• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ياهووووووو ٿر وٺو آهي ...

جواب: ياهووووووو ٿر وٺو آهي ...

ادا وڏا توهان جي ڳالهه بلڪل بروبر آهي۔۔۔ هوئنن به پنهنجي سنڌ سڳوري ۾‌برسات پوي ڪٿي۔۔۔۔ خاص ڪري ٿر جي پاسي ڏي۔۔۔۔ ريڊيو خيرپور تي هڪ پروڊيوسر هو سائين اڪبر علي شاهه۔۔۔۔ هن ڪافي سال مٺي ريڊيو اسٽيشن تي ڊيوٽي ڪئي جڏهن اتان واپس هن جو ٽرانسفر خيرپور ۾‌ ٿيو ته مون هڪ ڊرامي جي رڪارڊنگ جي دوران کائنس پڇيو ته سائين مٺي جي مشهور شي ڪهڙي آهي۔۔۔۔ هن حاضر دماغي ۾‌جواب ڏنو۔۔۔۔۔ ٿر جي مڇي۔۔۔۔۔۔ مونکي تنهن وقت ته ڳالهه سمجهه ۾‌ڪونه آئي پر جڏهن ڪافي وقت گذريو ته مان پڇيومان ته سائين ٿر ۾‌ته پاڻي ئي ڪونهي مڇي وري ڪٿان آهي۔۔۔۔۔۔ تنهن تي اڪبر شاهه چيو تڏهن ته توکي ٿر جي مڇي چئي مٺا۔۔۔۔۔۔

باقي ادا وڏا!‌مون به ٻڌو آهي ته ٿر ۾‌برسات جي مند ۾‌ ڄڻ‌جنت جهڙو مزو هوندو آهي، جڏهن رات جو کنوڻ‌ آسمان ۾‌ليڪون ڪڍي چمڪاٽ‌ڪندي آهي ته اصلي واهه واهه ٿي ويندي آهي۔۔۔۔؟؟ آهي ڪو پاڻ‌۾‌اهڙو دوست جنهن ٿر جي انهن نظارن جا مزا ماڻيا هجن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ياهووووووو ٿر وٺو آهي ...

دوستو لطيف سرڪار، عشق الاهيءَ ۾ ڪيترو گم هو ۽ عشق حقيقي ۾ ورتل انسانن جي حالت ڇا هوندي آهي، سا سر سارنگ ۾ ڪجهه هينئن ڪئي اٿس؛

وســــڻ اکـڙين جئن، جي هوند سکئين، مينهن!
ته هوند راتو ڏينهن، بس بوندينئون نه ڪرين۔
 
Back
Top