سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اڄ 20 مارچ سنڌ جي عظيم شخصيت ۽ حر تحريڪ جي باني سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه راشدي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي ، جنهن سچ جي راھ تي هلندي انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو 20 مارچ 1943ع تي کيس ڦاسي ذريعي شهيد ڪيو ويو۔


    سنڌ جو سورهيه!
    سهيل ميمڻ​

    سنڌ اسيمبليءَ سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه شهيد کي عقيدت جو خراج پيش ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي آهي. اهو ساراهه جوڳو عمل آهي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويٺل سنڌ جي هيروز کي ياد ڪن ٿا. اها ساڳي سنڌ اسيمبلي هئي، ساڳي عمارت هئي، ميمبرن ۾ به موجوده اسيمبلين ۾ ويٺلن جا ڪيترا وڏڙا شامل هئا، جن سورهيه بادشاهه ۽ سندس جماعت جي سرفروشن خلاف 1942ع ۾ ”حر ايڪٽ“ جي نالي سان هڪ ڪارو قانون پاس ڪيو هو. انگريزن جي ننڍي کنڊ تي لڳ ڀڳ ٽي سئو سال جي اقتدار ۾ سنڌ اهو واحد خطو هو، جتي ڪنهن اسيمبليءَ ذريعي باقاعده ايڪٽ پاس ڪري مارشل لا لڳائي وئي ۽ جهازن تان بمباري ڪري ان تحريڪ کي ڪچليو ويو هو. انگريزن جي ان عمل مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، اها ڪيتري زور آور تحريڪ هئي ۽ انگريز ان کان ڪيترو خائف هو.

    حرن جي تحريڪ جي سرواڻ سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه جي ٻارنهن سالن جي عمر ۾ لکين جانثار مريدن جي مرشد طور گادي نشين ٿيو. اڪويهن سالن جي ڄمار ۾ مٿن غير قانوني هٿيار رکڻ جو مقدمو قائم ٿيو، قائد اعظم محمد علي جناح ان ڪيس ۾ سندن وڪيل هئا. کين اٺ سال سزا ڏني وئي ۽ ان کان پوءِ پير صاحب جا ٻه سال روپوشي ۾ گذريا. برطانوي حڪومت سان بغاوت جي الزام هيٺ اڍائي سال قيد، مارشل لا عدالت ۾ ڪيس ۽ چوٽيهه سالن جي ڄمار ۾ کين ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو ۽ لاش اڃان تائين لاپته آهي.

    اها ان جوڌي جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي 1930ع کان 1940ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ مسلم ليگ جو بااثر اڳواڻ سائين جي ايم سيد، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني هئي. ان دعوت جي موٽ ۾ سيد کي جيڪو جواب مليو هو، ان کي ياد ڪندي مون سائين جي اکين ۾ ڳوڙها پاڻ ڏٺا هئا. سائين اهو منظر ياد ڪندي چئي ڏيندو هو ته، ”پير صاحب بلڪل صحيح چيو هو، ”سيد صاحب اسين وطن يا ڪفن مان هڪ شيءِ حاصل ڪري وينداسين ۽ توهان ويٺا سڄي عمر ڏوراپا ڏيڻ ۽ قيد ۾ ڪتاب لکڻ ۾ گذاريندا.“

    اڄ سنڌ جي ان سپوت فرزند سورهيه بادشاهه جي ورسي آهي. کين 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ ڦاسي جي سزا ڏئي شهيد ڪيو ويو هو. سورهيه بادشاهه تي برطانوي تاج خلاف جنگ ڪرڻ ۽ راڻي خلاف جنگ کي منظم ڪرڻ جا الزام لڳائي، ميجر رچرڊسن جي سربراهي ۾ قائم مارشل لا ڪورٽ فقط 26 ڏينهن ڪيس هلائي، کين موت جي سزا ڏئي شهيد ڪيو. اڄ سنڌ اسيمبلي جيتوڻيڪ سورهيه بادشاهه جي مڃتا ڪئي آهي، پر سياست جا پنهنجا مزاج ٿين ٿا، ٿي سگهي ٿو ته مسلم ليگ فنڪشنل جو اسيمبليءَ ۾ ميمبرن سان حڪومتي اتحاد ئي ان قرارداد جو کڻي سبب هجي. ائين ئي 1942ع جي حر ايڪٽ پاس ڪرڻ پويان سياسي، ذاتي توڙي اقتداري حاصلات جا محرڪ پڻ هئا. ان وقت سنڌ جا اڪثر رهنما، انگريزن کان سَر ۽ خان بهادر جا خطاب حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي کي پٺتي ڇڏڻ واري جدوجهد ۾ مصروف هئا. جنهن مهل سنڌ جا وڏا وڏا نالي وارا سياستدان اهڙي ڊوڙ ۾ مصروف هئا، ان وقت سورهيه بادشاهه هندستان جي پونا، مدنا پور، رتناگري، راج شاهي ۽ ڍاڪا جي جيلن ۾ هندستان جي چوٽي جي ليڊرن سان جيڪي پڻ هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ قيد هئا، سلاخن پٺيان پئي گذاريو. اهو ئي اهو وقت هو، جڏهن سنڌ جي گوريلا جنگ جو خاڪو سندن ذهن ۾ پليو ۽ نپيو. سورهيه بادشاهه قيد بعد 1938ع ۾ اٺ سال قيد ۾ گذارڻ بعد سنڌ پهتو ته، پنهنجي مريدن کي سندس پهريون حڪم اهو هو ته، هو نشو واپرائڻ بند ڪن ۽ پوءِ هٿيار بند تحريڪ سنڌ ۾ منظم ٿيڻ لڳي.

    حرن جي وڌندڙ انقلابي گوريلا ڪاررواين سبب سورهيه بادشاهه کي آخري ڀيرو 30 سيپٽمبر 1940ع تي ڪراچي مان گرفتار ڪري ٽرين ذريعي لاهور واري رستي کان ناگپور جي سيوني جيل اماڻيو ويو. حرن جون انقلابي ڪارروايون وڌنديون ويون، انگريزن سنڌ جي 24 هزار 600 ميل رقبي تي مارشل لا لڳائي ڇڏي. 30 هزار فوج باغين کي ڪچلڻ ۾ لڳي وئي. ضلعي سانگهڙ جي مک ٻيلي ۾ گهمسان جو رڻ ٿيو، سوين شهيد ٿيا، هزارين زخمي ٿيا. 14 جنوري 1943ع تي سورهيه بادشاهه کي هندستان کان خاص جهاز ۾ سنڌ آڻي حيدرآباد جيل ۾ قيد ڪيو ويو. شاهه صاحب تي بغاوت جو ڪيس 29 جنوري کان هلائڻ شروع ڪيو ويو ۽ صرف 26 ڏينهن جي مارشل لا ڪورٽ واري ڪارروائي بعد کين موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ 20 مارچ 1943ع تي ان تي عمل ڪري، سنڌ کي سندس عظيم فرزند کان محروم ڪيو ويو.

    برٽش لائبريري لنڊن جي انڊيا آفيس رڪارڊ سيڪشن ۾ موجود حر تحريڪ بابت مواد مان صاف ظاهر آهي ته مارشل لا عدالت ۾ سورهيه بادشاهه تي هلايل ڪيس فقط هڪ ڍونگ هو. ان جو ثبوت اهو آهي ته پير صبغت الله شاهه تي بغاوت جي ان مقدمي جي ڪارروائي 29 جنوري 1943ع کان شروع ڪئي وئي، پر ان کان ڪيترو ئي اڳ سنڌ جي گورنر ۽ هندستان جي وائسراءِ وچ ۾ 2 جنوري 1943ع تي ٿيل خط و ڪتابت ۾ پير صاحب کي سزا بعد دفن ڪٿي ڪجي؟ واري موضوع تي صلاح ۽ بحث ٿيل آهي.

    پير صبغت الله شاهه، سنڌ جي اصل روح صوفي خيالن جا هئا. مذهبي رواداري ۾ سندن ڪردار جو مثال سندن ان بيان مان لڳائجي، جيڪو 8 جنوري 1940ع جي اخبار ”پير ڳوٺ گزٽ“ ۾ ڇپيو، ”مان ان مهل خوش ٿيندس، جنهن مهل مسجد ۽ مندر جي وچ واري ڀت هڪ هجي“. انگريزن، پير صاحب جي آخري وصيت، ”مون کي پير ڳوٺ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ پوريو وڃي“ کي پورو نه ڪيو ۽ لاش کي گم ڪري ڇڏيو. ڪنهن کي خبر ناهي ته سنڌ جو هي بهادر سپوت ڪٿي دفن آهي. بي شڪ سورهيه بادشاهه، لاپته ماڻهن جي فهرست ۾ اول نمبر تي آهي.

    سنڌ اسيمبلي جيڪا کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ سان ان تحريڪ خلاف ماضي واري ڪيل پنهنجي قراردان ۽ پاس ڪيل ڪارن قانونن مٿان ٿوري هلڪي مٽي وڌي آهي، اتي بهتر اهو ٿيندو ته سنڌ اسيمبلي، سنڌ جي ماڻهن جي خواهش موجب برطانوي حڪومت کان سورهيه بادشاهه جي تدفين واري جڳهه جو آفيشل اعلان ڪرڻ جو مطالبو ڪري.

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي تي کيس ڀيٽا)

    [justify]ادا سليمان وساڻ صاحب اوهان جا ٿورا جو اوهان سائين سهيل ميمڻ صاحب جو قيمتي ليک اسان سان ونڊ ڪيو آهي، واقعي اڄ اسان جو چيف جسٽس افتخار چوڌري لاپته ماڻهن جي ڳولا ۾ ڪافي محنت ڪرائي رهيو آهي، يقينن اتي ان جو به ۽ سنڌ حڪومت جو به اهو فرض بڻجي ٿو ته هو سورهيه بادشاه جي باري ۾ هاڻ برطانيا جي لٿل سج کان مطالبو ڪجي.[/justify]
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي تي کيس ڀيٽا)

    ادا سليمان وساڻ صاحب اوهان جا ٿورا جو اوهان سائين سهيل ميمڻ صاحب جو قيمتي ليک اسان سان ونڊ ڪيو آهي
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي تي کيس ڀيٽا)

    کين ان ڏينهن صرف ان ڪري ڦاهي ڏني وئي جو پاڻ انگلينڊ جي بادشاهه خلاف بغاوت ڪئي هئي۔۔۔
    ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”سورهيه بادشاهه کي چرن ٻيٽ تي دفن ڪيو ويو“
    ان دور ۾ هڪ ٻي افواهه هئي ته ”پير صاحب جي ميت کي چن جي ٻن وڏن تهن ۾ دفن ڪيو ويو“
    وري مولسورٿ ۽ گلڪراسٽ لکن ٿا جيڪو گهڻي قدر ويساهه جوڳو آهي ته ”پير صاحب جو مڙهه مڪران جي سامونڊي ڪناري کان پري اسٽولا نالي ٻيٽ تي دفنايو ويو“
    مٿين ڳالهين مان صاف لڳي ٿو ته هن سورهيه بادشاهه ۽ سنڌين کان زنده هوندي ته انگريز ڊڄندا هئا پر کيس شهيد ڪري به ڊڄندا رهيا
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي تي کيس ڀيٽا)

    مهرباني ادا طاهر

    اسان سڀ به اهو مطالبو ٿا ڪيون ته سورهيه بادشاھ جي قبر جو پتو لڳايو وڃي پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڪڏهن اوهان هاڻوڪي پير پاڳاري يا مسلم ليگ فنڪشنل کي ان ڳاله تي ڪو ڀرپور مطالبو ڪندي ٻڌو آهي ؟؟؟ پوء به هن اسيمبلي کي اها شاباس ته هنن هڪ بل پاس ڪري شهيد کي سلام پيش ڪيو آهي۔ پر اوهان جي ڳاله سان اسان به سهمت آهيون ته برطانيه حڪومت کان اهو مطالبو ڪيو وڃي جيئن اصليت معلوم ٿي سگهي ته سورهيه بادشاه جو مڙه ڪٿي دفن آهي۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا)

    سنڌ جي تاريخ جي سڀني سورهين کي سرخ سلام، افسوس جو سنڌ هميشه پنهنجن سڄڻن کي وقتائتي موٽ نه ڏئي پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻندي آهي، ۽ بعد ۾ ويهي انهن ماڻهن کي سلام ڪندي آهي ... هن وقت به سنڌ ۾ جي ايم سيد ۽ سورهيه بادشاهه جو فڪر موجود آهي پر سنڌ موجوده ڌوڪي ۾ ايتري حد تائين سوگهي ٿيل آهي جو سون جهڙن نظرين کي پٺي ڏئي ننڊ ڪري رهي آهي ... الائجي ڪيستائين اهو رويو رهندو؟؟؟؟ شايد تيستائين جيستائين هڙ ختم ٿي ويندي۔

    ڀلا جيڪڏهن سورهيه بادشاهه جي قبر ملي يا نه ملي ۔۔۔ سنڌ ۾ هون به ڪيتريون قبرون عبرت جو مقام آهن، انهن قبرن جي هوندي ڪو فرق پيو آهي ڇا جو سورهيه بادشاهه جي قبر ملڻ سان ڪو فرق پوندو ۔۔۔۔ بي حس قوم جي آڏو جيئرن ماڻهن جي ڪا حيثيت ناهي ته دفن ٿيل ماڻهون جي ڪهڙي حيثيت؟

    سنڌ جي سورهين کي سلام ۽ دعا آهي ته سنڌي انهن سورهين جي سورهيائي جي پوئواري ڪري سگهن ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي تي کيس ڀيٽا)

    مهرباني ادا

    واقعي سٺو مضمون آهي
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي تي کيس ڀيٽا)

    ادا رشيد مهرباني

    مان سمجهان ٿو سچ کي سامهون اچڻ گهرجي۔ خبر ناهي ڇو برطانيه هاڻي اهو ڪونه ٿو ٻڌائي۔ سورهيه بادشاه ڪٿي دفن آهي ان تي تحقيق به ته ڪونه ٿي آهي، جيڪا ٿيڻ کپندي هئي۔

    سورهيه بادشاه جي شخصيت سنڌ جي محسنن مان هڪ آهي جن موت قبوليو پر حق ۽ سچ جي واٽ تان نه هٽيا۔
     
  9. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا)

    ادا سليمان تمام ڀلوڙ مضمون کڻين هن اڱڻ ۾ ونڊ‌ڪرڻ تي اوهان جا ٿورايتا آهيون ۔

    هن بزرگ جيڪا استقامت ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو ، سو هن جو نتيجو ڪنهن کان ڳجهو ناهي ، تاريخ کليل اکرن ۾ پئي ٿي ڀڌائي جيڪر اهڙي عزم ۽ دليري جو مظاهرو ڪجي ته ڪا به شي حاصل ڪرڻ ناممڪن ناهي ، پنهنجي وقت جي سپر پاور سان مهاڏو اٽڪائي هنن جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏڻ ، مطلب ته ڇا لکي ڇا لکجي اهڙين شخصيتن تي جنهنن جو هر پهلو تي ڪکڻ لا دفتر جا دفتر گهرجن ۔

    سائين محترم هڪ ڀيري وري به اوهان جي مهرباني جو اهڙي قيمتي مضمون هٿ ڪري وري هن اڱڻ جي زينت بڻايوئي ۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا)

    سائين نثار مهرباني

    سورهيه بادشاه جي شخصيت هڪ بي باڪ ۽ بهادر اڳواڻ واري هئي جيڪو موت کان نه گهٻرائيندو هو۔ سندس ڪيل جدوجهد تي سنڌ کي ناز آهي۔ قبر جو هجڻ صرف تاريخي حقيقتن تان پردو کڄڻ ۽ تاريخ جي درستگي لاء هئڻ کپي نه ڪي ڪنهن ٻئي مقصد لاء۔

    بس دعا پيا ڪيون ته سنڌي جاڳن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا)

    سائين چوهاڻ صاحب مهرباني

    بلڪل سنڌ جي هن عظيم شخصيت جي عزم کي سلام جنهن موت قبوليو پر جهڪڻ قبول ڪونه ڪيو۔

    شال سنڌ جا ماڻهو سمجهن ۽ اهڙن ماڻهن جي نقش قدم تي هلن
     
  12. نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ

    نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدرآباد
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا)

    سائين شهيد سورهيه بادشاهه جهڙو رهبر پوري دنيا جي تاريخ ۾ شهيدن جي لسٽ ۾ شمار ڪيو وڃي ته يقينن ٻئي نمبر تي نالو اچڻ جو قابل آهي، شهيدن جو پهريون سردار سيدنا حضرت امام حسين عليه السلام ۽ آهن جن ڪربلا جي ميدان ۾ يزيد جهڙي ظالم سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجي ناني ۽ سموري جهان جي باعث تخليق ڪائنات بڻجي آيل حضور نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي دين جي بقا لا قرباني ڏني ۽ هتي سنڌ جي هن عظيم شهزادي دنيا جي سپر پاور طاقت طور سڏرائيندڙ پليد انگريز سامراجن خلاف حضرت امام حسين عليه السلام جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي ۽ پنهنجي سموري جٿي حرجماعت سميت پنهنجي عزيزن دوستن توڙي مالي قربانين جا عطيا پيش ڪري ثابت ڪيو ته پاڻ حسيني آهن۔ ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڳارا خاندان جو سلسلو مٿي کڻي هلبو ته يقينن حضرت ڪربلا جي شهزادن سان ئي رشتو ۽ ناتو جڙي ٿو۔ پاڳارا خاندان جي ڪردار مان ئي صاف ظاهر آهي ته پاڻ حسيني آهن ۽ هميشه پنهنجي ملڪي سلامتي توڙي ديني عملن جي اپٽار لا ڪنهن به قرباني ناهن ڪيٻائيندا۔ پو اوهان ڪيئن ٿا چئو ته شهيد سورهيه بادشاه جي قبر ملڻ سان ڪو فرق نه پوندو۔ دوست اوهان جي انهي هڪڙي پوائنٽ جي ڪري يقينن دل آزاري ٿي آهي ۽ ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ٻيا لکين ڪردار موجود هئا، آهن ۽ اڳتي به هيروز توڙي عظيم شخصيتون جنم ڏينديون رهنديون پر پاڳارا خاندان جي ڪک مان نڪرندڙ اهڙن هيروز جو اسان ٻين شخصيتن کان بلڪل ڀيٽ نٿا ڪري سگهون۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا)

    اڄ 20 مارچ سنڌ جي عظيم شخصيت ۽ حر تحريڪ جي باني سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه راشدي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي ، جنهن سچ جي راھ تي هلندي انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ 20 مارچ 1942 تي کيس ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو۔
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سورهيه بادشاهه شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي (ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا)

    پياري دوست ۽ ّخوبصورت شاعر ذوالفقار بهڻ سنڌ جي هن سورمي کي ڪجهه هيئن ڀيٽا پيش ڪئي آهي۔


    20 مارچ شھيد سنڌ ’’وطن يا ڪفن‘‘ جو نعرو ڏيندڙ قومي ھيري سورھيه بادشاھ جي شھادت جي ڏينھن تي کيس سرخ سلام؛

    سنڌ سان عشق
    جي جرم آ،
    جرم قبول آ،
    ھن قوم کي جاڳائڻ
    جي جرم آ
    ھا قبول آ،
    تـــون ڪانئر
    رنگ مٽاءِ
    سانڊي جيانِ
    سچ ،
    سونھن ۽ سنڌ لاءِ
    سوري به قبول آ
    سنڌ سان عشق
    جي جرم آ،
    جرم قبول آ


    شاعري: ذوالفقار بھڻ


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شهيد سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه راشدي جي ورسيء تي سنڌ سلامت پاران کيس سرخ سلام پيش ڪيون ٿا۔​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هن وقت سنڌ جي جيڪا ڏکائيندڙ حالت آهي جنهن ۾ سنڌي قوم چيچلائجي رهي آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ اسان کي سورهيه باشاه جي گهرج آهي۔۔آهي ڪو سورهيه باشاهه،،؟؟ جيڪو اسان جي رهبري ڪري ته اسان هڪ ٿي ان جي آواز تي لبيڪ چئون۔۔
    ڳولهيان ڳولهيان م لهان۔۔شال مه ملان هوت۔۔۔

    ڪٿي ڳولهجي سنڌ جي هن عظيم سورمي کي۔۔سندس جي عظمت کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوســـــت ڪهـــــائي دادلا، مــــحب مــــارائــــــي،
    خــاص خليـــلن کـــــي، سختيـــــون سهــــائــــي،
    الله الصمــــد، بي نيــــاز، جــــــا ڪري سا چاهي،
    انهينءَ منجهه آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.

    سر ڪيڏارو​
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    جس
    لهڻي ڀا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو