ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ناڪ آئوٽ جي پريشر مان ڪونه نڪتي، نيوزيلينڊ هٿان ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]ڏکڻ آفريڪا جنهن لاء اهو مشهور آهي ته هوء ناڪ آئوٽ ميچن جي پريشر مان نه ٿي نڪري سگهي اڄ ٻيهر صحيح ثابت ٿيو۔ نيوزيليند 1992 جي ورلڊ ڪپ کان وٺي ٽي سيمي فائنل ۽ ٻه ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست کائي چڪي آهي۔

    اڄ ڍاڪا ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ 2011 جي ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ گروپ اَي ۾ چوٿون نمبر رهندڙ نيوزيلينڊ جي ٽيم گروپ بِي جي ٽاپ ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي 49 رنسن تان شڪست ڏئي ، سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي۔

    نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڊينيل وٽوري ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ جو فيصلو ڪيو پر سندس شروعاتي ٻه رانديگر صرف 16 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا۔ تنهن کانپوء جيسي رائيڊر ۽ روس ٽيلر 114 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي ورتي۔ روس ٽيلر 43 رنسون ۽ رائيڊر 83 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ نيوزيلينڊ مقرر 50 اوورن ۾ 221 رنسون ٺاهيون ۽ سندس 8 رانديگر آئوٽ ٿيا۔ وليمسن 38 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو۔ مورڪل ٽي جڏهن ته عمران طاهر ۽ ڊيل اسٽين ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون۔

    222 رنسن جي تعاقب ۾ ڏکڻ آفريڪا هاشم آمله جي وڪيٽ 8 جي اسڪور تي وڃائي ۽ 69 رنسن تي ڪپتان سمٿ به ڍرو شاٽ کيڏي آئوٽ ٿيو۔ ڪيلس ۽ ڊويليئر اسڪور کي 24 اوورن ۾ 108 رنسن تائين پهچايو پر ڪيلس جو اورم بائونڊري لائن تي شاندار ڪيچ ورتو هن 47 رنسون ٺاهيون۔ اتان کان ڏکڻ آفريڪا جي بئٽسمينن پريشر ۾ اچي وڪيٽون وڃائڻ شروع ڪيون ۽ پوري ٽيم 44 هين اوور ۾ 172 رنسن تي ڍير ٿي وئي۔ نيوزيلينڊ جي رانديگرن تمام بهترين فيلڊنگ ۽ بالنگ ڪئي ۔ جيڪب اورم 4 ۽ ميڪلم 3 وڪيٽون ورتيون۔[/JUSTIFY]

    اڄوڪي ميچ جو هيرو رهيو جيڪب اورم جنهن چار وڪيٽون ورتيون ۽ ٻه ڪيچ به ورتا

    [​IMG]

     
  2. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    آفريڪا سان ويڌن

    اڄ هڪ ٻيو اپسيٽ نيو زيلينڊ هٿان آفريڪا کي شڪست 42 رنسن تان جنهن آفريڪا کي وطن جي ٽڪيٽ وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ساندار راند جو مظاهرو ڪيوي رانديگرن جي طرفان. آفريڪا کي 172 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو.
     
  3. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ناڪ آئوٽ جي پريشر مان ڪونه نڪتي، نيوزيلينڊ هٿان ڪوارٽر فائنل

    واه ادا واه ٿي ته ڏاڍي آفريڪن سان باقي مزو ٿيندو هاڻي
     
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: آفريڪا سان ويڌن

    ادا آفريڪا کي 49 رنسن تان مات ملي آهي۔
    ٻيوته ادا اها ٽيم گروپ ميچ ۾ به 171 رنسون انگلينڊ خلاف نه ٺاهي سگهي هئي۔
    اڄ واري ميچ ۾ مونکي ته ويڌن نظر نه لڳو، بلڪه توقع پهريان هئي۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ناڪ آئوٽ جي پريشر مان ڪونه نڪتي، نيوزيلينڊ هٿان ڪوارٽر فائنل

    ورلڊ ڪپ جي شروعات ۾ اپ سيٽ جو ڪافي انتظار رهيو ۔۔۔۔ ڪجهه نظارا ڏسڻ ۾ به آيا پر 2007 وانگر ڪا وڏي ٽيم ننڍي ٽيمن جي ڪري ورلڊ ڪپ مان آئوٽ نه ٿي سگهي۔۔۔۔
    پر ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ هلڪي حيرت سان ڪالهه انڊيا ۽ اڄ وڏي حيرت ۾ وجهندڙ رهي نيوزلينڊ جن پنهنجي شاندار راند ڪندي ڪرڪيٽ جي رينڪنگس ۾ پهرين ۽ ٻئي نمبر جي چوٽي جي ٽيمن کي سيمي فائينل کان اڳ ئي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو۔۔۔۔۔۔۔ جنهن کان پوءِ پٺتي رهندڙ ٽيمن مان ڪا به ٽيم ورلڊ ڪپ کٽي سگهي ٿي واري صورتحال بڻجي چڪي آهي ۔۔۔ جنهن ڪري جتي ڪرڪيٽ جا شوقين ورلڊ ڪپ ۾ وڌيڪ لطف وٺي رهيا آهن اتي جواري مٿي تي هٿ رکيو ويٺا آهن۔۔۔ جو کين سمجهه ئي نه ٿو اچي ته آخر مقابلي ۾ ڪهڙي ٽيم گوءِ کٽندي۔۔۔
    هن ورلڊ ڪپ جي دلچسپين انهن ماڻهن جي سوچن کي به لوڏي وڌو آهي جيڪي ٽيسٽ کان پوءِ ون ڊي ميچ جا مخالف ٿي بيٺا هئا ۔۔۔۔ انهن جي خيال موجب بس ٽي ٽونٽي ئي راند مزيدار آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو