اڄوڪو ڏينهن 22 مارچ سڄي دنيا ۾ پاڻيء جي عالمي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي۔ ان جي مناسبت سان پاڻيء بابت ڪجھ ڳالهيون ونڊ ڪجن ٿيون۔ اميد ته دوستن لاء فائيديمند رهنديون۔
پاڻي الله تعالى جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. پاڻي اسان جي زندگي جو اهم جزو آهي. پاڻي کان سواءِ انسان جو زنده رهڻ ناممڪن آهي. جيتوڻيڪ پاڻي مان غذائيت معلوم نه ٿئي ٿي. پوءِ به حقيقت هي آهي ته اسان جي غذا جو اهم جزو آهي. انسان جي جسم ۾ 70کان 60 سيڪڙو تائين پاڻي هوندو آهي. پاڻي جي مقدار ڪري انسان جي جسم ۾ چرٻي گهٽ وڌ ٿيندي رهندي آهي.
مَردن ۾ پاڻي جو مقدار 61 سيڪڙو هوندو آهي، جڏهن ته عورتن ۾ 51 سيڪڙو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي جسم ۾ چرٻي مقدار وڌيڪ آهي، کير پياڪ ٻارن ۾ 75 سيڪڙو پاڻي ٿيندو آهي. پاڻي انساني جي جسم ۾ ٻن حصن سيل جيو گهرڙي جي اندر ئي ۽ ٻاهرين حصي ۾ ملي ٿومثال طور پاڻي اسان جي ٿڪ، جگر، ٽائي رائيڊ، گلينڊس، ساهه ۽ خوراڪ جي نالين، اکين جي وچ ۽ بڪين ۾ موجود هوندو آهي۔
هڪ بالغ انسان کي 2 کان 3 ليٽر پاڻي روزاني پيئڻ گهرجي ٻيو ته موسم تي به هوندو آهي. گرمي جي موسم ۾ پاڻي وڌيڪ گهربل هوندو آهي ۽ سياري جي موسم ۾ گهٽ، ڇاڪاڻ ته نه صرف هي اڃ لاهي ٿو پر ان سان گڏوگڏ انسان جي جسم ۾ گهڻو اهم ڪم سرانجام ڏي ٿو. مثال طور:
پاڻي غذائي جزن کي جذب ڪرڻ ۽ انهن کي جيو گهرڙن، آنڊن، رت ۽ جسم جي سڀني حصن تي پهچي ٿو.
پاڻي جسم جي گرمي پد کي برقرار رکي ٿو.
پاڻي فافتن جي بناوت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
هڏين کان وٺي رت جي تياري تائين پاڻي ضروري آهي.
پاڻي رت جي دوري کي قائم رکي ٿو.
پاڻي جسم جي پٺن ۽ جوڙن کي ملائي رکي ٿو.
هي بيڪار مادن کي جسم مان نڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
جيڪڏهن اندازو لڳايو وڃي ته جسم جي سڀني (Glycogen) سڻڀ ۽ پروٽين گهٽ ٿي وڃڻ تي انسان زنده رهي سگهي ٿو. پر جسم مان پاڻي جي 20 سيڪڙو مقدار به گهٽ ٿي وڃي ته انسان زنده نه ٿو رهي سگهي.
پاڻي جسم کي غذا مان به ملندو رهي ٿو جيئن چانهه، ڪافي، کير، شربت ۽ شوربي مان جسم کي سڀ کان وڌيڪ پاڻي ملي ٿو. ان کان علاوه فروٽ، ڀاڄين ۽ گوشت ۾ به پاڻي گهڻي مقدار ۾ موجود هوندو آهي. جسم ۾ ڪاربوهائيڊريٽس سڻڀ ۽ پروٽين وغيره هضم ۽ جذب ٿيڻ مهل به جسم کي ڪنهن قدر پاڻي ملي ٿو.
هڪ سو گرام پاڻي جي حل ٿيڻ تي هڪ سو ست (107) گرام پاڻياٺ ملي ٿو. جڏهن ته 100 گرام ڪاربو هائيڊريٽس جي حل ٿيڻ تي 55 گرام پروٽين جي حل ٿيڻ تي 41 گرام پاڻي ميسر ٿئي ٿو. هڪ شخص کي روزاني اٺ کان 10 گلاس پاڻي ملڻ ضروري آهي. ايئن هن جي ضرورت جو دارومدار موسم تي به ٿئي ٿو. مثال طور: گرمين ۾ پگهر جي صورت پاڻي ۾ پاڻي نڪري ٿو. جيڪڏهن اڃ وڌيڪ لڳي ٿي ته کير، لسي، شربت به پاڻي جو نعم البدل ٿي سگهن ٿا.
