ڊاڪٽر غلام علي الانا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2009۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    [​IMG]


    ڊاڪٽر غلام علي الانا، 15 مارچ 1930ع تي، ڳوٺ تڙ خواجا، تعلقي جاتيءَ ۾ هڪ غريب هاريءَ الهڏني جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڊاڪٽر آهي، جنهن ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي موضوع تي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾، سال 1971ع ۾ پي. يڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو مڪمل ڪيو. سندس رهبريءَ ۾ ڪيترن محققن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي آهي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ’تڙ خواجا‘ ۾ ورتائين. ثانوي تعليم ميرپور بٺوري مڊل اسڪول ۾، ۽ پوءِ اي- وي اسڪول ٽنڊومحمد خان ۽ پوءِ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين. بي.ا ي آنرس سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب ۾، 1953ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ايم. اي سنڌي علم و ادب 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
    ڊاڪٽر الانا پاڪستان ۾ پهريون شخص آهي، جنهن علم لسانيات ۽ علم صوتيات ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ ايم. اي ڪئي. ڊاڪٽر الانا پنهنجي سڄي زندگي درس ۽ تدريس لاءِ تعليمي ادارن ۾ گذاري. تعليمي ميدان ۾ الانا صاحب پنهنجي خدمت جو آغاز ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو هڪ استاد جي حيثيت سان ڪيو. 1952ع ۾ اُتي استاد مقرر ٿيو، ۽ پوءِ اتان 1954ع ۾ پهرين گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽو ۽ پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي 26 جنوري 1958ع تائين رهيو، تنهن کانپوءِ ڊاڪٽر الانا صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار طور چونڊيو ويو. جتان ترقي ڪندو، 1976ع ۾ ساڳئي شعبي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر الانا صاحب جولاءِ 1963ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ پروفيسر انچارج ٿي رهيو. 6 جنوري 1981ع کان 9 سيپٽمبر 1981ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين ٿي رهيو. ڊاڪٽر الانا سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان سينئر پروفيسر جي حيثيت ۾ 14 مارچ 1990ع ۾ رٽائر ٿيو. 21 جون 1993ع کان وٺي 28 جولاءِ 1995ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ٿي رهيو. جتان 25 جولاءِ 1995ع ۾ استعيفا ڏنائين. کيس سال 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پروفيسر ايمريٽس مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر الانا 9 آگسٽ 1983ع کان وٺي 4 سيپٽمبر 1989ع تائين علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. 22 جولاءِ 1998ع کان وٺي آگسٽ 2001ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن رهيو.
    سندس تصنيفن جو مختصر وچور هن ريت آهن: ”چور“ (1954ع، ”لاش“ (1954ع)، ”ناصر خسرو، ايراني“ (1961ع)، ”منتخب ديوان فاضل“ (1964ع)، ”سنڌي صورتخطي“ (1964ع)، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (1966ع)، ”ادبي اوسر“، (1967ع)، ”سنڌي صوتيات“ (1967ع)، ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“ (1971ع)، ”علمي آئينو“ (1971ع)، ”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“ (1973ع)، ”سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت“ (1973ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بُنياد“ (1974ع)، ”سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري“ (1974ع)، ”سنڌي پهريون ڪتاب“ (1974ع)، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ (1977ع)، ”سنڌ جي لساني جاگرافي“، (1979ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، (1987ع)، ”زبان اور ثقافت“ (1987ع. ”سنڌي معلم“ (1991ع)، Introduction of Sindhi literature (1991), Papers on Sindhi language & linguistics (1999)، ”ثقافتي ورثو“ (1999ع)، ”سنڌي لنگئافون پئڪيج“ (2001ع)، ”استادن لاءِ هدايتون-2 جلد“، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“(2007ع)، ”سنڌي صوتيات“، ”هسٽري آف سنڌي لئنگئيج اينڊ لٽريچر ايٽ اي گلانس“ جڏهن ته سندس ڪتاب ”سنڌي گرامر جي ارتقا“ ڇپائي هيٺ آهي.
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    تمام بهترين ادا لاجواب شيئرنگ جي تمام گهڻي مهرباني ادا عظيم شخصيتون هميشه عظيم ئي رهنديون آهين
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا ابو واصف
    حق موجود
    ادا سائين مهرباني، سائين الانا صاحب جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون، سنڌ جي تاريخ جا سونا پنا آهن ... اسانجا پويان پڻ سندس ٿورائتا رهندا ... انسان اهو عظيم آهي جو تحقيق ۽ ترقيءَ جون راهون عام ڪري ۽ الانا صاحب اهڙين شخصتين مان هڪ آهن ...

    شل ڌڻي سڳورو هميشه سنڌ ڌرتيءَ کي سٺا انسان مهيا ڪندو رهي ... آمين
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    بلڪل ادا اوهان سائين نثار ابڙو صاحب صحيح فرمايو آهي۔۔ اوهان جو اهڙيون ناياب لکڻيون هن فورم جي لا باعث فخر آهنshal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو