مست
سينيئر رڪن
وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !
نثاراحمدناز .
اسان جي سوچڻ
اسان جي سمجهڻ کان،
توهان جون سوچُون صفا ،
وڏيون هِن،
توهان جا جذبا وشال آهن،
جُتِي توهان جِي ءَ ۾
پير سائين ڀلا ڪيئن پايون ،
مُمڪن ئي ڪونهي ،
توهان جُون سوچون نوان اُجالا
اسان اکر انڌيري ۾ قابو،
توهان جي چؤدا ر لڳل قطارون ،
توهان سان چاهت ڪندڙن جون آهن ،
توهان سان ناتا ڳنڍڻ لاءِ جانان ،
قسم سان آتو جهان آهي ،
اسان سان چاهت ڪندڙ نه ڪوئي ،
اسان سان ناتا ،
نه ڪوئي ڳنڊيندڙ ،
اسان جو جيون صرف کوٽو سڪو،
ملي نه جنهن مان ا و جوڙ جيڏا
نه ڀُڳڙن جي مُٺ ڪائي،
اسان ته رستن جا
رولاڪ آهيون
اڪيلائي جي آسمان جا ،
ٽُٽل ستارا ،
وقت جي نيلام گهر ۾
اسان خريديل غلام آهيون
اسان وڪاميل غلام آهيون
اسان تي ٻوليون وفا جون جانان
لڳائڻ ڇڏي ڏيو،
وفا جا واڪ لڳائڻ کان پهرين
اهو ته سوچيو،
”وقت نيلامِي پُڄاڻِي ٿِي ويو“
توهان جا دڙڪا،
توهان جي ڪاوڙ ،
اکين تي سائين ................... !
اکين تي سائين ................. !
اکين تي سائين. ................ !