• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ورلڊ ڪپ 2011 جي آخري ليگ ميچ ۾ هندستان جي ويسٽ انڊيز خلاف ڪاميابي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ورلڊ ڪپ 2011 جي پهرين مرحلي جي آخري ليگ ميچ ۾ جيڪا چنائي ۾ کيڏي وئي ، هندستان جي ٽيم ويسٽ انڊيز کان آسانيء سان کٽي ورتي۔ پهريان بئٽنگ ڪندي هندستان جون ٻه وڪيٽون 51 رنسن تي ڪري پيون پر پوء يووراج سنگھ ۽ ورات ڪوهلي جي بهترين شراڪت سبب اسڪور 32 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسن تائين پهچي ويو۔ ڪوهلي 66 ۽ يووراج شاندار سينچري ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ يووراج 113 رنسون اسڪور ڪيون۔ 232 تي هندستان جون صرف 4 وڪيٽون ڪريون هيون ۽ اهو لڳي رهيو هو ته هندستان 320 کان وڌيڪ اسڪور ڪندو پر هڪ دفعو ٻيهر پوري ٽيم 50 هين اوور ۾ 268 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ روي رام پال 5 وڪيٽون ۽ رسل 2 وڪيٽون حاصل ڪيون۔

جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي شروعات شاندار رهي ۽ 30 هين اوور ۾ اسڪور 2 وڪيٽن جي نقصان تي 154 رنسن تائين پهچي ويو۔ پر پوء پوري ٽيم 43 اوورن ۾ 188 رنسن تي ڍير ٿي وئي۔ سمٿ 81 ۽ سروان 39 رنسون ٺاهيون۔ ظهير خان 3 ۽ ايشون ۽ يووراج ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون۔ هندستان هي ميچ 80 رنسن تان کٽي ورتو۔

اڄوڪي ميچ جو هيرو يووراج سنگھ جنهن 113 رنسون ڪيون ۽ ٻه وڪيٽون پڻ ورتيون

501514.html




ميچ جون مڪمل جهلڪيون
http://www.youtube.com/watch?v=6tOB2-iE74c
 
Back
Top