آخر ڪار اصليت معلوم ٿي وئي عرب دنيا ۾ انقلاب نه پر مغربي طاقتون پنهنجي حامي ماڻهن ۽ پنهنجي فوج جي موجودگي چاهين پيون۔ ان جي خبر لبيا تي ٿيندڙ مغربي فوجن جي ميزائل ۽ هوائي حملن مان پئجي وئي۔ اصليت تيل جي کوهن تي قابض هجڻ آهي نه ڪي انسانيت جي ڀلائي۔
ڪاوش جي هيٺين خبر پڙهو:
تريپولي/پيرس(اي ايف پي/مانيٽرنگ ڊيسڪ) لبيا خلاف عالمي فوجي ڪارروائي شروع، بن غازي،شهر ۾ فرانسيسي جهازن پهريون حملو ڪري ڇڏيو، ڪرنل قذافي جي حامي فورسز جون 4 ٽينڪون تباهه، جڏهن ته اتحادي فوج جي بحري جنگي جهازن مان تريپولي ۽ مصراتا شهرن تي 110 ڪروز ميزائل فائر ،تيل جي ذخيرن کي نشانو بڻائي 20 هنڌن تي حملا ڪيا ويا. لبيا جي سرڪاري ٽي وي مطابق ميزائلن ذريعي شهرين نشانو بڻايو ويو، ڪيترائي شهري زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته لبيا جي فوج هڪ فرانسيسي جنگي جهاز ڪيرائي وڌو، ٻئي طرف آفريقي يونين حملي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. لبيا جي هوائي ناڪابندي لاءِ فرانس جا 20 جنگي جهاز نگراني ڪري رهيا آهن، بن غازي شهر جي 100 کان 150 ڪلوميٽرن واري علائقي ۾ آپريشن ٿي رهيو آهي، بن غازي ۾ فرانسيسي جهازن جي پهرين حملي ۾ لبيائي حڪومتي فورسز جون 4 ٽئنڪون تباهه ٿي ويون، پاڪستاني وقت مطابق فرانسيسي جهازن لبيا تي پهريون حملو 10 لڳي 45 منٽن تي ڪيو، اي ايف پي مطابق لبيا تي پهرين عالمي فوجي حملي جي باغين آجيان ڪئي ۽ خوشي ۾ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي، جڏهن ته فرانسيسي ذريعن مطابق لبيا جي گادي واري شهر تريپولي ۾ ڪرنل قذافي جي اباڻي شهر سرت ۽ سڀا شهرن ۾ باب الفرينويا، 3 قومي هوائي اڏن تي عالمي فوج حملا ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته فرانسيسي دفاعي وزارت جي ترجمان تيئري برکارڊ چيو آهي ته فرانسيسي جنگي جهاز لبيا ۾ هڪ فوجي گاڏي تي حملو ڪيو، لبيا جي هوائي ناڪابندي جي 20 فرانسيسي جنگي جهاز نگراني ڪري رهيا آهن، بن غازي شهر جي چوڌاري 100 کان 150 ڪلوميٽرن جي علائقي ۾ آپريشن ٿي رهيو آهي، هوڏانهن فرانسيسي فوجي ترجمان چيو آهي ته فرانسيسي جهاز لبيا ۾ پهريون هدف ڪاميابي سان تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف هڪ آمريڪي عملدار مطابق آمريڪا لبيا جي دفاعي ٺڪاڻن تي حملن جي تياري ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ ٿيل عالمي طاقتن جو اجلاس پڻ ٿيو، اجلاس ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير هلييري ڪلنٽن، فرانسيسي صدر نڪولس سرڪوزي، برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون، اٽلي جي وزيراعظم سلويو برلسڪوني، جرمن چانسلر اينجلا مرڪل، اسپينش وزيراعظم لوئس روڊ ريگز کانسواءِ بيلجيم، ڪئناڊا، ناروي، سويڊن ۽ عرب ليگ جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ لبيا خلاف فوجي ڪارروائي جي منظوري ڏني وئي، پئرس ۾ هڪ طرف عالمي طاقتن جو اجلاس جاري هو ته ٻئي طرف فرانسيسي ۽ اٽلي جي جهازن جون لبيا تي اڏامون جاري رهيون، جنهن بعد فرانس جي جهازن لبيائي شهر بن غازي تي پهريون حملو ڪيو ۽ حملي ۾ هڪ فوجي گاڏي سميت 4 ٽئنڪن کي نشانو بڻائي تباهه ڪيو. ان کان اڳ لبيائي فورسز باغين جو هڪ جنگي جهاز تباهه ڪيو، جڏهن ته بن غازي شهر ۾ بمباري سبب 26 ڄڻا مارجي وڃڻ جا اطلاع پڻ مليا.