روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون اربع تي سيمي فائنل ۾ آمهون سامهون ٿينديون

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جون ڪرڪيٽ ٽيمون اربع 30 مارچ تي موهالي ۾ سيمي فائنل ۾ آمهون سامهون ٿينديون، پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ هن وقت تائين 119 ون ڊي ميچون ٿي چڪيون آهن، جن مان پاڪستان 69 ۽ ڀارت 46 کٽيون آهن، 4 ميچن جو نتيجو نه نڪتو آهي، ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جو ڀارت خلاف رڪارڊ بهتر نه رهيو آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اڄ تائين ورلڊ ڪپ ۾ 4 مقابلا ٿيا آهن جيڪي ڀارت کٽيا آهن، ڀارتي ٽيم جي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني چيو آهي ته پاڪستان خلاف سيمي فائنل ۾ تمام گهڻو پريشر هوندو، پر اسان تي گهڻو فرق نه پوندو،هوڏانهن پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته جنهن جذبي سان کيڏي رهيا آهيون جيڪڏهن ڪاميابين جو تسلسل برقرار رکنداسين ته سيمي فائنل به کٽي وينداسين، هن چيو ته آئون پاڪستان لاءِ ورلڊ ڪپ کٽڻ چاهيان ٿو. واضح رهي ته پاڪستاني جي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيس جي ڪرڪيٽ ٽيم کي پهرين ڪوارٽر فائينل ۾ 10 وڪيٽن شڪست ڏئي سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي جڏهن ته شريڪ ميزبان ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم دفاعي چيمپيئن آسٽريليا جي ٽيم کي شڪست ڏئي سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي. ڪالهه آسٽريليا خلاف ميچ کٽڻ بعد ڀارتي ٽيم جي ڪپتان مهيندرا سنگهه ڌوني چيو آهي ته سندس ٽيم پاڪستان خلاف سيمي فائينل کيڏڻ لاءِ تيار آهي. هن اهو به چيو ته پاڪستاني ٽيم ٽف آهي ان ڪري سخت مقابلو ٿيندو.

    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو