آدم شماري 2011 هڪ آزمائش هڪ امتحان!

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    آدم شماري 2011 هڪ آزمائش هڪ امتحان!


    عبدالوهاب منشي




    پنهنجي گذريل ڪالم ۾ مون آدم شماري 2011، کي ڪنهن جياپي جي جنگ کان گهٽ ڪونهي ڀيٽيو، ڇاڪاڻ ته هر سنڌ دوست، ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ امن پسند سنڌ ڄائو اهو چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته سنڌو سدائين ڪڙي کان ڪڙي امتحانن مان گذرندي رهي آهي پر تاريخ جي هر ڪڙي کان ڪڙي امتحان جي سڄي سفر ۾ هڪ طويل جدوجهد کان پوءِ اسان پنهنجي منزل پاڙڻ ۾ هميشه ڪامياب ۽ سرخرو رهيا آهن. ها اهو ضرور آهي ته اڃا تائين اسان ايتري قدر اها ڪاميابي نه ماڻي سگهيا آهيون. جو اسان پنهنجي ايندر نسل اڳيان مڪمل طور سرخرو ٿي سگهون. اسان اڄ به جدوجهد ۽ تجربن جي مرحلن مان گذري رهيا آهيون. پر اڄ وقت ڏينهون ڏينهن ويجهو اچي رهيو آهي، ته اسان پنهنجن سمورين ڪوتاهين ۽ ڪاميابين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري پنهنجو احتساب پاڻ ڪيون، ته اسان هن سڄي صدي جي سفر ۾ ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو؟ اسان جي اها مڪمل ذميواري آهي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي اهو ٻڌايون ته مخالفن جي سمورين چالاڪين ۽ سازشن باوجود اسان ڪڏهن پنهنجي قوم ۽ ڌرتي جي مفادن جو ڪٿي سودو نه ڪيو. بلڪه اسان پنهنجي قوم جي مستقبل ۽ ڌرتي جي ماڻهن جو تحفظ ۽ دفاع ائين ڪيو جيئن ڪو غيرتمند پٽ پنهنجي گهر جي حفاظت ڪندو آهي.

    توهان سڀني کي خبر آهي ته اڄ سنڌ ڪهڙي ڏکي امتحانن مان گذري پئي، اسان جي مادري ٻوليءَ سوڌو ملڪ ۾ ٿيندڙ ڇهين گهر شماري/آدم شماري ۾ سنڌي ماڻهن خلاف ڪهڙيون سازشون ۽ رٿائون جڙي رهيو آهن، جيڪڏهن هاڻي اسان انتهائي بهادري، پُرعزم ۽ جدوجهد سان پنهجي سامهون واري جي سازشن جو مقابلو نه ڪيو، ته ايندڙ وقت اسان لاء،ِ ڌرتي ۽ قوم لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اڄ سماج جي هر طبقي تي آزمائش جو وقت اچي ويو آهي، ته اسان پنهنجي قومي معاملن تي ڪيترا سنجيده، ذميوار، با همت ۽ ڪيترا متحد آهيون؟ جيڪڏهن اسان پنهنجا پير ڄمائي دشمن جي سمورين سازشن ۽ چالاڪين جو گڏجي مقابلو ڪيو ته ضرور تاريخ ۾ فتح اسان جو مقدر بڻجي ويندي.

    يقينن هاڻ ٿيندڙ گهر شماري/آدم شماري 2011 سنڌي ماڻهو لاءِ ڪنهن جياپي جي جنگ کان گهٽ ڪونهي، اسان تاريخ جي اهڙي سفر مان گذرون پيا، جيئن هلندڙ سفر ۾ منزل تائين پهچڻ لاءِ آدم شماري پڻ هڪ جدوجهدي مرحلو آهي، زميني حقيقتن کي ڏسندي اسان کي هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته هڪ لڏو/مافيا چاهي ٿي، ته ايندڙ دور ۾ سنڌي جي اڪثريت کي ڪهڙي طرح ڪجهه به ڪري ، اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي. هي جيڪي اجرڪ-ٽوپي ۽ پٽڪي وارا سنڌ جا وارث آهن هنن کي پنهنجي ڌرتي تي ننڌڻڪو ۽ اڪيلو بڻايو وڃي، پر دشمن جي سمورين چالاڪين ۽ سازشن باوجود گڏجي سنڌ جي سياسدانن، قومپرستن، ليکڪن، ڪالم نگار ۽ ادبي لڏي سوڌو هر طبقي جي اها ذميواري ٿئي ٿي ته اهي پنهنجي قوم لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڏيئو ٻاري، پنهنجي قوم جي ماڻهن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ وڏي عقلمندي، با شعوري، ڏاهپ، علم ۽ ٻڌي سان هر معاملي کي منهن ڏيڻ، اسان کي سمجهڻو پوندو ته اڄ ڪير دوست آهي ته ڪير دشمن جي روپ ۾ اسان جو سڄڻ، اسان سمجهون ٿا ته اسان جي قوم سامهون واري جي مقابلي ۾ ايتري منظم ۽ متحد ڪونهي، يقينن اسان ۾ تمام گهڻيون اوڻايون ۽ کوٽون آهن. پر ڪير اهو غلط اندازو نه لڳائي ته اسان بلڪل چٽ قوم، ڪمزور ۽ بزدل آهيون جيڪڏهن اسان اڄ به ٻڌي ڪري گڏجي ميدان تي نڪري پئون ته اسان پنهنجي قوم، ڌرتي جي ماڻهن جو تحفظ ۽ سندن حقن جي جنگ وڙهڻ جون سموريون صلاحيتون رکون ٿا، اسان جو ايمان آهي، ته جيڪڏهن اسان باهمت، جاکوڙي ۽ پُر عزم ٿي متحد ٿي وڃون ته اسان تاريخ جا فاتح هونداسين.

    آدم شماري 2011 جي حوالي سان مان پنهنجي پڙهندڙن کي اهو زور ڀري سمجهائڻ جي ضرورت محسوس ڪيان ٿو ته اسان کي هر صورت ۾ ٿيندڙ گهر شماري/آدم شماري ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته هن ڀيري اسان ڪنهن غفلت ۽ غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ته ايندر دور ۾ اسان جي نئين نسل ۽ ڌرتي جا قديم وارث اقليت ۾ بدلجي سگهن ٿا. تنهن لاءِ ضروري آهي ته اسان جي سمورين سياسي جماعتن، قومپرست ڌرين (خصوصي طور سپنا اتحاد). سول سوسائيٽي، اين جي اوز، وڪيلن، صحافين، دانشور، ادبي حلقي سوڌو سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا کي پاڻ ٿيندڙ آدم شماري جو هر مرحلي ۾ وقتن وقتن جائزو وٺڻو پوندو، مان پنهنجي پڙهندڙن سان اها خوشبخبري شيئر ڪرڻ جو حق رکان ٿو ته هن ڀيري سنڌ ۾ ٿيندڙ گهر شماري/آدم شماري 2011 جي معاملي تي سمورا سنڌ واسي تمام گهڻو سجاڳ ٿي چڪا آهن. هن ڀيري سنڌ جي نوجوانن، شاگردن توڙي سياسي جماعتن پ پ پ، ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، جيئ سنڌ جا مختلف گروپ ۽ ٻيون سنڌي وطن دوست جماعتون اهو سمجهي چڪيون آهن ته جيڪڏهن ٿيندڙ آدم شماري 2011 تي اسان سمورا سنڌ دوست ڌڙا پنهنجا پنهنجا معمولي سياسي اختلاف ۽ ويڇا وساري سنڌ جي جياپي جي گڏيل جنگ نه وڙهي ته ايندڙ دور ۾ تاريخ اسان کي خطرناڪ نتيجا ڏيندي ڪڏهن معاف ڪونه ڪندي.

    گذريل ٻن هفتن جي اخباري مطالعي کان نظر اچي پيو، ته ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ آدم شماري واري معاملي تي سموري سنڌ دوست جماعتن جا سمورا ليڊر هاڻ هڪ هنڌ گڏ ٿيندي نظر اچن پيا، اها يقينن اسان جي خوشقسمتي کان گهٽ ڪونهي. اهڙي طرح گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ گهر شماري/آدم شماري 2011 جي معاملي تي مختلف سياسي ڌرين، اين جي اوز سوڌو ادبي حلقي جي هڪ گڏجاڻي ۾ وڃڻ جو موقعو مليو، اتي مجموعي طور سنڌ جي قومپرستن، سنڌ دوست سياسي جماعتن سوڌو سنڌ جي ادبي لڏي پنهنجي اها حڪمتي عملي طئي ڪندي اهو موقف اختيار ڪيو، ته اڄ سنڌي ماڻهو ۽ سنڌ ڌرتي خلاف خطرناڪ سازشون جڙي رهيون آهن. جيڪڏهن اسان عملي طور گڏجي ۽ منظم ٿي هنن سازشن جو مقابلو نه ڪيو ته اسان اقليت بدلجي سگهون ٿا. جيڪڏهن هن ڀيري آدم شماري واري معاملي تي سڄي سنڌ سوڌو سڄي قوم متحد نه ٿي ته تاريخ اسان کي ڪڏهن معاف ڪون ڪندي. ڪانفرنس جي آخر ۾ سمورين ڌرين گڏجي آدم شماري ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ورتو ويو، مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي سجاڳي حلقي، ساڃاه وندن سوڌو سنڌ جي قومپرستن ۽ اديبن کي آدم شماري واري معاملي تي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جو مک ڪردار عوامي تحريڪ جي صدر ۽ سپنا اتحاد جي جاکوڙي لڏي جي سرتاج اياز لطيف پليجي جي سر تي وڃي ٿو، جنهن پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد سان سڄي معاملي کي اڳيان وڌائيندي وڻ وڻ جي ڪاٺي کي هڪ موقف تي گڏ ڪيو، ته ”گڏيل جدوجهد کانسواءِ سنڌ پنهنجي منزل نه ٿي ماڻي سگهي“. مان هن ڳالهه کي بار بار ورجائيندي زور ڏيندس ته آدم شماري 2011 اسان لاءِ انتهائي اهم مرحلو آهي، هن مرحلي ۾ فقط اڪيلي ڪنهن فرد يا ڌر جي محنت اثرائتي نه ٿي ثابت ٿي سگهي، ڇا ڪاڻ ته آدم شماري اسان جي سڄي قومي جياپي جو مسئلو آهي. آدم شماري جي مرحلي ۾ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ پ پ سوڌو سنڌ جي سمورن سياسي، سماجي ۽ قومپرست جماعتن کي وڏي ذميواري جو مظاهر ڪندي پنهنجن پنهنجن پوليٽيڪل ورڪرز کي اها تربيت ڏيڻ گهرجي ته آدم شماري جي ٿيندڙ سڄي مرحلي ۾ اهي سياسي ڪارڪنن پنهنجن پنهنجن علائقن جي ماڻهن لاءِ گائيڊ/مددگار جو ڪردار ادا ڪن، اسان جي ڪوشش هجي ته سنڌ جو ڪو به شهر، واهڻ، وستي، ڳوٺ ۽ علائقي جو هڪ هڪ گهر ۽ گهر جو هڪ ڏينهن جي ڄاول ٻار تائين ڳڻپ کان رهجي نه وڃي. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته آدم شماري جي حوالي سان جڏهن اسان جي قومي شناخت جو معاملو اچي ته اسان سمورن سنڌ واسين کي فقط سنڌي ٻولي جي خاني تي نشان هڻڻ گهرجي، اسان کي سمجهڻو پوندو ته گهر شماري واري مرحلي ۾ اسان مان هر هڪ کي سنڌي بڻجي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. اسان سنڌي ماڻهن لاءِ 5 اپريل کان 25 اپريل وارو عرصو هڪ امتحان آهي، پهرين مرحلي ۾ گهر شماري ۽ ٻئي مرحلي ۾ آدم شماري جي درميان اسان کي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ويهي پنهنجا نالا ڳڻپ ۾ لکرائڻ تمام گهڻو ضروري آهن. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي قومپرستن، آدم شماري بابت گڏيل اتحاد سوڌو اسان جي سمورن ليڊرن کي گهرجي ته اهي فوري طور سڄي سنڌ سوڌو ڪراچي جو هنگامي دور ڪن، قومي جلسا جلوس ڪن ۽ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪن ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي، سنڌ ڌرتي اسان جي امڙ آهي ۽ سنڌ ۾ وسندڙ هر ماڻهو جي قومي ٻوليءَ فقط سنڌي ٻولي آهي. اسان کي پنهنجي ماڻهن کي سمجهائڻو پوندو ته 1954ع کان پوءِ سنڌ ۾ لڏي آيل ڌارين جي آباد اسان جو حصو ڪونهن، تنهنڪري انهن کي آدم شماري جو حصو نه بڻايو وڃي. ڇا ڪاڻ ته اسان سمجهون ٿا ته آدم شماري 2011 جي صحيح داخلا سان اسان سمورن سنڌ واسين ۽ قوم جو مستقبل جڙيل آهي، 2011 جي ٿيندڙ صحيح، شفاف آدم شماري کانپوءِ اسان جي قوم کي معاشري ۾ پنهنجا وڌيڪ آئيني ۽ قانوني حق ملندا. آدم شماري وسيلي سنڌ کي نئين انگ اکرن مطابق روزگار، بجٽ، ترقي ۽ جياپو ملندو تنهن لاءِ اسان اهو به سمجهو ٿا ته موجوه حڪومت پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، جنهن جو بنياد (Base) سنڌ آهي. انهن کي پنهنجي مڪمل ذميواري سان آدم شماري واري مرحلي جو جائزو شفاف طريقي وٺڻو پوندو، حڪومت کي ڏسڻو پوندو ته ڪٿي ڌارين کي هڪ سازش تحت سنڌ جي آدم شماري جو حصو ته نه بڻايو پيو وڃي؟ ڇا ڪاڻ ته اڳئي سنڌ جي اڪثريت کي اهو شڪ ۽ خدشو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ آدم شماري جي حوالي سان ڌانڌلي ذريعي ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا نتجا ڪڍي سنڌ واسين جي قسمت مٿان مڙهي ڇڏين.

    مان هتي سنڌ جي قومپرستن، سنڌ جي وڏي سياسي جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي سوڌو سنڌ حڪومت کي اهو مشورو ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو ته اڄ گهر شماري/آدم شماري واري مرحلي ۾ هو پنهنجو ڀرپور ذميواري جو مظاهر ڪن. جتي قومپرستن ڌرين جي ذميواري آهي ته اتي پ پ ۽ سنڌ حڪومت جي به اوتري ذميواري ئي آهي، ڇاڪاڻ ته قومپرتن جماعتن کان وڏي جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ پنهنجو اثر رکي ٿي، تنهن ڪري وڏي هجڻ جي ناتي وڏي ذميواري پاڪستان پيپلزپارٽي تي عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي يوٿ ونگ سوڌو سپاف جي نوجوانن جي هڪ ٽيم جوڙين، جيڪي سڄي سنڌ ۾ جاڳرتا مهم هلائي سنڌ جي هر ڳوٺ ضلعي، تعلقي ۽ يوسي سطح تي پنهنجي پارٽي جي پليٽ فارم تان ڪميٽيون جوڙي آدم شماري جي حوالي سان عام ماڻهن جي مددگار بڻجن، مان سمجهان ٿو ته هي ڀيري پاڪستان پيپلزپارٽي لاءِ هڪ سونهري موقعو آهي ته هو پنهنجو سڄي قوم کي هڪ هنڌ گڏ ڪري پنهنجي منظم ڪردار سان عوام ۾ پنهنجي ساک بحال ڪري، مان هتي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي عرض ڪندي ته سنڌ اڳئي سورن ۾ آهي، اڄ آدم شماري ان وقت ٿي رهي آهي جڏهن سنڌ جي اڪثريت ٻوڏ کان متاثر ٿي ننڌڻڪي آهي، تنهن لاءِ سنڌ حڪومت مٿان تاريخ هڪ وڏي ذميواري وجهي ٿي ته هو فوري طور هڪ ڪاميٽي جوڙي جيڪا رٿا بندي ڪري ته ٿيندڙ آدم شماري شفاف طريقي ٿئي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جو هڪ ماڻهو به ڳڻپ کان محروم نه رهجي وڃي. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته تاريخ جا فيصلا تمام گهڻا بي رحم ٿيندي آهن. اڄ تاريخ جي مورخن جي اسان سڀني مٿان نظر آهي، ته ڪير ڇا پيو ڪري ته ڪير ڇا؟ جنهن لاءِ اسان سڀني کي گڏجي آدم شماري واري مرحلي ۾ انتهائي سنجيدگي ۽ ذميوار ٿي پنهنجو پنهنجو قومي فرض ۽ اخلاقي ذميواري جو مظاهر ڪرڻو پوندو، جيئن اسان پنهنجي ايندڙ نسل جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهون.


    wahab_munshi@yahoo.com

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آدم شماري 2011 هڪ آزمائش هڪ امتحان!

    مهرباني چوهاڻ صاحب

    تمام سٺيون ڳالهيون لکيل آهن هن مضمون ۾ پر هڪ ڳلاھ ته مان اڃان تائين صرف اخبارن ۾ ئي پڙهيو آهي يا ميڊيا تي ٻڌو آهي ۽ عملي طور آدمشماري ۽ گهرشماري لاء ڪي ڪيمپ لڳا آهن نه ئي وري ڪي ٽيمون جيڪي گهر گهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن تائين پهچن۔

    وقت ٿورو آهي ۽ ڪٺن ڪم آهي اميد آهي هر ماڻهو پنهنجي قومي ذميوري محسوس ڪندي هن عمل ۾ شامل هوندو۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: آدم شماري 2011 هڪ آزمائش هڪ امتحان!

    ادا تمام بهترين ،.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو