نانءُ ٻِئو ھُتِ ھو منھنجو، ھِتِ ٻِئي نانءَ ٿِياس. اچڻ نه ھو ھِت منھنجو، پَرڪَنھِن تا خواھش کَنياس. ھُتِ ھُيَس معشوقيءَ ۾، ھِت عاشِق ٿي آياس. ھيءَ ھَي ھُئي ھُت ڪا نَڪا، ھِت مَنجھ پروڙ پياس. ”سچو“ سارو، وو، سَچ ٿيو، وچَون ”آءٌ“ وياس.