من موهن صدر آصف ۽ وزيراعظم گيلاني کي پاڪ-ڀارت سيمي فائنل ڏسڻ لاءِ ڀارت اچڻ جي دعوت ڏئ

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    نئين دهلي(اي ايف پي) ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه موهالي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ ورلڊ ڪپ جو سيمي فائنل ڏسڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي ڀارت اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه چيو آهي ته آئون 30 مارچ اربع جي ڏينهن موهالي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ جو ارادو رکان ٿو، ميچ ڏسڻ لاءِ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي دعوت ڏني آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ميچ لاءِ وڏو جوش آهي، اسان عظيم راند ڏانهن ڏسي رهيا آهيون، ڪاميابي ڪرڪيٽ جي ٿيندي، هن چيو ته پاڪستان جي قيادت کي ميچ لاءِ دعوت ڏيڻ تي گهڻي خوشي ٿي آهي، پاڪستان جي قيادت مون سان ۽ لکين شوقينن سان گڏ ميچ ڏسي، هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان تهمينه جنجوعه جو چوڻ آهي ته ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه جا دعوت نامه ملي ويا آهن ۽ اهي ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس موڪليا ويا آهن، اڃا اهو فيصلو ناهي ٿيو ته سيمي فائنل ڏسڻ لاءِ صدر آصف ڀارت ويندو يا وزيراعظم گيلاني ڀارت ويندو، وزيراعظم جي تاشقند جي دوري تان واپسي بعد ان بابت فيصلو ڪيو ويندو، ٻئي طرف صدارتي ترجمان فرحت الله بابر چيو آهي ته پرڏيهي وزارت سان صلاح مشوري بعد اهو فيصلو ڪيو ويندو ته ميچ ڏسڻ لاءِ صدر ڀارت جي دوري تي وڃي يا وزيراعظم دورو ڪري. ٻئي طرف هڪ خانگي ٽي وي چينل دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني من موهن سنگهه پاران ڏنل دعوت قبول ڪري ورتي آهي ۽ وزيراعظم گيلاني اي اين پي جي صدر اسفند يار ولي سان گڏ موهالي ويندو، جڏهن ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صدر ۽ وزيراعظم کي ڀارت جي دعوت ملي آهي ۽ ڪا به اعليٰ حڪومتي شخصيت ڀارت ويندي، هوڏانهن ميمبرن جو چوڻ آهي ته انهيءَ دعوت سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ جو هڪ نئون دور شروع ٿي سگهي ٿو، واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ 2005ع ۾ اڳوڻو صدر پرويز مشرف ميچ ڏسڻ لاءِ ڀارت ويو هو ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي سيڪريٽرين وچ ۾ ايندڙ هفتي ڳالهيون به شروع ٿي رهيون آهن

    ڪاوش
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: من موهن صدر آصف ۽ وزيراعظم گيلاني کي پاڪ-ڀارت سيمي فائنل ڏسڻ لاءِ ڀارت اچڻ جي د

    سٺي ڪوشش آهي ادا جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    جواب: من موهن صدر آصف ۽ وزيراعظم گيلاني کي پاڪ-ڀارت سيمي فائنل ڏسڻ لاءِ ڀارت اچڻ جي د

    سائين توهان دعا انشاء الله آئيندا به ڪوشش جاري رکبي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو