پاڻي انساني صحت لاءِ نعمت آهي (پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)

'صحت سرير جي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪو ڏينهن 22 مارچ سڄي دنيا ۾ پاڻيء جي عالمي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي۔ ان جي مناسبت سان پاڻيء بابت ڪجھ ڳالهيون ونڊ ڪجن ٿيون۔ اميد ته دوستن لاء فائيديمند رهنديون۔


    [​IMG]

    [​IMG]

    پاڻي الله تعالى جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. پاڻي اسان جي زندگي جو اهم جزو آهي. پاڻي کان سواءِ انسان جو زنده رهڻ ناممڪن آهي. جيتوڻيڪ پاڻي مان غذائيت معلوم نه ٿئي ٿي. پوءِ به حقيقت هي آهي ته اسان جي غذا جو اهم جزو آهي. انسان جي جسم ۾ 70کان 60 سيڪڙو تائين پاڻي هوندو آهي. پاڻي جي مقدار ڪري انسان جي جسم ۾ چرٻي گهٽ وڌ ٿيندي رهندي آهي.

    مَردن ۾ پاڻي جو مقدار 61 سيڪڙو هوندو آهي، جڏهن ته عورتن ۾ 51 سيڪڙو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي جسم ۾ چرٻي مقدار وڌيڪ آهي، کير پياڪ ٻارن ۾ 75 سيڪڙو پاڻي ٿيندو آهي. پاڻي انساني جي جسم ۾ ٻن حصن سيل جيو گهرڙي جي اندر ئي ۽ ٻاهرين حصي ۾ ملي ٿومثال طور پاڻي اسان جي ٿڪ، جگر، ٽائي رائيڊ، گلينڊس، ساهه ۽ خوراڪ جي نالين، اکين جي وچ ۽ بڪين ۾ موجود هوندو آهي۔

    هڪ بالغ انسان کي 2 کان 3 ليٽر پاڻي روزاني پيئڻ گهرجي ٻيو ته موسم تي به هوندو آهي. گرمي جي موسم ۾ پاڻي وڌيڪ گهربل هوندو آهي ۽ سياري جي موسم ۾ گهٽ، ڇاڪاڻ ته نه صرف هي اڃ لاهي ٿو پر ان سان گڏوگڏ انسان جي جسم ۾ گهڻو اهم ڪم سرانجام ڏي ٿو. مثال طور:

    پاڻي غذائي جزن کي جذب ڪرڻ ۽ انهن کي جيو گهرڙن، آنڊن، رت ۽ جسم جي سڀني حصن تي پهچي ٿو.

    پاڻي جسم جي گرمي پد کي برقرار رکي ٿو.

    پاڻي فافتن جي بناوت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

    هڏين کان وٺي رت جي تياري تائين پاڻي ضروري آهي.

    پاڻي رت جي دوري کي قائم رکي ٿو.

    پاڻي جسم جي پٺن ۽ جوڙن کي ملائي رکي ٿو.

    هي بيڪار مادن کي جسم مان نڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

    جيڪڏهن اندازو لڳايو وڃي ته جسم جي سڀني (Glycogen) سڻڀ ۽ پروٽين گهٽ ٿي وڃڻ تي انسان زنده رهي سگهي ٿو. پر جسم مان پاڻي جي 20 سيڪڙو مقدار به گهٽ ٿي وڃي ته انسان زنده نه ٿو رهي سگهي.

    پاڻي جسم کي غذا مان به ملندو رهي ٿو جيئن چانهه، ڪافي، کير، شربت ۽ شوربي مان جسم کي سڀ کان وڌيڪ پاڻي ملي ٿو. ان کان علاوه فروٽ، ڀاڄين ۽ گوشت ۾ به پاڻي گهڻي مقدار ۾ موجود هوندو آهي. جسم ۾ ڪاربوهائيڊريٽس سڻڀ ۽ پروٽين وغيره هضم ۽ جذب ٿيڻ مهل به جسم کي ڪنهن قدر پاڻي ملي ٿو.

    هڪ سو گرام پاڻي جي حل ٿيڻ تي هڪ سو ست (107) گرام پاڻياٺ ملي ٿو. جڏهن ته 100 گرام ڪاربو هائيڊريٽس جي حل ٿيڻ تي 55 گرام پروٽين جي حل ٿيڻ تي 41 گرام پاڻي ميسر ٿئي ٿو. هڪ شخص کي روزاني اٺ کان 10 گلاس پاڻي ملڻ ضروري آهي. ايئن هن جي ضرورت جو دارومدار موسم تي به ٿئي ٿو. مثال طور: گرمين ۾ پگهر جي صورت پاڻي ۾ پاڻي نڪري ٿو. جيڪڏهن اڃ وڌيڪ لڳي ٿي ته کير، لسي، شربت به پاڻي جو نعم البدل ٿي سگهن ٿا.

    پاڻي جو خارج ٿيڻ:

    پاڻي انسان جي جسم مان چئن طريقن سان نڪري ٿو:

    پگهر جي صورت ۾

    ڦڦڙن جي ذريعي ساهه کڻڻ جي دوران،

    بڪين ۽ آنڊن جي ذريعي، ڪاڪوس ۽ پيشان جي صورت ۾.

    زمين تي پاڻي جي موجودگي:

    زمين جو تقريبن 70 سيڪڙو حصو پاڻي تي مشتمل آهي. اهو 70 سيڪڙو نمڪين پاڻي آهي ۽ پيئڻ جي قابل نه آهي. ان ۾ صرف 3 سيڪڙو پاڻي تازو آهي. جنهن مان ڪجهه پاڻي برف جي پهاڙن ۽ برفاني ڇپن تي ٻڌل آهي. اهڙي طرح صرف هڪ سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي لاءِ ملي ٿو. هڪ تحقيق جي مطابق اندازو لڳايو ويو آهي ته سال 2015ع تائين پاڪستان ۾ پاڻي جي گهٽتائي ٿي ويندي پر جي هاڻوڪي ٻوڏ جون پاڻي ٿو ڏسجي ته اها تحقيق پوئتي رهجي ٿي وڃي. اسان کي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ گهرجي ۽ محفوظ رکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اسان جو مستقبل پاڻي تي ٻڌل آهي.

    پاڻي جي آلودگي:

    پاڻي هڪ محلول آهي جنهن جي ڪري انسان جي اندر ڪثافتون ۽ خوردني جاندار شامل ٿي وڃن ٿا.

    جيڪي هن کي آلوده ڪري ڇڏيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن پاڻي ناقص سيوريج سسٽم جي ڪري به آلوده ٿي وڃي ٿو. اسان جي علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي سيوريج جي پائيپن سان گڏ لڳل هوندو آهي ۽ سيوريج جو پاڻي پيئڻ واري پاڻي جي اندر ملي جهلي وڃي ٿو. جنهن جي ڪري بي شمار بيماريون پيدا ٿينديون آهن. خراب پاڻي صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ تقريبن 30 کان 40 سيڪڙو موت خراب پاڻي پيئڻ جي ڪري ٿين ٿا. هڪ ٻي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته 70 کان 80 سڪيڙو بيماريون آلوده پاڻي جي ڪري ٿين ٿيون.

    آلوده پاڻي مان ڪيترن ئي قسمن جا موذي ۽ وچڙندڙ مرض ٿيندا آهن. مثال طور آلوده پاڻي پيئڻ سان بدهضمي وڌي ٿي. جنهن پاڻيء ۾ چُن وغيره جهڙا جزا شامل هجن ان مان پٿري وغيره جهڙا مرض ٿيندا آهن، جڏهن ته پاڻي ۾ نباتاتي يا حيواني ڪثافتون هجن ته ان سان دست، هيضه، تپ محرقه ۽ هيپاٽائٽس اي جهڙا موذي مرض پيدا ٿين ٿا. هر سال آلوده پاڻي جي ڪري موت جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. انهي ڪري اسان کي پنهنجي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ هميشه پاڪ صاف پاڻي پيئڻ گهرجي.

    گهريلو سطح تي پاڻي کي صاف ڪرڻ جا طريقا:

    هميشه پاڻي جي ٽانڪين جو معائنو ڪرڻ گهرجي.

    پيئڻ کان پهرئين پاڻي جي نل کي 5 منٽن تائين هلائڻ گهرجي.

    جيڪڏهن cemic فلٽر موجود نه هجن ته گهريلو سطح تي پاڻ فلٽر ڪرڻ لاءِ ململ جي ڪپڙي جون 8 تهه لڳائي ٿانون جي مٿان ٻڌڻ گهرجي. پاڻي کي 100 سينٽي گريڊ تي گرم ڪري استعمال ڪرڻ گهرجي. پاڻي کي جهڙي ٿانو ۾ گرم ڪيو وڃي ته ان ۾ ئي گڏ ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته آلودگي کان بچي سگهي. ٿانو جي مٿان ڍڪ ڏيڻ گهرجي.

    ڪنهن بيماري وڌڻ جي صورت ۾ پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ ڪلورين جو استعمال ڪرڻ گهرجي. هڪ ليٽر لاءِ 0.7 ملي گرام ڪلورين استعمال ڪرڻ گهرجي.


    [​IMG]
    آئي ٽي اردو جي ويب تان ورتل، ترجمو : محمد سليمان وساڻ
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 مارچ 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڻي انساني صحت لاءِ نعمت آهي (پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)


    سهڻا سليمان ساڻ صاحب پيور پاڻي جيان بهترين مضمون ونڊ ڪرڻ لا مهرباني ،

    واقعي صاف پاڻي وڏي نعمت آهي ، پاڻِ آهي ته جهان آهي ،

    الله تعالى پاڻ قرآن مجيد ۾ فرمائن ٿا ته اسين پاڻي مان هر شي کي زنده ڪيو آهي ۔

    اوهان جا ٿورائتا آهيون جو پاڻي جي عالمي ڏينهن تي اهڙو پيارو ليک اسان سان ونڊ ڪئي۔​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پاڻي انساني صحت لاءِ نعمت آهي (پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)

    لک قرب اوهان جا سائين چوهاڻ صاهب

    پاڻي زندگي آهي ۽ اڄوڪو ڏينهن پاڻيء جو ڏينهن هو۔ اها ٻي ڳاله آهي ته سنڌ ۾ پيڻ جو پاڻي گهڻو آلوده ٿي چڪو آهي۔ جر جو پاڻي سنکيي جو شڪار ٿي چڪو آهي۔

    پر پوء به پاڻيء کانسواء رهي نه ٿو سگهجي
     
  4. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: پاڻي انساني صحت لاءِ نعمت آهي (پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)

    ادا خدا جي هر نعمت بي مثال آهي خاص طور تي پاڻي۔ ۽ اهي انسان ان نعمت جي قدر ڄاڻيندا هوندا جن وٽ مٺي پاڻي جي کوٽ هجي الله اسان سڀني کي انهي نعمت جو قدر ڪرڻ توفيق ڏيندو انهائي ڪارائتو مضمون ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا دلي طور احسانمند آهيون
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پاڻي انساني صحت لاءِ نعمت آهي (پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)

    مهرباني ادا

    واقعي پاڻي نعمت آهي ۽ اسان کي ان جو قدر ڪرڻ کپي ۽ پنهنجي رب جو شڪرگذار رهڻ کپي،
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پاڻي انساني صحت لاءِ نعمت آهي (پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)

    پاڻي سگهه آهي، پاڻي زندگي آهي، پاڻي نعمت آهي، پاڻي غذا آهي،

    پاڻي جو ڪو نعم البدل ناهي ۔۔۔

    پاڻي انسان جي ضرورت کان به وڌ ضروري آهي ، پاڻي سنڌي ٻولي ۾ سگهه جو ٻيو نالو آهي

    مثال؛
    اسانجو اڄ پاڻي ٿيندو
    مڙس جو پاڻي ڪڇڻو آهي
    همراه ۾ ڪو پاڻي ئي ڪونهي

    اهڙي قسم جا ڪيترائي ٻول آهن جن سان سنڌي ٻولي ۾ پاڻي کي سگهه سان مشابهه ڪجي ٿو ۔۔۔

    لک ٿورا وساڻ صاحب تمام ڪارائتو ۽ وقتائتو ليک ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. اظهرالدين بهلڪاڻي

    اظهرالدين بهلڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    142
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    واپڊا ڪالوني گڊو سنڌ
    جواب: پاڻي انساني صحت لاءِ نعمت آهي (پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)

    تمام بهترين موضوع وساڻ صاحب توهان پاڻي مطلق لکيو آهي۔ واقعي پاڻي به قدرتي وسيلن مان هڪ نعمت آهي۔ انسان کي الله تعالى جي هر نعمت جو قدر ڪرڻ کپي۔
    حقيقت اها آهي ته پاڻي سان ئي زندگي آهي۔ پاڻي کانسوا انسان جو هن دنيا ۾ رهڻ نا ممڪن آهي۔۽ پاڻي کانسوا دنيا ريگستان آهي۔
    بحرحال پاڻي جي قدر ۽ قيمت تي جيترو به لکجي سو گهٽ سمجهيو ويندو۔ سو پاڻي جو اسان سڀن کي قدر ڪرڻ گهرجي۔
     
  8. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پاڻي انساني صحت لاءِ نعمت آهي (پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)

    اهڙي لاجواب معلومات ڏيڻ تي اوهان جو لک مهربانيون سائين سليمان صاحب۔۔۔
    مهربانيون۔۔۔
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پاڻي انساني صحت لاءِ نعمت آهي (پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)

    سائين لاجواب ونڊ آهي .
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پاڻي انساني صحت لاءِ نعمت آهي (پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)

    سائين مهرباني

    پاڻي واقعي نعمت آهي، زندگي آهي

    مان به سدائين هڪ نعرو ٻڌندو آهيان ته پاڻيء تي پاڻي ٿيندو۔۔۔۔ڪڏهن ٿيندو اها خبر ناهي
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پاڻي انساني صحت لاءِ نعمت آهي (پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)

    ادا مهرباني

    بلڪل پاڻيء جو قدر ڪرڻ گهرجي۔ اسان کي قدرتي نعمتن جو قدر ڪرڻ گهرجي ۔ اها ٻي ڳاله آهي ته صاف پاڻيء جي صورتحال سنڌ ۾ ڪا خاص سٺي ناهي۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پاڻي انساني صحت لاءِ نعمت آهي (پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان)

    ادا مهرباني

    اميد ته اوهان پاڻيء بابت لکيل هن لکڻيء مان فائدو ورتو هوندو
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پاڻي آهي زندگي ۔۔۔۔۔۔ پاڻيءَ جو قدر ڪيو
    پاڻيء جي عالمي ڏينهن تي پيغام​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    پاڻي الله پاڪ پاران مليل وڏي نعمت آهي، جنهنجو جيترو به شڪر بجا آڻجي اهو گهٽ آهي، پاڻي جي قدر ان وٽ هوندي آهي جيڪو ان نعمت کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪري ٿو۔ خاص ڪري اسان جي ٿر جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ جتي پاڻي اڻ لڀ آهي۔ مان اڪثر ڪري ڪراچي ۾ ڏسندو آهيان خاص ڪري مسجدن ۾ وضو ڪرڻ مهل ڪي ڪي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي پاڻي جا نل ايڏا ته فُل کولي ڇڏيندا آهن جو انهن کي ٿورو به احساس نه هوندو آهي ته ڪيترو پاڻي ضايع ڪن ٿا۔۔پوءِ مان ڪوشش ڪندو آهيان ته انهن جا نل پاڻ گهٽ ڪري ڇڏيندو آهيان جنهن ڪري اڪثر ڳالهيون به ٻڌڻيون پونديون آهن، پر ڪي ڪي نيمڪ وارا منهنجي ان حرڪت تي ڪُرڙي اک سان ڏسي چپ ڪري ويندا آهن۔۔پر انهن کي پاڻ احساس ٿيڻ گهرجي ته پاڻي الله جي نعمت آهي ان جو استعمال پورو سارو ضرورت آهر ڪجي۔۔الله پاڪ اسان کي ان نعمت کان ڪڏهن به محروم نه ڪري، آمين۔
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پاڻي آهي زندگي .... پاڻيء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان شيئرنگ
     
  16. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    تمام بهترين تحرير آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو