مست
سينيئر رڪن
مست جي خيالن منجهان هڪ خيال
گناهه کي ٿو ثواب سمجهين
برائي ٿو انقلاب سمجهين
مٽي به ملئي جي الائي نه؟
پــاڻ کي ٿو نواب سمجهين
امير سان ٿو جهڪي ملين
غريب کي ٿو خراب سمجهين
گهمڻ ڦرڻ لاءِ تيار آهين
نماز کي ٿو عذاب سمجهين
عمل سڀئي پيا لکن ملائڪ
متان نه ٿيندو حساب سمجهين
حساب ڏاڍو سخت هوندئي
متان عذر کي جواب سمجهين
حقيقتون ٿو خوب ڄاڻين
قرآن اٿئي جي ڪتاب سمجهين
زماني ۾ ٿي نه مست ايڏو
حشر کي پيو ڇا خواب سمجهين
