ابو واصف
سينيئر رڪن
دوستؤ! اسان سنڌي ماڻهن سان اڪثر ائين ٿيندو رهندو آهي جو ڪمپيوٽر آئي ڏينهن خراب ٿيو پيو هوندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انسٽال ٿيل ونڊوز ۽ ٻيا قيمتي پروگرام ختم ٿي ويندا آهن. جڏهن ٻيهر ونڊوز انسٽال ڪجي ۽ وري ساڳيا پروگرام ٻيهر انسٽال ڪجن، پر ڪجهه وقت کان پوءِ وري ساڳيو مسئلو ڪَرُ کڻي بيهندو آهي. انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ اڄ هن حقير طرفان اوهان کي ”گهوسٽ“ جو طريقيڪار سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، ته جيئن انهيءَ طريقي کي اپنائي ٿوري وقت ۾ اوهان نه صرف پنهنجي ونڊوز کي، پر ان ۾ انسٽال ٿيل قيمتي پروگرامن کي آسانيءَ سان انسٽال ڪري سگهو ٿا.
سڀ کان پهرين اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ فريش ونڊوز انسٽال ڪريو ۽ ڪو موچارو اينٽي وائرس انسٽال ڪريو، ان کان پوءِ پنهنجا پسنديده پروگرام انسٽال ڪريو. ان کان پوءِ اوهان پنهنجي ڊرائيو ۾ هن لنڪ تان گهوسٽ ڪاپي ڪري رکو.
سڀ کان پهريائين اوهان ڪابه ’ڊاس بوٽ ايبل سي ڊي‘ سي ڊي رام ۾ لڳايو ۽ ان کي سي.ڊي رام تان بوٽ ڪرايو. جڏهن اوهان جو ڪمپيوٽر سي ڊيءَ تان بوٽ ٿي وڃي ته پوءِ اوهان جنهن ڊرائيو ۾ ’گهوسٽ‘ جو سافٽ ويئر ڪاپي ڪري رکيو آهي، اهو اپلاءِ ڪرايو. ۽ ڊاس جون ڪمانڊون ڏئي ’گهوسٽ‘ کي رن ڪرايو. اوهان جو گهوسٽ جو سافٽ ويئر کُلڻ کان پوءِ ان جي ’ويلڪم اسڪرين‘ ايندي، جنهن کي اوهان OK ڪريو، جنهن کان پوءِ اوهان وٽ ٻي اسڪرين هاڻي. هاڻي اوهان ڪي بورڊ جي ’ايروز‘ مان ’اَپ ايرو‘ جي ذريعي Local جي مينيو ۾ ايندا، جنهن جا ڪجهه ’سب مينيو‘ ظاهر ٿيندا. ان کان پوءِ اوهان Partition کي جي ’سب مينيو‘ ۾ وڃي ‘To Image’ جي مينيو کي سليڪٽ ڪندا. (وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو)
[/CENTER][/IMG]
ان کان پوءِ اوهان جي ڪمپيوٽر جون ڊرائيوز اوهان جي سامهون ظاهر ٿينديون، ان مان اوهان جي جنهن ڊرائيو ۾ ’ونڊوز‘ انسٽال ٿيل هجي، ان کي “Enter” جي ذريعي سليڪٽ ڪري OK ڪندا. (اسڪرين شاٽ ڏسو)
[/CENTER][/IMG]
هن پروسيس کان پوءِ اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر جو ’اميج‘ Save اُن ڊرائيو ۾ سيو ڪندا، جتي اوهان ’گهوسٽ‘ جو سافٽ ويئر ڪاپي ڪري رکيو آهي. اهو ’اميج‘ ئي آهي، جيڪو اوهان جي سموري ونڊوز ۽ ٻين سافٽويئرز کي Compress ڪري ٿو.
’اميج‘ کي Save ڪرڻ جا ٽي ليول آهن، جن مان مناسب ترين ليول FAST جو آهي، ڇاڪاڻ ته HIGH کي سليڪٽ ڪرڻ سان ڪڏهن ڪڏهن ’گهوسٽ‘ جو اميج ڪرپٽ ٿي ويندو آهي، ۽ اهو صحيح طور ڪم نه ڪندو آهي، انهيءَ ڪري FAST ئي سليڪٽ ڪري OK ڪندا.
[/CENTER][/IMG]
ٿوري دير جي پروسيس کان پوءِ جڏهن ’اميج‘ مڪمل ٺهي ويندو، ته اوهان Continue کي سليڪٽ ڪري، پنهنجي ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪندا. بس اوهان جي گهوسٽ جو اميج تيار آهي،
اهوته هو ’گهوسٽ‘ جو ’اميج‘ ٺاهڻ جو طريقو. هاڻي جڏهن به اوهان جو ڪمپيوٽر سُست ٿي وڃي، يا اوهان سمجهو ته ان ۾ خطرناڪ قسم جا وائرس آيل آهن ته ونڊوز انسٽال ڪرڻ بدران گهوسٽ کي اپلاءِ ڪريو.
اميج کي هلائڻ جو طريقيڪار پڻ ساڳيو آهي، يعني پهرين ڊاس بوٽ ايبل سي.ڊي هجي، جنهن کان پوءِ اوهان ڪمانڊون ڏئي، گهوسٽ جو سافٽ ويئر کوليندا. Local جي مينيو ۾ اچي، Partition ۾ وڃي ‘From Image’ کي سليڪٽ ڪندا. (وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو)
[/IMG]
هاڻي اوهان اڳ ۾ جيڪو اميج SAVE ڪيو هو، ان کي لوڪيٽ ڪرائي OPEN ڪريو. اوهان کان پڇيو ويندو ته ڪهڙي پارٽيشن ۾ ونڊوز جو اميج اپلاءِ ڪريان؟ اوهان جي جنهن ڊرائيو ۾ ونڊوز انسٽال ٿيل هجي، ان کي سليڪٽ ڪري OK ڪريو.
[/IMG]
ان کان پوءِ اوهان کان پنهنجوعمل ورجائڻ جو پڇيو ويندو، جنهن کي اوهان YES ڪندا.
[/CENTER][/IMG]
ڪجهه دير جي پروسيس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪرايو ۽ بوٽ ايبل سي ڊي پڻ ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هاڻي اوهان جو ڪمپيوٽر نئين سر پنهنجي اڳوڻي فريش ڪنڊيشن ۾ هوندو.
سڀ کان پهرين اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ فريش ونڊوز انسٽال ڪريو ۽ ڪو موچارو اينٽي وائرس انسٽال ڪريو، ان کان پوءِ پنهنجا پسنديده پروگرام انسٽال ڪريو. ان کان پوءِ اوهان پنهنجي ڊرائيو ۾ هن لنڪ تان گهوسٽ ڪاپي ڪري رکو.
گهوسٽ جي ’اميج‘ ٺاهڻ جو طريقو
سڀ کان پهريائين اوهان ڪابه ’ڊاس بوٽ ايبل سي ڊي‘ سي ڊي رام ۾ لڳايو ۽ ان کي سي.ڊي رام تان بوٽ ڪرايو. جڏهن اوهان جو ڪمپيوٽر سي ڊيءَ تان بوٽ ٿي وڃي ته پوءِ اوهان جنهن ڊرائيو ۾ ’گهوسٽ‘ جو سافٽ ويئر ڪاپي ڪري رکيو آهي، اهو اپلاءِ ڪرايو. ۽ ڊاس جون ڪمانڊون ڏئي ’گهوسٽ‘ کي رن ڪرايو. اوهان جو گهوسٽ جو سافٽ ويئر کُلڻ کان پوءِ ان جي ’ويلڪم اسڪرين‘ ايندي، جنهن کي اوهان OK ڪريو، جنهن کان پوءِ اوهان وٽ ٻي اسڪرين هاڻي. هاڻي اوهان ڪي بورڊ جي ’ايروز‘ مان ’اَپ ايرو‘ جي ذريعي Local جي مينيو ۾ ايندا، جنهن جا ڪجهه ’سب مينيو‘ ظاهر ٿيندا. ان کان پوءِ اوهان Partition کي جي ’سب مينيو‘ ۾ وڃي ‘To Image’ جي مينيو کي سليڪٽ ڪندا. (وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو)
ان کان پوءِ اوهان جي ڪمپيوٽر جون ڊرائيوز اوهان جي سامهون ظاهر ٿينديون، ان مان اوهان جي جنهن ڊرائيو ۾ ’ونڊوز‘ انسٽال ٿيل هجي، ان کي “Enter” جي ذريعي سليڪٽ ڪري OK ڪندا. (اسڪرين شاٽ ڏسو)
هن پروسيس کان پوءِ اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر جو ’اميج‘ Save اُن ڊرائيو ۾ سيو ڪندا، جتي اوهان ’گهوسٽ‘ جو سافٽ ويئر ڪاپي ڪري رکيو آهي. اهو ’اميج‘ ئي آهي، جيڪو اوهان جي سموري ونڊوز ۽ ٻين سافٽويئرز کي Compress ڪري ٿو.
ڌيان طلب ڳالهه
هڪ ڳالهه انتهائي ضروري آهي، ته جنهن ڊرائيو ۾ اوهان ’گهوسٽ‘ جو سافٽ ويئر ڪاپي ڪريو، اها FAT تي فارميٽ ٿيل هجي، ڇاڪاڻ ته NTFS جي ڊرائيو DOS ۾ ظاهر نه ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن اوهان کي ’گهوسٽ‘ جو ’اميج‘ ٺاهڻو آهي، ته اهو پارٽيشن لازمي طور تي FAT تي هئڻ گهرجي. ’اميج‘ کي Save ڪرڻ جا ٽي ليول آهن، جن مان مناسب ترين ليول FAST جو آهي، ڇاڪاڻ ته HIGH کي سليڪٽ ڪرڻ سان ڪڏهن ڪڏهن ’گهوسٽ‘ جو اميج ڪرپٽ ٿي ويندو آهي، ۽ اهو صحيح طور ڪم نه ڪندو آهي، انهيءَ ڪري FAST ئي سليڪٽ ڪري OK ڪندا.
ٿوري دير جي پروسيس کان پوءِ جڏهن ’اميج‘ مڪمل ٺهي ويندو، ته اوهان Continue کي سليڪٽ ڪري، پنهنجي ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪندا. بس اوهان جي گهوسٽ جو اميج تيار آهي،
اهوته هو ’گهوسٽ‘ جو ’اميج‘ ٺاهڻ جو طريقو. هاڻي جڏهن به اوهان جو ڪمپيوٽر سُست ٿي وڃي، يا اوهان سمجهو ته ان ۾ خطرناڪ قسم جا وائرس آيل آهن ته ونڊوز انسٽال ڪرڻ بدران گهوسٽ کي اپلاءِ ڪريو.
گهوسٽ جو ’اميج‘ هلائڻ جو طريقو