان بعد جڏهن ان مان سندس ڪم نڪري ويو ته ان کي ختم ڪرائي ڇڏيائين ۽ ان مان اتان جي نجات ڏيارڻ‌ جي بهاني اتان جي تيل ۽ ٻين ذخيرن تي قبضو ڪيائين۔۔۔۔۔ ليبيا سان به ساڳي ڳالهه آهي،
جنرل قذافي توڙي جو پهرين آمريڪا جو مخالف هو، پر ان بعد ليبيا آمريڪا جي اڳيان سر تسليم خم ڪري ڇڏيو هو، ان جو ثبوت اهو هو جو هن ليبيا جي ائٽمي پروگرام کي رول بيڪ ڪري ڇڏيو
ان کان پوءِ پاڪستان جي ائٽمي پروگرام بابت به ليبيا جي هن اڳواڻ ۽ سندس حڪومت ڪيترائي ڳجها انڪشاف ظاهر ڪري پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو۔۔ خدا جي مهرباني سان پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي ڪو نقصان نه پهتو۔۔ هاڻي جڏهن آمريڪا عوامي تحريڪ جو بهانو بڻائي ليبيا ۾ وڳوڙ ڪرائي اتان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ هي جنگ شروع ڪري ڏني آهي۔۔۔
مسلمانن جيڪڏهن اڃان به اک نه کولي ته هي صليبي جنگ اڃان به اڳتي وڌندي ويندي، ليبيا کان پوءِ شام، لبنان، پاڪستان، جو وارو آهي۔۔۔۔
۔​

ادا هي به ته مير جعفر ۽ مير صادق جو ٽيون ڀاءُ هو پر هاڻي سو چو ته ڪجي ڇا
 
جواب: آخرڪار عرب دنيا ۾ ايندڙ تبديلي جي اصليت جو پتو پئجي ويو ، لبيا تي مغربي فوج جو

دعا ڪريو ته الله پاڪ مسلمان ملڪن تي رحم ڪري۔۔۔۔
 
Back
Top