ڀيڄ قلندر ڀيڄ
ڀيڄ ڀٽائي ڀيڄ
ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ
ادا وحيد سمان صاحب، دل ۾ نه ڪندا، پر هڪ ڳالهه اوهانکي پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي حيثيت سان چوانٿو اميد ته هينئين سان هنڊائيندا ...
ڀائڙا جيئن ته اسين مسلمان آهيون ۽ اسانکي قطئن اهڙن ڳالهين ۽ نعرن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ ٿورڙي به شرڪ جي ڪا گنجائش هجي ... مٺا ڀاءُ سڀ عبادتي گناه ته معاف ٿي ويندا پر اهو نڀاڳو شرڪ ڪڏهن معاف نه ٿيندو ... ۽ جي اسان ان ۾ ڦاٿل رهياسون ته الله جي رحمت کان وانجهيل رهنداسون ...
باقي مٺا اسانجي سڀن صوفي بزرگن هر وقت الله جي ذات کي ئي ٿي ٻاڏايو ۽ هر شئي انهيءَ کان ئي ٿي طلبي .... اچو ته اسان به سندن زباني الله کي ٻاڏائي رحمت جي دعا ڪريون ... اهو ئي آهي جو ماڳ پهچائيندو مارئي ...
آگَمَ ڪَيا اَللھَ، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
پَلَرَ جي پالُوٽَ سين، پَٽَنِ جَھلِيا پاهَ؛
واحِد وَڏائِي ڪَيا، مَٿي گَسَن گاهَ؛
سانگِيُن وَرِيا ساهَ، اُٺُنِ آبُ آگُوندِرو.
سارَنگَ! سارَ لَهيجِ، اَللھَ لَڳِ اُڃِيَنِ جِي؛
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرزان اَنَّ ڪَريجِ؛
وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.
ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پيئِيُون، وِڄُنِ ڪَيا ڌَرَمَ؛
واحِدَ وَڏائِي ڪَيا، ڪُنڍِنِ ساڻُ ڪَرَمَ؛
سَنگھارَنِ شَرمَ، رَکُ مُنھنجا سُپِرين!
حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہَ ٽَہَ مِينھَن ٽِمَنِ؛
جِنِ مَھانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ؛
پَنجَنِ مَنجھان پَندِرھَن ٿِيا، اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ؛
ڏُڪارِيا ڏيہَ منا، شالَ مُوذي سَڀُ مَرَنِ؛
وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪَيُون ڳالِھيُون ڳَنوارَنِ؛
سَيّدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنھنجِي آسِرو.
سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.