‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن

'سافٽويئر' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2011۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    دوستؤ! اسان سنڌي ماڻهن سان اڪثر ائين ٿيندو رهندو آهي جو ڪمپيوٽر آئي ڏينهن خراب ٿيو پيو هوندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انسٽال ٿيل ونڊوز ۽ ٻيا قيمتي پروگرام ختم ٿي ويندا آهن. جڏهن ٻيهر ونڊوز انسٽال ڪجي ۽ وري ساڳيا پروگرام ٻيهر انسٽال ڪجن، پر ڪجهه وقت کان پوءِ وري ساڳيو مسئلو ڪَرُ کڻي بيهندو آهي. انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ اڄ هن حقير طرفان اوهان کي ”گهوسٽ“ جو طريقيڪار سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، ته جيئن انهيءَ طريقي کي اپنائي ٿوري وقت ۾ اوهان نه صرف پنهنجي ونڊوز کي، پر ان ۾ انسٽال ٿيل قيمتي پروگرامن کي آسانيءَ سان انسٽال ڪري سگهو ٿا.

    سڀ کان پهرين اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ فريش ونڊوز انسٽال ڪريو ۽ ڪو موچارو اينٽي وائرس انسٽال ڪريو، ان کان پوءِ پنهنجا پسنديده پروگرام انسٽال ڪريو. ان کان پوءِ اوهان پنهنجي ڊرائيو ۾ هن لنڪ تان گهوسٽ ڪاپي ڪري رکو.

    گهوسٽ جي ’اميج‘ ٺاهڻ جو طريقو

    سڀ کان پهريائين اوهان ڪابه ’ڊاس بوٽ ايبل سي ڊي‘ سي ڊي رام ۾ لڳايو ۽ ان کي سي.ڊي رام تان بوٽ ڪرايو. جڏهن اوهان جو ڪمپيوٽر سي ڊيءَ تان بوٽ ٿي وڃي ته پوءِ اوهان جنهن ڊرائيو ۾ ’گهوسٽ‘ جو سافٽ ويئر ڪاپي ڪري رکيو آهي، اهو اپلاءِ ڪرايو. ۽ ڊاس جون ڪمانڊون ڏئي ’گهوسٽ‘ کي رن ڪرايو. اوهان جو گهوسٽ جو سافٽ ويئر کُلڻ کان پوءِ ان جي ’ويلڪم اسڪرين‘ ايندي، جنهن کي اوهان OK ڪريو، جنهن کان پوءِ اوهان وٽ ٻي اسڪرين هاڻي. هاڻي اوهان ڪي بورڊ جي ’ايروز‘ مان ’اَپ ايرو‘ جي ذريعي Local جي مينيو ۾ ايندا، جنهن جا ڪجهه ’سب مينيو‘ ظاهر ٿيندا. ان کان پوءِ اوهان Partition کي جي ’سب مينيو‘ ۾ وڃي ‘To Image’ جي مينيو کي سليڪٽ ڪندا. (وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو)

    [​IMG][/CENTER][/IMG]

    ان کان پوءِ اوهان جي ڪمپيوٽر جون ڊرائيوز اوهان جي سامهون ظاهر ٿينديون، ان مان اوهان جي جنهن ڊرائيو ۾ ’ونڊوز‘ انسٽال ٿيل هجي، ان کي “Enter” جي ذريعي سليڪٽ ڪري OK ڪندا. (اسڪرين شاٽ ڏسو)

    [​IMG][/CENTER][/IMG]

    هن پروسيس کان پوءِ اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر جو ’اميج‘ Save اُن ڊرائيو ۾ سيو ڪندا، جتي اوهان ’گهوسٽ‘ جو سافٽ ويئر ڪاپي ڪري رکيو آهي. اهو ’اميج‘ ئي آهي، جيڪو اوهان جي سموري ونڊوز ۽ ٻين سافٽويئرز کي Compress ڪري ٿو.

    ڌيان طلب ڳالهه
    هڪ ڳالهه انتهائي ضروري آهي، ته جنهن ڊرائيو ۾ اوهان ’گهوسٽ‘ جو سافٽ ويئر ڪاپي ڪريو، اها FAT تي فارميٽ ٿيل هجي، ڇاڪاڻ ته NTFS جي ڊرائيو DOS ۾ ظاهر نه ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن اوهان کي ’گهوسٽ‘ جو ’اميج‘ ٺاهڻو آهي، ته اهو پارٽيشن لازمي طور تي FAT تي هئڻ گهرجي.

    ’اميج‘ کي Save ڪرڻ جا ٽي ليول آهن، جن مان مناسب ترين ليول FAST جو آهي، ڇاڪاڻ ته HIGH کي سليڪٽ ڪرڻ سان ڪڏهن ڪڏهن ’گهوسٽ‘ جو اميج ڪرپٽ ٿي ويندو آهي، ۽ اهو صحيح طور ڪم نه ڪندو آهي، انهيءَ ڪري FAST ئي سليڪٽ ڪري OK ڪندا.

    [​IMG][/CENTER][/IMG]

    ٿوري دير جي پروسيس کان پوءِ جڏهن ’اميج‘ مڪمل ٺهي ويندو، ته اوهان Continue کي سليڪٽ ڪري، پنهنجي ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪندا. بس اوهان جي گهوسٽ جو اميج تيار آهي،

    اهوته هو ’گهوسٽ‘ جو ’اميج‘ ٺاهڻ جو طريقو. هاڻي جڏهن به اوهان جو ڪمپيوٽر سُست ٿي وڃي، يا اوهان سمجهو ته ان ۾ خطرناڪ قسم جا وائرس آيل آهن ته ونڊوز انسٽال ڪرڻ بدران گهوسٽ کي اپلاءِ ڪريو.

    گهوسٽ جو ’اميج‘ هلائڻ جو طريقو

    اميج کي هلائڻ جو طريقيڪار پڻ ساڳيو آهي، يعني پهرين ڊاس بوٽ ايبل سي.ڊي هجي، جنهن کان پوءِ اوهان ڪمانڊون ڏئي، گهوسٽ جو سافٽ ويئر کوليندا. Local جي مينيو ۾ اچي، Partition ۾ وڃي ‘From Image’ کي سليڪٽ ڪندا. (وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو)

    [​IMG][/IMG]

    هاڻي اوهان اڳ ۾ جيڪو اميج SAVE ڪيو هو، ان کي لوڪيٽ ڪرائي OPEN ڪريو. اوهان کان پڇيو ويندو ته ڪهڙي پارٽيشن ۾ ونڊوز جو اميج اپلاءِ ڪريان؟ اوهان جي جنهن ڊرائيو ۾ ونڊوز انسٽال ٿيل هجي، ان کي سليڪٽ ڪري OK ڪريو.

    [​IMG][/IMG]​

    ان کان پوءِ اوهان کان پنهنجوعمل ورجائڻ جو پڇيو ويندو، جنهن کي اوهان YES ڪندا.

    [​IMG][/CENTER][/IMG]

    ڪجهه دير جي پروسيس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪرايو ۽ بوٽ ايبل سي ڊي پڻ ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هاڻي اوهان جو ڪمپيوٽر نئين سر پنهنجي اڳوڻي فريش ڪنڊيشن ۾ هوندو.
     
  2. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن

    جزاڪ الله، بهترين سمجهاڻي آهي...

    تصويرون جيتوڻيڪ سنئون سڌو ظاهر نه ٿيون ٿين، پر انهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان هر شي واضح ٿي وڃي ٿي.

    آئون هميشه High تي ئي رکندو آهيان، الحمدلله هيستائين ڪو مسئلو يا ايرر ناهي آيو.
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن

    ماشاالله تمام بهترين سمجهاڻي آهي

    ادا مان توهان سان متفق آهيان ته هر روز نئون وائرس ٿو اچي ڪمپيوٽر کي لڳي ان ڪري گهوسٽ اميج ٺاهڻ

    ته مون جهڙي فقير ماڻهو لا۽ ضروري آهي مان پاڻ گهوسٽ اميج کي استعمال ڪندو آهيان تقريبان 4 سال ٿيا آهن ته ان سهولت مان پيو ٿو فائدو حاصل ڪريان پر افسوس صرف ان ڳالهه جو آهي ته اين ٽي ايف ايس فائيل

    سسٽم ۾‌ڪم نه پيو ڪري ان جو ڪو حل هجي ته واه واه ٿئي وڃي

    ادا هڪ ڳالهه اها ته توهان جون ڏنل تصويرون اصل ڊيليٽ ٿيل جي ڊائريڪشن پئي ملي

    ۽ ادا ٻيو ته گهوسٽ سافٽ وئير ڪٿي آهي ؟ ان جي لنڪ به ته ڏيو سنگت کي ته جيئن ان کي آرام سان

    ڊائونلوڊ ڪري وٺن

    لاجواب ڪوشش آهي ادا توهان جي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن

    سائين تصويرون مون وٽ‌ به ظاهر ڪونه پيون ٿين باقي سائين جن کان گهوسٽ جي لنڪ وسري وئي آهي ته فقير سائين توهان ئي کڻي لنڪ ڏيو مڙئي سنگت جو ڀلو ٿئي مدد اوهان ڪيو يا ڪو ٻيو مون وٽ گهوسٽ جو فائيل آهي ليڪن هن وقت بجلي وڃڻ واري آهي وري ٻي ساعت ۾ ياد آيو ته مان ئي ان جي لنڪ ڏئي ڇڏيندس۔ سائين ابو واصف جن جي مهرباني جن هيتري تفصيل سان هي پروگرام اسان کي سمجهايو الله تعالى‌سندن علم ۾ مزيد اضافو فرمائي ۔
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن

    بهترين سمجهاڻي آهي..
     
  6. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    “گهوسٽ” سافٽ ويئر

    دوستؤ! ڪجهه ڏينهن اڳ مون ”گهوسٽ“ جو اميج ٺاهڻ بابت 1 پوسٽ موڪلي هئي، جنهن ۾ اميج ٺاهڻ ۽ اپلاءِ ڪرڻ بابت ٻُڌايو هوم، پر ان ۾ گهوسٽ جو سافٽ ويئر جو لنڪ ڏيڻ رهجي ويو هو. گهوسٽ جو پروگرام هيٺئين لنڪ تان ڊائون لوڊ ڪريو.

    http://www.4shared.com/file/YXOiMJuX/Ghost.html
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن

    تمام بهترين سمجهاڻي آهي ۔۔ ادا تصويرون ظاهر نه پيون ٿين، اهي شايد ڊليٽ ٿي چڪيون آهن اوهان انهن کي فائل ڊين ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪري سنئون سڌو لنڪ ڏيکاري سگهو ٿا۔۔۔​
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن


    واليڪم السلام سائين

    بلڪل سائين توهان درست آهيو

    پر سائين ابو واصف صاحب جو ٿريڊ هيو ان ڪري ان کي ياد ڏيارڻ ضروري سمجهيم

    باقي آهي ته ڳالهه ساڳئي ڪو مسئلو ناهي

    هت ڪلڪ ڪري گهوسٽ سافٽ ويئر کي ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو

    مهرباني سائين


    سدائين گڏ
     
  9. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن

    مهرباني دوستو! تصويرن کي ٻيهر سيٽ ڪرڻ جي جسارت ڪئي اٿم۔
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن

    جيتوڻيڪ ڪمپيوٽر جي دنيا جا پاڻ اصل شهنشاه آهيون، ڇاڪاڻ ڪمپيوٽر کي سمجهڻ جي ڳالهه ايندي آهي ته مونکي آلجبرا ياد اچي ويندي آهي، انڪري هٿ ڪڍي ۔۔۔۔ سڪون وٺندو آهيان، جيئن ننڍڙي لا ڪنهن ڇتي ڪتي کان ڀڄي وڃي ڪٿي ساه پٽبو هو ۔۔۔

    خئير ڀوڳن کان علاوه تمام ڪم جي ڳالهه آهي ۽ تمام سٺو پر هاڻ مون وٽ ڪو ڪمپيوٽر جو ڄاڻو هجي ته اهو ڪم ڪرايان، ڇاڪاڻ پاڻ کان نه ٿيندو ۔۔۔ ڇاڪجي فقير ماڻهون آهيون

    تمام ڪارائتو ونڊ آهي، مون وٽ سڀ تصويرون ڪم ڪن پيون ۔۔۔

    جزاڪ الله
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن


    سائين توهان به فقير ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    =))=))=))=))=))=))
     
  12. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن

    فقيرن جي ٽولي وڌندي پئي وڃي... هڪڙو ٻيو انٽرنيشل فقير سامهون اچڻ وارو آهي... :d:d:d
     
  13. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن

    ها ها ها

    سائين وڌي واڙي لڳي ڀاڳ ۔۔۔۔۔۔۔

    جيڪڏهن توهان به رجسٽريشن ڪرائڻ چاهيو ته رجسٽرينشن هن وقت کليل آهي پو۽ وري ائين نه ٿئي جو ويٺا هٿ هڻو هههههههههههههههههه


    گولڊن چانس آ سائين توهان جي لا۽ جو هڪ تنظيم جو مرڪزي عهديدار اوهان کي تنظيم ۾ شموليت جو آڇ

    ٿو ڪري :)):)):))


    سدائين گڏ
     
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن

    ماشاالله تمام بهترين سمجهاڻي آهي
     
  15. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ‘گهوسٽ‘ پروگرام: جادوئي انسٽاليشن

    باقي هڪ عرض ته توهان گهوسٽ جو ورجن پراڻو شيئر ڪيو آهي اگر 5۔11 ورجن هجي ته شيئر ڪندا لک لائق سنگت جا ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو