سيمي فائنل ۾ پهتل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    ويجهن ڏينهن ۾ ڪرڪيٽ پاڪستان لاءِ اها راند رهي آهي، جنهن ۾ رڳو اسڪينڊلز جي راند ٿيندي رهي آهي، پر وڏي عرصي کان پوءِ اها راند هاڻي واقعي به ڪرڪيٽ جي راند محسوس ٿيڻ لڳي آهي، جو ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي وڏي حد تائين حوصلا افزا رهي آهي. وڏي عرصي کان پوءِ رانديگرن ۾ اهو اسپرٽ ڏسڻ لاءِ مليو آهي، جيڪو اسپرٽ 93ع واري ڏهاڪي ۾ هو، جڏهن پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ کٽي ملڪ آندو هو. ڪالهه پاڪستان جڏهن ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيمي فائنلز ۾ پهتو ته اڄوڪين سنگين حالتن ۾ پاڪستان لاءِ اها هڪ وڏي خوشخبري هئي.

    ان مان اهو ثابت ٿيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ رانديگرن مان صلاحيتون ختم ناهن ٿيون، پر انهن مان اهو اسپرٽ ختم ٿي ويو هو، جنهن ۾ سندن صلاحيتون مثبت نتيجا ڏينديون هيون. پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن جا هڪٻئي پٺيان ايترا ته اسيڪنڊلز سامهون ايندا رهيا، جو ڪرڪيٽ ڏسندڙن اهو آسرو لاهي ڇڏيو هو ته اسان جي ٽيم ڪڏهن اهڙي ڪارڪردگي به ڏيکاريندي، جو ملڪ ۾ جشن ٿيندا، مٺايون ورهايون وينديون. پر ڪالهه ايئن ٿيو، ويسٽ انڊيز ٽيم کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ اهڙو منظر جڙيو. نه ته خود شاهد آفريدي، جنهن ورلڊ ڪپ جي ميچن دوران غيرمعمولي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، سو به بال ٽيمپرنگ واري اسڪينڊل ۾ اچي ويو هو. باقي ميچ فڪسنگ جا الزام ته پاڪستاني رانديگرن مٿان مسلسل لڳندا رهيا آهن.

    هن وقت پاڪستاني ٽيم جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان ڪارڪردگي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪينڊلز جي حوالي سان ڪيترن ئي داغن کي صاف ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن هيءَ ٽيم ورلڊ ڪپ کٽي ٿي اچي ته پوءِ هن ٽيم تان اهي الزام لهي ويندا ته پاڪستاني رانديگر ڪرڪيٽر بڻجن ئي ميچ فڪسنگ لاءِ ٿا. اسان سمجهون ٿا ته رانديگرن جو ڪردار سفير وارو هجي ٿو، ۽ اها سفارتڪاري ملڪ جي اميج کي جيترو خراب ڪندي رهي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻي جڏهن ڪرڪيٽ ٽيم انهيءَ اميج کي بهتر بنائڻ ۾ ايترو اڳتي نڪري چڪي آهي ته ان کي منزل تائين به رسڻ گهرجي.

    The Kawish Group of Publication
     
  2. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سيمي فائنل ۾ پهتل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم

    ادا بهترين معلومات شعر ڪڻ جي مهرباني
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سيمي فائنل ۾ پهتل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم

    پاڪستاني ٽيم سيمي فائنل هارائيندي، پسر ڀلي ڏهوڻ لڳائي ڇڏيو!!
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيمي فائنل ۾ پهتل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم

    هاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔لڳي ٿو ادا طاهر ڪو سٽيبازن جو چيف پئٽرن آهي جو ايڏي يقين سان اها ڳالھ ڪري رهيو آهي۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سيمي فائنل ۾ پهتل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم

    بس ادا ڪالهه هڪ دوست جو مون ڏانهن ميسيج آيو جنهن ۾ لکيل هو ته
    پوليس کي سڀ خبر هوندي.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيمي فائنل ۾ پهتل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم

    مطلب ته اوهان کي سڀ خبر آهي
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سيمي فائنل ۾ پهتل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم

    ادا مون ڪڏهن ايئن چيو؟
     
  8. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    جواب: سيمي فائنل ۾ پهتل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم

    ادا ڏسنداسين ته ميدان ڪري ٿو ماري باڪي مون کي به ادا سليمان وساڻ
    جي ڳالهه سهي ٿي لڳي۔
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سيمي فائنل ۾ پهتل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم

    ادا طاهر مولانا ماڻهو آهي، سندس ڳالهه تي يقين ڪجو ادا۔۔۔۔۔ ههههه
     
  10. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    جواب: سيمي فائنل ۾ پهتل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم

    ادا مولانا ماڻهو هجي ها ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪري ها سو به پنهنجي ملڪ جي خلاف
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سيمي فائنل ۾ پهتل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم

    ۽ آخر پاڪستان جي ڪرڪيٽ جو بخار لهي ويو، انهن دوستن سان همدردي آهي جيڪي پاڪستان جي کٽڻ جي اميد رکن پيا ۔۔۔ پاڪستان بيشڪ کيڏيو ۽ سٺو کيڏيو پر هندستان وارن راند تمام سٺي ڪئي ۔۔۔ فيلڊنگ، بالنگ ۽ بيٽنگ، سڀني ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري وئي ۔۔۔ جڏهن پاڪستان 6 يقيني جهپون نه وٺي سگهيو ۔۔۔۔ 4 ته ٽنڊولڪر جون جهپون نه ورتيون ويون ۔۔۔ بيٽنگ ۾ بلڪل ناڪامياب ٿيا ۽ فيلڊنگ ۾ به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻارين ۔۔۔

    الله بيشڪ ڏيڻ ۽ مدد ڪرڻ وارو آهي پر کنگهڻ کڻڪڻ سان ۔۔۔ سو اڄ هندستان وارا کنگهيا ۽ پنهنجي صلاحيت ڏيکاري اٿن ۔۔۔

    نينگر به ننڍي جمع به گهڻا ۔۔۔ اڃان اهڙا ميدان سجندا ۽ مقابلا ٿيندا ۔۔۔ مستقبل ۾ ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي؟؟؟؟

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو