نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌي ساٿيو جيئي سنڌ هڪڙو آزاد نظم کڻي آيو آهيان جيڪو في الحال منهنجي دل جو آواز آهي ، منهنجا ريڊي ميڊ خيال اجهو اهڙا هوندا آهن، جي توهان هن کي پنهنجي دل جو آواز سمجهو ته به مونکي ڪو اعتراض ڪونهي، خير سڀ جو خير سڀ جو ڀلو ( مان جوئي آهيان سوئي آهيان) مان غلط آهيان تڏهن به مان ئي آهيان جيڪڏهن مان صحيح آهيان تڏهن به مان مان ئي آهيان ، ساڳوڻي صورتحال توهان سان به هوندي وقت ڇو وڃايون هي آزاد نظم جنهن جو عنوان آهي :
وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !
نثاراحمدناز .
اسان جي سوچڻ
اسان جي سمجهڻ کان،
توهان جون سوچُون صفا ،
وڏيون هِن،
توهان جا جذبا وشال آهن،
جُتِي توهان جِي ءَ ۾
پير سائين ڀلا ڪيئن پايون ،
مُمڪن ئي ڪونهي ،
توهان جُون سوچون نوان اُجالا
اسان اکر انڌيري ۾ قابو،
توهان جي چؤدا ر لڳل قطارون ،
توهان سان چاهت ڪندڙن جون آهن ،
توهان سان ناتا ڳنڍڻ لاءِ جانان ،
قسم سان آتو جهان آهي ،
اسان سان چاهت ڪندڙ نه ڪوئي ،
اسان سان ناتا ،
نه ڪوئي ڳنڊيندڙ ،
اسان جو جيون صرف کوٽو سڪو،
ملي نه جنهن مان ا و جوڙ جيڏا
نه ڀُڳڙن جي مُٺ ڪائي،
اسان ته رستن جا
رولاڪ آهيون
اڪيلائي جي آسمان جا ،
ٽُٽل ستارا ،
وقت جي نيلام گهر ۾
اسان خريديل غلام آهيون
اسان وڪاميل غلام آهيون
اسان تي ٻوليون وفا جون جانان
لڳائڻ ڇڏي ڏيو،
وفا جا واڪ لڳائڻ کان پهرين
اهو ته سوچيو،
”وقت نيلامِي پُڄاڻِي ٿِي ويو“
توهان جا دڙڪا،
توهان جي ڪاوڙ ،
اکين تي سائين ................... !
اکين تي سائين ................. !
اکين تي سائين. ................ !
وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !
وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !
نثاراحمدناز .
اسان جي سوچڻ
اسان جي سمجهڻ کان،
توهان جون سوچُون صفا ،
وڏيون هِن،
توهان جا جذبا وشال آهن،
جُتِي توهان جِي ءَ ۾
پير سائين ڀلا ڪيئن پايون ،
مُمڪن ئي ڪونهي ،
توهان جُون سوچون نوان اُجالا
اسان اکر انڌيري ۾ قابو،
توهان جي چؤدا ر لڳل قطارون ،
توهان سان چاهت ڪندڙن جون آهن ،
توهان سان ناتا ڳنڍڻ لاءِ جانان ،
قسم سان آتو جهان آهي ،
اسان سان چاهت ڪندڙ نه ڪوئي ،
اسان سان ناتا ،
نه ڪوئي ڳنڊيندڙ ،
اسان جو جيون صرف کوٽو سڪو،
ملي نه جنهن مان ا و جوڙ جيڏا
نه ڀُڳڙن جي مُٺ ڪائي،
اسان ته رستن جا
رولاڪ آهيون
اڪيلائي جي آسمان جا ،
ٽُٽل ستارا ،
وقت جي نيلام گهر ۾
اسان خريديل غلام آهيون
اسان وڪاميل غلام آهيون
اسان تي ٻوليون وفا جون جانان
لڳائڻ ڇڏي ڏيو،
وفا جا واڪ لڳائڻ کان پهرين
اهو ته سوچيو،
”وقت نيلامِي پُڄاڻِي ٿِي ويو“
توهان جا دڙڪا،
توهان جي ڪاوڙ ،
اکين تي سائين ................... !
اکين تي سائين ................. !
اکين تي سائين. ................ !