ورلڊ ڪپ 2011 جي آخري ليگ ميچ ۾ هندستان جي ويسٽ انڊيز خلاف ڪاميابي

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]ورلڊ ڪپ 2011 جي پهرين مرحلي جي آخري ليگ ميچ ۾ جيڪا چنائي ۾ کيڏي وئي ، هندستان جي ٽيم ويسٽ انڊيز کان آسانيء سان کٽي ورتي۔ پهريان بئٽنگ ڪندي هندستان جون ٻه وڪيٽون 51 رنسن تي ڪري پيون پر پوء يووراج سنگھ ۽ ورات ڪوهلي جي بهترين شراڪت سبب اسڪور 32 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسن تائين پهچي ويو۔ ڪوهلي 66 ۽ يووراج شاندار سينچري ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ يووراج 113 رنسون اسڪور ڪيون۔ 232 تي هندستان جون صرف 4 وڪيٽون ڪريون هيون ۽ اهو لڳي رهيو هو ته هندستان 320 کان وڌيڪ اسڪور ڪندو پر هڪ دفعو ٻيهر پوري ٽيم 50 هين اوور ۾ 268 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ روي رام پال 5 وڪيٽون ۽ رسل 2 وڪيٽون حاصل ڪيون۔

    جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي شروعات شاندار رهي ۽ 30 هين اوور ۾ اسڪور 2 وڪيٽن جي نقصان تي 154 رنسن تائين پهچي ويو۔ پر پوء پوري ٽيم 43 اوورن ۾ 188 رنسن تي ڍير ٿي وئي۔ سمٿ 81 ۽ سروان 39 رنسون ٺاهيون۔ ظهير خان 3 ۽ ايشون ۽ يووراج ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون۔ هندستان هي ميچ 80 رنسن تان کٽي ورتو۔
    [/JUSTIFY]

    اڄوڪي ميچ جو هيرو يووراج سنگھ جنهن 113 رنسون ڪيون ۽ ٻه وڪيٽون پڻ ورتيون

    [​IMG]



    ميچ جون مڪمل جهلڪيون
    http://www.youtube.com/watch?v=6tOB2-iE74c
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو