اڄ 20 مارچ سنڌ جي عظيم شخصيت ۽ حر تحريڪ جي باني سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه راشدي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي ، جنهن سچ جي راھ تي هلندي انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو 20 مارچ 1943ع تي کيس ڦاسي ذريعي شهيد ڪيو ويو۔
سنڌ جو سورهيه!
سهيل ميمڻ
سهيل ميمڻ
سنڌ اسيمبليءَ سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه شهيد کي عقيدت جو خراج پيش ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي آهي. اهو ساراهه جوڳو عمل آهي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويٺل سنڌ جي هيروز کي ياد ڪن ٿا. اها ساڳي سنڌ اسيمبلي هئي، ساڳي عمارت هئي، ميمبرن ۾ به موجوده اسيمبلين ۾ ويٺلن جا ڪيترا وڏڙا شامل هئا، جن سورهيه بادشاهه ۽ سندس جماعت جي سرفروشن خلاف 1942ع ۾ ”حر ايڪٽ“ جي نالي سان هڪ ڪارو قانون پاس ڪيو هو. انگريزن جي ننڍي کنڊ تي لڳ ڀڳ ٽي سئو سال جي اقتدار ۾ سنڌ اهو واحد خطو هو، جتي ڪنهن اسيمبليءَ ذريعي باقاعده ايڪٽ پاس ڪري مارشل لا لڳائي وئي ۽ جهازن تان بمباري ڪري ان تحريڪ کي ڪچليو ويو هو. انگريزن جي ان عمل مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، اها ڪيتري زور آور تحريڪ هئي ۽ انگريز ان کان ڪيترو خائف هو.
حرن جي تحريڪ جي سرواڻ سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه جي ٻارنهن سالن جي عمر ۾ لکين جانثار مريدن جي مرشد طور گادي نشين ٿيو. اڪويهن سالن جي ڄمار ۾ مٿن غير قانوني هٿيار رکڻ جو مقدمو قائم ٿيو، قائد اعظم محمد علي جناح ان ڪيس ۾ سندن وڪيل هئا. کين اٺ سال سزا ڏني وئي ۽ ان کان پوءِ پير صاحب جا ٻه سال روپوشي ۾ گذريا. برطانوي حڪومت سان بغاوت جي الزام هيٺ اڍائي سال قيد، مارشل لا عدالت ۾ ڪيس ۽ چوٽيهه سالن جي ڄمار ۾ کين ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو ۽ لاش اڃان تائين لاپته آهي.
اها ان جوڌي جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي 1930ع کان 1940ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ مسلم ليگ جو بااثر اڳواڻ سائين جي ايم سيد، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني هئي. ان دعوت جي موٽ ۾ سيد کي جيڪو جواب مليو هو، ان کي ياد ڪندي مون سائين جي اکين ۾ ڳوڙها پاڻ ڏٺا هئا. سائين اهو منظر ياد ڪندي چئي ڏيندو هو ته، ”پير صاحب بلڪل صحيح چيو هو، ”سيد صاحب اسين وطن يا ڪفن مان هڪ شيءِ حاصل ڪري وينداسين ۽ توهان ويٺا سڄي عمر ڏوراپا ڏيڻ ۽ قيد ۾ ڪتاب لکڻ ۾ گذاريندا.“
اڄ سنڌ جي ان سپوت فرزند سورهيه بادشاهه جي ورسي آهي. کين 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ ڦاسي جي سزا ڏئي شهيد ڪيو ويو هو. سورهيه بادشاهه تي برطانوي تاج خلاف جنگ ڪرڻ ۽ راڻي خلاف جنگ کي منظم ڪرڻ جا الزام لڳائي، ميجر رچرڊسن جي سربراهي ۾ قائم مارشل لا ڪورٽ فقط 26 ڏينهن ڪيس هلائي، کين موت جي سزا ڏئي شهيد ڪيو. اڄ سنڌ اسيمبلي جيتوڻيڪ سورهيه بادشاهه جي مڃتا ڪئي آهي، پر سياست جا پنهنجا مزاج ٿين ٿا، ٿي سگهي ٿو ته مسلم ليگ فنڪشنل جو اسيمبليءَ ۾ ميمبرن سان حڪومتي اتحاد ئي ان قرارداد جو کڻي سبب هجي. ائين ئي 1942ع جي حر ايڪٽ پاس ڪرڻ پويان سياسي، ذاتي توڙي اقتداري حاصلات جا محرڪ پڻ هئا. ان وقت سنڌ جا اڪثر رهنما، انگريزن کان سَر ۽ خان بهادر جا خطاب حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي کي پٺتي ڇڏڻ واري جدوجهد ۾ مصروف هئا. جنهن مهل سنڌ جا وڏا وڏا نالي وارا سياستدان اهڙي ڊوڙ ۾ مصروف هئا، ان وقت سورهيه بادشاهه هندستان جي پونا، مدنا پور، رتناگري، راج شاهي ۽ ڍاڪا جي جيلن ۾ هندستان جي چوٽي جي ليڊرن سان جيڪي پڻ هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ قيد هئا، سلاخن پٺيان پئي گذاريو. اهو ئي اهو وقت هو، جڏهن سنڌ جي گوريلا جنگ جو خاڪو سندن ذهن ۾ پليو ۽ نپيو. سورهيه بادشاهه قيد بعد 1938ع ۾ اٺ سال قيد ۾ گذارڻ بعد سنڌ پهتو ته، پنهنجي مريدن کي سندس پهريون حڪم اهو هو ته، هو نشو واپرائڻ بند ڪن ۽ پوءِ هٿيار بند تحريڪ سنڌ ۾ منظم ٿيڻ لڳي.
حرن جي وڌندڙ انقلابي گوريلا ڪاررواين سبب سورهيه بادشاهه کي آخري ڀيرو 30 سيپٽمبر 1940ع تي ڪراچي مان گرفتار ڪري ٽرين ذريعي لاهور واري رستي کان ناگپور جي سيوني جيل اماڻيو ويو. حرن جون انقلابي ڪارروايون وڌنديون ويون، انگريزن سنڌ جي 24 هزار 600 ميل رقبي تي مارشل لا لڳائي ڇڏي. 30 هزار فوج باغين کي ڪچلڻ ۾ لڳي وئي. ضلعي سانگهڙ جي مک ٻيلي ۾ گهمسان جو رڻ ٿيو، سوين شهيد ٿيا، هزارين زخمي ٿيا. 14 جنوري 1943ع تي سورهيه بادشاهه کي هندستان کان خاص جهاز ۾ سنڌ آڻي حيدرآباد جيل ۾ قيد ڪيو ويو. شاهه صاحب تي بغاوت جو ڪيس 29 جنوري کان هلائڻ شروع ڪيو ويو ۽ صرف 26 ڏينهن جي مارشل لا ڪورٽ واري ڪارروائي بعد کين موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ 20 مارچ 1943ع تي ان تي عمل ڪري، سنڌ کي سندس عظيم فرزند کان محروم ڪيو ويو.
برٽش لائبريري لنڊن جي انڊيا آفيس رڪارڊ سيڪشن ۾ موجود حر تحريڪ بابت مواد مان صاف ظاهر آهي ته مارشل لا عدالت ۾ سورهيه بادشاهه تي هلايل ڪيس فقط هڪ ڍونگ هو. ان جو ثبوت اهو آهي ته پير صبغت الله شاهه تي بغاوت جي ان مقدمي جي ڪارروائي 29 جنوري 1943ع کان شروع ڪئي وئي، پر ان کان ڪيترو ئي اڳ سنڌ جي گورنر ۽ هندستان جي وائسراءِ وچ ۾ 2 جنوري 1943ع تي ٿيل خط و ڪتابت ۾ پير صاحب کي سزا بعد دفن ڪٿي ڪجي؟ واري موضوع تي صلاح ۽ بحث ٿيل آهي.
پير صبغت الله شاهه، سنڌ جي اصل روح صوفي خيالن جا هئا. مذهبي رواداري ۾ سندن ڪردار جو مثال سندن ان بيان مان لڳائجي، جيڪو 8 جنوري 1940ع جي اخبار ”پير ڳوٺ گزٽ“ ۾ ڇپيو، ”مان ان مهل خوش ٿيندس، جنهن مهل مسجد ۽ مندر جي وچ واري ڀت هڪ هجي“. انگريزن، پير صاحب جي آخري وصيت، ”مون کي پير ڳوٺ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ پوريو وڃي“ کي پورو نه ڪيو ۽ لاش کي گم ڪري ڇڏيو. ڪنهن کي خبر ناهي ته سنڌ جو هي بهادر سپوت ڪٿي دفن آهي. بي شڪ سورهيه بادشاهه، لاپته ماڻهن جي فهرست ۾ اول نمبر تي آهي.
سنڌ اسيمبلي جيڪا کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ سان ان تحريڪ خلاف ماضي واري ڪيل پنهنجي قراردان ۽ پاس ڪيل ڪارن قانونن مٿان ٿوري هلڪي مٽي وڌي آهي، اتي بهتر اهو ٿيندو ته سنڌ اسيمبلي، سنڌ جي ماڻهن جي خواهش موجب برطانوي حڪومت کان سورهيه بادشاهه جي تدفين واري جڳهه جو آفيشل اعلان ڪرڻ جو مطالبو ڪري.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان