پسر شهيد
سينيئر رڪن
ويجهن ڏينهن ۾ ڪرڪيٽ پاڪستان لاءِ اها راند رهي آهي، جنهن ۾ رڳو اسڪينڊلز جي راند ٿيندي رهي آهي، پر وڏي عرصي کان پوءِ اها راند هاڻي واقعي به ڪرڪيٽ جي راند محسوس ٿيڻ لڳي آهي، جو ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي وڏي حد تائين حوصلا افزا رهي آهي. وڏي عرصي کان پوءِ رانديگرن ۾ اهو اسپرٽ ڏسڻ لاءِ مليو آهي، جيڪو اسپرٽ 93ع واري ڏهاڪي ۾ هو، جڏهن پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ کٽي ملڪ آندو هو. ڪالهه پاڪستان جڏهن ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيمي فائنلز ۾ پهتو ته اڄوڪين سنگين حالتن ۾ پاڪستان لاءِ اها هڪ وڏي خوشخبري هئي.
ان مان اهو ثابت ٿيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ رانديگرن مان صلاحيتون ختم ناهن ٿيون، پر انهن مان اهو اسپرٽ ختم ٿي ويو هو، جنهن ۾ سندن صلاحيتون مثبت نتيجا ڏينديون هيون. پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن جا هڪٻئي پٺيان ايترا ته اسيڪنڊلز سامهون ايندا رهيا، جو ڪرڪيٽ ڏسندڙن اهو آسرو لاهي ڇڏيو هو ته اسان جي ٽيم ڪڏهن اهڙي ڪارڪردگي به ڏيکاريندي، جو ملڪ ۾ جشن ٿيندا، مٺايون ورهايون وينديون. پر ڪالهه ايئن ٿيو، ويسٽ انڊيز ٽيم کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ اهڙو منظر جڙيو. نه ته خود شاهد آفريدي، جنهن ورلڊ ڪپ جي ميچن دوران غيرمعمولي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، سو به بال ٽيمپرنگ واري اسڪينڊل ۾ اچي ويو هو. باقي ميچ فڪسنگ جا الزام ته پاڪستاني رانديگرن مٿان مسلسل لڳندا رهيا آهن.
هن وقت پاڪستاني ٽيم جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان ڪارڪردگي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪينڊلز جي حوالي سان ڪيترن ئي داغن کي صاف ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن هيءَ ٽيم ورلڊ ڪپ کٽي ٿي اچي ته پوءِ هن ٽيم تان اهي الزام لهي ويندا ته پاڪستاني رانديگر ڪرڪيٽر بڻجن ئي ميچ فڪسنگ لاءِ ٿا. اسان سمجهون ٿا ته رانديگرن جو ڪردار سفير وارو هجي ٿو، ۽ اها سفارتڪاري ملڪ جي اميج کي جيترو خراب ڪندي رهي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻي جڏهن ڪرڪيٽ ٽيم انهيءَ اميج کي بهتر بنائڻ ۾ ايترو اڳتي نڪري چڪي آهي ته ان کي منزل تائين به رسڻ گهرجي.
The Kawish Group of Publication