پاڻي جو خارج ٿيڻ:
پاڻي انسان جي جسم مان چئن طريقن سان نڪري ٿو:
پگهر جي صورت ۾
ڦڦڙن جي ذريعي ساهه کڻڻ جي دوران،
بڪين ۽ آنڊن جي ذريعي، ڪاڪوس ۽ پيشان جي صورت ۾.
زمين تي پاڻي جي موجودگي:
زمين جو تقريبن 70 سيڪڙو حصو پاڻي تي مشتمل آهي. اهو 70 سيڪڙو نمڪين پاڻي آهي ۽ پيئڻ جي قابل نه آهي. ان ۾ صرف 3 سيڪڙو پاڻي تازو آهي. جنهن مان ڪجهه پاڻي برف جي پهاڙن ۽ برفاني ڇپن تي ٻڌل آهي. اهڙي طرح صرف هڪ سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي لاءِ ملي ٿو. هڪ تحقيق جي مطابق اندازو لڳايو ويو آهي ته سال 2015ع تائين پاڪستان ۾ پاڻي جي گهٽتائي ٿي ويندي پر جي هاڻوڪي ٻوڏ جون پاڻي ٿو ڏسجي ته اها تحقيق پوئتي رهجي ٿي وڃي. اسان کي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ گهرجي ۽ محفوظ رکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اسان جو مستقبل پاڻي تي ٻڌل آهي.
پاڻي جي آلودگي:
پاڻي هڪ محلول آهي جنهن جي ڪري انسان جي اندر ڪثافتون ۽ خوردني جاندار شامل ٿي وڃن ٿا.
جيڪي هن کي آلوده ڪري ڇڏيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن پاڻي ناقص سيوريج سسٽم جي ڪري به آلوده ٿي وڃي ٿو. اسان جي علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي سيوريج جي پائيپن سان گڏ لڳل هوندو آهي ۽ سيوريج جو پاڻي پيئڻ واري پاڻي جي اندر ملي جهلي وڃي ٿو. جنهن جي ڪري بي شمار بيماريون پيدا ٿينديون آهن. خراب پاڻي صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ تقريبن 30 کان 40 سيڪڙو موت خراب پاڻي پيئڻ جي ڪري ٿين ٿا. هڪ ٻي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته 70 کان 80 سڪيڙو بيماريون آلوده پاڻي جي ڪري ٿين ٿيون.
آلوده پاڻي مان ڪيترن ئي قسمن جا موذي ۽ وچڙندڙ مرض ٿيندا آهن. مثال طور آلوده پاڻي پيئڻ سان بدهضمي وڌي ٿي. جنهن پاڻيء ۾ چُن وغيره جهڙا جزا شامل هجن ان مان پٿري وغيره جهڙا مرض ٿيندا آهن، جڏهن ته پاڻي ۾ نباتاتي يا حيواني ڪثافتون هجن ته ان سان دست، هيضه، تپ محرقه ۽ هيپاٽائٽس اي جهڙا موذي مرض پيدا ٿين ٿا. هر سال آلوده پاڻي جي ڪري موت جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. انهي ڪري اسان کي پنهنجي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ هميشه پاڪ صاف پاڻي پيئڻ گهرجي.
گهريلو سطح تي پاڻي کي صاف ڪرڻ جا طريقا:
هميشه پاڻي جي ٽانڪين جو معائنو ڪرڻ گهرجي.
پيئڻ کان پهرئين پاڻي جي نل کي 5 منٽن تائين هلائڻ گهرجي.
جيڪڏهن cemic فلٽر موجود نه هجن ته گهريلو سطح تي پاڻ فلٽر ڪرڻ لاءِ ململ جي ڪپڙي جون 8 تهه لڳائي ٿانون جي مٿان ٻڌڻ گهرجي. پاڻي کي 100 سينٽي گريڊ تي گرم ڪري استعمال ڪرڻ گهرجي. پاڻي کي جهڙي ٿانو ۾ گرم ڪيو وڃي ته ان ۾ ئي گڏ ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته آلودگي کان بچي سگهي. ٿانو جي مٿان ڍڪ ڏيڻ گهرجي.
ڪنهن بيماري وڌڻ جي صورت ۾ پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ ڪلورين جو استعمال ڪرڻ گهرجي. هڪ ليٽر لاءِ 0.7 ملي گرام ڪلورين استعمال ڪرڻ گهرجي.
آئي ٽي اردو جي ويب تان ورتل، ترجمو : محمد سليمان وساڻ

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: