عرس پريو
سينيئر رڪن
جذبات جي ڳالهه نه ڪر، هڪ آگ جو ساگر هو۔
ان رات جي بات نه ڪر، ان رات ته اوٿر هو۔
ٻانهن ٿي ٻنهي تنهنجي خوشبو کي وڌو ڀاڪر،
هڪ ساهه جو اندر هو، ٻيو ساهه جو ٻاهر هو۔
ماحول ۾ مستي هئي، جو جهول ۾ جوڀن هو،
آڪاس نچيو بيٺي ، چوڏول ۾ جرٿر هو۔
هڪ عشق ببر نر ٿي گجڪار ڪري گذريو،
اڌعمر ته جهنگل هو، اڌ عمر رڳو بر هو۔
هڪ شوق هو جو پاڳل، هر روپ لڳو پوڄڻ،
ٻيو ڪو به نه هو حاضر، محبوب جو منظر هو۔
هر چئونڪ تي پهچي مون ميزان کي پئي ڳوليو،
مونکي هي پتو پيو هو، هن شهر ۾ محشر هو۔
هو يار سان خار ڪٺو، استاد ٻه اڌ ٿي پيو،
هڪ ديد ۾ بهتر هو، ٻي ديد ۾ بدتر هو۔
بخاري