ياهووووووو ٿر وٺو آهي ...

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو، الله جي مهربانيءَ سان ٿر ۾ بارشون ٿيون آهن، چوندا آهن ته وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر، سو ٿر وٺو آهي، سنگهارن سک ٿيو آهي، ڀٽاريون وري وٿاڻ آيون آهن ۽ گل گلزاريءَ جو زمانو آهي ... اسانجا ڪئي دوست ٿر ويندا آهن ۽ وڃي سنڌ جي ان جنت جهڙي علائقي جو مزو وٺندا آهن ...

    اوهان به وڃي مزو وٺو ، گهمي اچو ۽ جي تصويرون ڪڍو ته اسان سان به ونڊ ڪجو ... بس هن سواريءَ جو مزو پڻ ضرور وٺجو ...

    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين ڏاڍي سٺي خبر آهي پر ٿر وڃڻ ۽ وري اتان جا ڦوٽو ڪڍي هتي شيئر ڪرڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي بس اڄ ڪلهه ڌنڌو ٿورو مندو آهي جي ڪرائي وغيره جو انتظام ڪيو ته هاڻي ٿا نڪرون ٿر طرف ....
    ساٿ سلامت
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بلڪل سائين ٿرين جون دعائون قبول پيون ۽ مينهن وسيو....

    [​IMG]

    هاڻي ته ٿر چمڪندو هوندو ۔۔۔۔۔ جيڪڏهن ڪو ٿر جو ساٿي هجي ته ضرور ٻڌائي ۽ تصويري منظر ضرور کڻي اچي۔۔۔۔
     
  4. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    فقير سائين ڪرائي جي ڳاله ڪڍيو ته وڏو ڀوتار ٿري ممبرڳولڻ لڳو آهي ڪمپيوتر ته پري جي ڳالھ آ اتي ته بجلي به نه آهي تصويرون ڪٿان موڪليندا
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور


    ادا عظيم صرف ڪرايو ڀاڙو خرچ ملي ٿر مان تصويرون ڪڍي اچي پنهنجي پرسنل سسٽم تان سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪندس مٺا اسان روزگار جي ڪڍ hall chari ته متان ڪٿان خرچ پاڻي نڪري :D توهان وري مٿان نئوان نئوان آبجيڪشن هڻايو shal judy hujeen اهڙا رستا ته نه ڏي اڳين کي مٺا ڇو اچي فقير جي ڪڍ پيو آهين هٿ ڌوئي hatt-pare

    shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    خئير منگتو فقيرن جا ڪم ئي اهڙا هوندا آهن ... جي چئبس وهنجڻ وڃ ته به هٿ اڳتي ڪندو ته الله جي نالي تي صابڻ ڏيو ته وهنجي اچان ...

    ۽ اصل فقير ته جوڳين سان، سامين سان، نانگن سان هلي پوندا آهن، نه کاڌي جي پرواه نه پيتي جي ... نه گهوڙي جي نه گڏهه جي سواري ... پيرن تي زور ... گوڏي گاڏيءِ کان ڀلي ڪا ٻي گاڏي نه تيل جو خرچو نه چوريءَ جو ڊپ ...

    ادي ڦلپوٽي فقير جي اڄ حقيقت ظاهر ٿي وئي ... لڳي ٿو اسانجو هي ڀاءُ طائف وارو سعودي فقير آهي جنهنجو تازو انڪشاف ٿيو ته کيس پنج وڏيون عمارتون آهن ۽ سڀ ڪرائي ته هلنس ٿيون ... ٻه مرسڊيز گاڏيون اٿس ... ٽي ڊائنا ٽڪ اٿس ۽ ڪروڙين ريال بئنڪ بيلنس اٿس، پوءِ به هو روڊن تي پنڻ جي ڪم کان نٿو مڙي ...

    اسانجي به دعا آهي ته اسانجي هن فقير دوست کي به ڪا اهڙي دولت ملي ته وڃي ٿر گهمي پر لڳي ٿو پوءِ به دوستن کان گهرندو ضرور ...

    shabashshabashshabashshabash
    khil sahi
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    سائين ڇا ڪجي ڪجهه دوستن جي صحبت ئي اهڙي ملي آهي گهرڻ واري hall chari
    مجبور آهيون گهرڻ کان مڙئي ڪا نه ٿا سگهون shal judy hujeen

    shabashshabashshabashshabashshabashshabash



    suhnan saan


    sindhsalamatsaathsal
     
  8. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    ڀيڄ قلندر ڀيڄ
    ڀيڄ ڀٽائي ڀيڄ
    ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ
     
  9. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    asul mattasul mattasul mattasul matt
    سائين نثار ابڙوصاحب توهان ئي فقيرن لاءِ مڪي پاڪ ۾ ڪا دعا گهرو باقي فقير سائين ته ڪا شي ڏيڻ بدران وٺڻ پويان آهن
    فقيرن لاءِ هڪ ڳاله مشهور آهي ته هڪ فقير واه ۾ ٻڏو پئي ڪنهن همراه چيس فقير سائين هٿ ڏي ٻاهر ڪڍين پر فقير سائين هٿ نه ڏنو ايستان ڀاءِ علي جهڙو جهونو اچي ويو چيائين ابا فقير کي چئو هٿ وٺ ورنه فقير ٻڏي ويندو پر هٿ نه ڏيندو
    پوءِ ان همراه فورا چيو فقير هٿ وٺ ته فقير سائين به فورا هٿ کي ورتو ۽ ٻاهر نڪتو
    suhnan saan
    khil sahi
    sadayeen gud
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور


    جي اصل اهڙي ڳالهه آهي ته مان عبدالوهاب کي وٺي هتان نڪران ٿو توهان جي طرف hall chari

    suhnan saan


    khil sahi


    sindhsalamatsaathsal
     
  11. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين ڀلين اچون bhali kareaya
    ڀاءُ علي علي جي پاڙيسرين اسان جا ڪلها گسائي ڇڏيا آهن hall charihall chari
    هاڻي سائين وهاب جو ڊپ لهي ويو آهي
    khil sahi
    shal judy hujeen
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا وحيد سمان صاحب، دل ۾ نه ڪندا، پر هڪ ڳالهه اوهانکي پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي حيثيت سان چوانٿو اميد ته هينئين سان هنڊائيندا ...

    ڀائڙا جيئن ته اسين مسلمان آهيون ۽ اسانکي قطئن اهڙن ڳالهين ۽ نعرن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ ٿورڙي به شرڪ جي ڪا گنجائش هجي ... مٺا ڀاءُ سڀ عبادتي گناه ته معاف ٿي ويندا پر اهو نڀاڳو شرڪ ڪڏهن معاف نه ٿيندو ... ۽ جي اسان ان ۾ ڦاٿل رهياسون ته الله جي رحمت کان وانجهيل رهنداسون ...

    باقي مٺا اسانجي سڀن صوفي بزرگن هر وقت الله جي ذات کي ئي ٿي ٻاڏايو ۽ هر شئي انهيءَ کان ئي ٿي طلبي .... اچو ته اسان به سندن زباني الله کي ٻاڏائي رحمت جي دعا ڪريون ... اهو ئي آهي جو ماڳ پهچائيندو مارئي ...


    آگَمَ ڪَيا اَللھَ، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
    پَلَرَ جي پالُوٽَ سين، پَٽَنِ جَھلِيا پاهَ؛
    واحِد وَڏائِي ڪَيا، مَٿي گَسَن گاهَ؛
    سانگِيُن وَرِيا ساهَ، اُٺُنِ آبُ آگُوندِرو.

    سارَنگَ! سارَ لَهيجِ، اَللھَ لَڳِ اُڃِيَنِ جِي؛
    پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرزان اَنَّ ڪَريجِ؛
    وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.

    ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پيئِيُون، وِڄُنِ ڪَيا ڌَرَمَ؛
    واحِدَ وَڏائِي ڪَيا، ڪُنڍِنِ ساڻُ ڪَرَمَ؛
    سَنگھارَنِ شَرمَ، رَکُ مُنھنجا سُپِرين!

    حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ؛
    وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہَ ٽَہَ مِينھَن ٽِمَنِ؛
    جِنِ مَھانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ؛
    پَنجَنِ مَنجھان پَندِرھَن ٿِيا، اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ؛
    ڏُڪارِيا ڏيہَ منا، شالَ مُوذي سَڀُ مَرَنِ؛
    وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪَيُون ڳالِھيُون ڳَنوارَنِ؛
    سَيّدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنھنجِي آسِرو.

    سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
    دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين نثار ابڙو جي فرمائش تي حاضر آهن ٿر ۾ وسڪاري ۽ ان کان پوءِ جون ڪجهه تصويري جهلڪيون....

    [​IMG]

    سنڌ جي وارياسي علائقي ٿر ۾ برساتن هزارين مرجهايل چهرن تي مرڪون وکيري ڇڏيون....

    [​IMG]

    ٿر جي ماڻهن جي گذر سفر جو وسيلو چوپايو مال ۽ پاڻي ڏنل زمين آهي.... هتي وسڪارو سيپٽمبر تائين جاري رهندو آهي....

    [​IMG]

    جيڪڏهن برسات نه پوي ته هتي ڏڪر جهڙا حالات ٿيو وڃن.... ۽ 50 سيڪڙو آبادي لڏي بيراجي علائقن جو رخ ڪندي آهي....

    [​IMG]

    1998 جي آدمشماري مطابق هتان جي آبادي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ جي هئي ... جنهن مان تقريبن 50 سيڪڙو ”بندو“ اڪليتي قوم آهي...

    [​IMG]

    ٿر ۾ سراسري طور تي 300 ملي ليٽر برسات هر سال پوندي آهي ... گذريل 18 سالن ۾ 14 دفعا ڏڪار جا سال گذريا آهن.... گذريل سال به پوري برسات نه پئي هئي .... جنهن جي ڪري ڏڪار جهڙي صورتحال هئي .... ماڻهون لڏ پلاڻ ڪري ويا هيا جيڪي برساتن جي وسڻ کان پوءِ واپس اچي رهيا آهن....

    [​IMG]

    برساتن کان پوءِ هتي ٻاجهري، گوار، تِر،۽ مڱن جي پوکائي ڪئي ويندي آهي... پهرين برساتن ۾ جڏهن اڌ فٽ زمين تائين پاڻي پهچي ويندو آهي ته ان ۾ هر هلايو ويندو آهي... ان کان پوءِ فصل تيار ٿيڻ تائين گهٽ ۾ گهٽ چار دفعا برسات پوڻ لاءِ دعائون گهريون وينديون آهن.....

    [​IMG]

    ٿر به گلوبل وارمنگ جو شڪار آهي .... هتي 45 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي ٿيندي آهي... جيڪا ڪجهه سال اڳ تائين 35 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ ٿيندي هئي .... سراسري طور تي هر ٻئي سال هتي ڏڪار ٿيندو آهي....

    [​IMG]

    اڪثر علائقن ۾ پيڻ جي پاڻي جو وسيلو کوهه ٿيندا آهن جيڪي گهٽ ۾ گهٽ 300 فٽ اونها ٿيندا آهن جن ۾ اڪثر پاڻي لوڻاٺو يا کارو ٿيندو آهي... يونيسيف جي هڪ اندازي مطابق هتي لوڻ جي مقدار ٽي هزار کان ڇهه هزار پي پي ايم آهي .... صحت واري عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته 1500 پي پي ايم کان وڌيڪ پاڻي ۾ لوڻاهٽ صحت جي لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي...

    [​IMG]

    برساتن جو پاڻي وڏين وڏين ڀٽن تان هيٺ لهي قدرتي تلائن ۾ گڏ ٿيندو آهي .... جنهن کي ترائي چوندا آهن... هتان نه صرف پاڻي پيئڻ لاءِ پر چوپائي لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي....
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا رشيد!

    اوهان هن ٿر واري ڌاڳي کي پنهنجي ليک سان ڄڻ ته مڪمل ڪري ڇڏيو آهي ...

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...
     
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ياهووووووو ٿر وٺو آهي ...

    آگم ڪيا الله، لڳهه پسُ! لطيف چئي،
    پلـر جي پالوٽ سين، پٽن جهليا پــــــــاه،
    واحــــد وڏائي ڪيا، مٿي گسن گـــــــاه،
    سانگين وريا ســــــاه، اُٺو آب اگـــــــوندرو۔
     
  16. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: ياهووووووو ٿر وٺو آهي ...

    واه فقير واهه نه ئي توهان کي عبدالوهاب ملندو نه ئي توهان اُتي پهچندا۔۔۔۔۔

    باقي ٿر جي وسڪاري جي ڳالهه ته ڪالهه ۽‌ اڄ ممبئي به خطرناڪ بارش آهي۔ پر هاڻي هتي ان بارش جي عادت پئجي وئي آهي۔ بس ابا مونکي منظور سخيراڻي جو هڪ ڪلام ٿو ياد اچي ته هن موسم م گڏ يار هجي۔ ۽ بوندون وسن ۽ بهار هجي۔نيٽ‌ تي گهڻوئي گوگلنگ ڪئي پر اهو گانو ڪونه هٿ ٿيو بس مڙئي الائي ڪهڙي آصف صاحب جو هي گانو هٿ لڳو آهي مڙئي نون سازن جي ذريعي گاني کي گهُمايو اٿس۔۔۔۔۔۔
    http://www.youtube.com/watch?v=KShgTpIAJH8
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ياهووووووو ٿر وٺو آهي ...

    ادا ٿر ۾ ٻيهر وسڪاري جي تمام دوستن کي مبارڪ هجي۔۔
     
  18. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ياهووووووو ٿر وٺو آهي ...

    مهرباني ادا ٿر اسان کان تمام پري آهي
     
  19. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ياهووووووو ٿر وٺو آهي ...

    جي ادا بلڪل اها حقيقت آهي.
     
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ياهووووووو ٿر وٺو آهي ...

    دوستو! جڏهن ٿر وسندو آهي ته مونکي الائجي ڇو انتها جي خوشي ٿيندي آهي، جڏهن ته مون نه ته ڪڏهن ٿر ۾ بارش جي موسم ڏٺي آهي ۽ نه ڪڏهن ٿر ۾ بارش جي وقت سنگهارن جي چهري تي ّخوشيءَ جا آثار ڏٺا آهن ۔۔۔

    ها بس مونکي سنڌ جي سڄڻ لطيف سائينءَ جو چيل سر سارنگ ياد اچي ويندو آهي، جنهن ۾ اهڙي ته منظر ڪشي ڪيل آهي جو هوند ماڻهون اکيون بند ڪري ٿر گهمي سگهي ٿو ۔۔۔ اهڙا ته لفظ استعمال ٿيل آهن، اهڙا ته خيال پيش ٿيل آهن، جو ماڻهون موهجيو وڃي ۔۔۔

    الله اڪبر ! سر سارنگ پڙهي ۽ ٻڌي دل کي قابو رکڻ، ڄڻ ته پاڻ سان جهيڙو ڪرڻ آهي۔

    دوستو! ڇا خيال آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو