• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گناهه کي ٿو ثواب سمجهين

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن

مست جي خيالن منجهان هڪ خيال

گناهه کي ٿو ثواب سمجهين
برائي ٿو انقلاب سمجهين

مٽي به ملئي جي الائي نه؟
پــاڻ کي ٿو نواب سمجهين

امير سان ٿو جهڪي ملين
غريب کي ٿو خراب سمجهين

گهمڻ ڦرڻ لاءِ تيار آهين
نماز کي ٿو عذاب سمجهين

عمل سڀئي پيا لکن ملائڪ
متان نه ٿيندو حساب سمجهين

حساب ڏاڍو سخت هوندئي
متان عذر کي جواب سمجهين

حقيقتون ٿو خوب ڄاڻين
قرآن اٿئي جي ڪتاب سمجهين

زماني ۾ ٿي نه مست ايڏو
حشر کي پيو ڇا خواب سمجهين

2dqs2e.jpg


 
جواب: گناهه کي ٿو ثواب سمجهين


مٽي به ملئي جي الائي نه؟
پــاڻ کي ٿو نواب سمجهين
واه ادا واه ان ڪري ئي قرآن مجيد ۾ الله تعالي فرمايو ته يا ايها الانسان ما عڙڪ بربڪ الڪريم اي انسان اها ڪهڙي شي آهي جنهن توکان تهنجو ڪريم رب ڀلائي ڇڏيو آهي پهنجي رب کي ياد نٿو ڪرين دنيا ۾ غرق آهين ۔۔۔ ادا الله تعالي بار بار انسان کي قرآن مجيد ۾ به اهو ئي ياد ڏياريو آهي ته اي انسان متا تڪبر ڪرين تو پهريان پهنجي خلقت ڏانهن ته ڏس مون توکي هڪ غليظ نطفي مان پيدا ڪيو آهي متا تڪبر ڪرين پر انسان آهي پاڻ کي نواب ٿو سمجهي اڇا ڪپڙا پائي پاڻ ڇنڊي ٿو هلي ۔۔۔ الله پاڪ جو ارشاڊ آهي ته اي انسان زمين تي آڪڙجي نه هل انسان آهي جو آڪڙ تڪبر ۽ نواب پائي کان مڙي ئي ڪونه ٿو ۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: گناهه کي ٿو ثواب سمجهين


مست جي خيالن منجهان هڪ خيال

گناهه کي ٿو ثواب سمجهين
برائي ٿو انقلاب سمجهين

مٽي به ملئي جي الائي نه؟
پــاڻ کي ٿو نواب سمجهين

امير سان ٿو جهڪي ملين
غريب کي ٿو خراب سمجهين

ادا تمام نيڪ خيال آهن الله سائين اوهان جي فڪر کي وڌائي۔ يقينن الله جي پيارن ٻانهن به عاجزي ۽ انڪساري جو سبق ڏنو آهي حديثن ۾ ملي ٿو قيامت جي ڏينهن تڪبر ڪرڻ وارن کي جيتامڙن جي شڪل ڏني ويندي ۽ اهي ماڻهن جي پيرن ۾ پيا لتاڙبا جيستائين حساب ڪتاب تمام نه ٿئي

گهمڻ ڦرڻ لاءِ تيار آهين
نماز کي ٿو عذاب سمجهين

عمل سڀئي پيا لکن ملائڪ
متان نه ٿيندو حساب سمجهين

حساب ڏاڍو سخت هوندئي
متان عذر کي جواب سمجهين

حقيقتون ٿو خوب ڄاڻين
قرآن اٿئي جي ڪتاب سمجهين

زماني ۾ ٿي نه مست ايڏو
حشر کي پيو ڇا خواب سمجهين

2dqs2e.jpg



مٽي به ملئي جي الائي نه؟
پــاڻ کي ٿو نواب سمجهين

امير سان ٿو جهڪي ملين
غريب کي ٿو خراب سمجهين

ادا تمام نيڪ خيال آهن الله سائين اوهان جي فڪر کي وڌائي۔ يقينن الله جي پيارن ٻانهن به عاجزي ۽ انڪساري جو سبق ڏنو آهي حديثن ۾ ملي ٿو قيامت جي ڏينهن تڪبر ڪرڻ وارن کي جيتامڙن جي شڪل ڏني ويندي ۽ اهي ماڻهن جي پيرن ۾ پيا لتاڙبا جيستائين حساب ڪتاب تمام نه ٿئي
[/size]
 
جواب: گناهه کي ٿو ثواب سمجهين


مست جي خيالن منجهان هڪ خيال

گناهه کي ٿو ثواب سمجهين
برائي ٿو انقلاب سمجهين

مٽي به ملئي جي الائي نه؟
پــاڻ کي ٿو نواب سمجهين

امير سان ٿو جهڪي ملين
غريب کي ٿو خراب سمجهين

گهمڻ ڦرڻ لاءِ تيار آهين
نماز کي ٿو عذاب سمجهين

عمل سڀئي پيا لکن ملائڪ
متان نه ٿيندو حساب سمجهين

حساب ڏاڍو سخت هوندئي
متان عذر کي جواب سمجهين

حقيقتون ٿو خوب ڄاڻين
قرآن اٿئي جي ڪتاب سمجهين

زماني ۾ ٿي نه مست ايڏو
حشر کي پيو ڇا خواب سمجهين

2dqs2e.jpg






مٽي به ملئي جي الائي نه؟
پــاڻ کي ٿو نواب سمجهين

امير سان ٿو جهڪي ملين
غريب کي ٿو خراب سمجهين


ادا انتهائي نيڪ خيال۔ خدا طرفان موڪليل هادين جو معاشري کي ڏنل سبق به اهو ئي آهي ته ماڻهن سان ملي جلي زندگي بسر ڪجي تڪبر اهڙي برائي آهي جيڪا اعلي انساني اقدار کي پامال ڪري ڇڏيندي آهي حديث شريف ۾ ملي ٿو ته قيامت جي ڏينهن تڪبر ڪرڻ وارن کي ڪولين جي شڪل ڏني ويندي ۽ حساب ڪتاب ختم ٿيڻ تائين اهي اهل محشر جي پيرن هيٺان پيا لتاڙبا الله اوهان جي فڪر ۽ خيالن کي سگهارو بڻائي تمام سٺا خيال بيان ڪرڻ تي اوهان کي واڌايون عرض ڪريان ٿو
 
جواب: گناهه کي ٿو ثواب سمجهين

امير سان ٿو جهڪي ملين
غريب کي ٿو خراب سمجهين

مست جي بهترين شاعري جنهن ۾ معاشري جي براين ۽ ٻٽن رواجن سان گڏ هٿ ٺوڪين دليلن جي خوب نشاندهي ٿيل آهي۔ شاعر معاشري يا پنهنجي اردگرد جي ماحول مان ئي سکندا آهن ۽ اها عڪاسي ڪندا آهن۔

مهرباني اوهان دوستن جي جيڪي پيا نڀايو
 
جواب: گناهه کي ٿو ثواب سمجهين

يار مست تون ته لڳو پيو آن صفا زبردست تمام بهترين ونڊ يار واهه واهه۔
 
جواب: گناهه کي ٿو ثواب سمجهين

امير سان ٿو جهڪي ملين
غريب کي ٿو خراب سمجهين
تمام بهترين ادا
 
جواب: گناهه کي ٿو ثواب سمجهين

جزاڪ الله خئير، اسد ميرجت عرف مست سائينءَ قرآني علم کي عام فهم، سولي سنڌيءَ ۾ پيش ڪرڻ جي سهڻي ڪوشش ڪئي آهي ۔۔۔

بيشڪ هڪ هڪ لفظ سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ آهي ته جيئن آخرت سهڻي ٿي پوي ۔۔۔

ماشاء الله ۔۔۔ اسانجي فڪر ۽ ايمان ۾ واڌارو ٿي ۔۔۔ آمين
 
Back
Top