ڏکڻ آفريڪا جنهن لاء اهو مشهور آهي ته هوء ناڪ آئوٽ ميچن جي پريشر مان نه ٿي نڪري سگهي اڄ ٻيهر صحيح ثابت ٿيو۔ نيوزيليند 1992 جي ورلڊ ڪپ کان وٺي ٽي سيمي فائنل ۽ ٻه ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست کائي چڪي آهي۔
اڄ ڍاڪا ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ 2011 جي ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ گروپ اَي ۾ چوٿون نمبر رهندڙ نيوزيلينڊ جي ٽيم گروپ بِي جي ٽاپ ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي 49 رنسن تان شڪست ڏئي ، سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي۔
نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڊينيل وٽوري ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ جو فيصلو ڪيو پر سندس شروعاتي ٻه رانديگر صرف 16 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا۔ تنهن کانپوء جيسي رائيڊر ۽ روس ٽيلر 114 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي ورتي۔ روس ٽيلر 43 رنسون ۽ رائيڊر 83 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ نيوزيلينڊ مقرر 50 اوورن ۾ 221 رنسون ٺاهيون ۽ سندس 8 رانديگر آئوٽ ٿيا۔ وليمسن 38 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو۔ مورڪل ٽي جڏهن ته عمران طاهر ۽ ڊيل اسٽين ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون۔
222 رنسن جي تعاقب ۾ ڏکڻ آفريڪا هاشم آمله جي وڪيٽ 8 جي اسڪور تي وڃائي ۽ 69 رنسن تي ڪپتان سمٿ به ڍرو شاٽ کيڏي آئوٽ ٿيو۔ ڪيلس ۽ ڊويليئر اسڪور کي 24 اوورن ۾ 108 رنسن تائين پهچايو پر ڪيلس جو اورم بائونڊري لائن تي شاندار ڪيچ ورتو هن 47 رنسون ٺاهيون۔ اتان کان ڏکڻ آفريڪا جي بئٽسمينن پريشر ۾ اچي وڪيٽون وڃائڻ شروع ڪيون ۽ پوري ٽيم 44 هين اوور ۾ 172 رنسن تي ڍير ٿي وئي۔ نيوزيلينڊ جي رانديگرن تمام بهترين فيلڊنگ ۽ بالنگ ڪئي ۔ جيڪب اورم 4 ۽ ميڪلم 3 وڪيٽون ورتيون۔

اڄوڪي ميچ جو هيرو رهيو جيڪب اورم جنهن چار وڪيٽون ورتيون ۽ ٻه ڪيچ به ورتا