• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گدڙ چڙهيو گهوڙي تي،، لومڙ لوڏي ٻانهن

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن

28vpod0.jpg
۔سنڌ، سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي سان هميشه اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ناانصافيون رهيون آهن، دانهن ڏجي ته ڪنهن کي ڏجي، بقول ڪنهن شاعر جي ته۔۔ گدڙ چڙهيو گهوڙي تي،، لومڙ لوڏي ٻانهن ، ڪنهن کي ڏيان دانهن جو عدالتي سڀ اٿي ويا، يا وري بقول شيخ اياز صاحب ته ۔۔۔۔‎ڪٿي ڌاڙيل ها ڌن جا، ڪٿي تن جا، ڪٿي من جا،،،،، ’اياز‘ اڄ دانهن ڏِيون ڪنهن کي ته ساري سنڌ گهيرو آ؟۔۔۔ سو ادا هميشه وانگر پوئين سال 2010ع ۾ جڏهن ته ملڪ جو صدر به اسان جو سنڌي آهي۔۔ تڏهن به هميشه وانگر پوئين سال 23 مارچ 2010ع تي صدر مملڪت آصف علي زرداري يوم پاڪستان جي موقعي تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اعليٰ ڪارڪردگي ۽ غيرمعمولي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ تي190 کان وڌيڪ شخصيتن کي سول اعزاز عطا ڪيا آهن. جنهن ۾ سنڌ سان ( سنڌي ٻولي سان ) تعلق رکندڙن ۾ صرف چند شخصيتن کي ايوارڊ سان نوازيو ويو جنهن ۾ ڪجهه نالا هي آهن، سوڀو گيانچنداڻي، محمد ابراهيم جويو، اڪبر خان (اڪبر خميسو خان)، عبدالحڪيم بلوچ، پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو،عاشق بوزدار، قمر شهباز ٻگهيو، اهڙي ريت هن سال 23 مارچ 2011ع ۾ به صدارتي ايوارڊ ڏنا ويا آهن جنهن ۾ به سنڌين جو تعداد تمام گهٽ آهي اٽي ۾ لوڻ برابر، جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي، هن سال محترم ڊاڪٽر عبدالڪريم ( ادل ) سومرو ۽ جناب الطاف شيخ صاحب کي به صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي، ۔۔۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو مان ڪوشش ۾ لڳو پيو آهيان ته هن سال 2011ع واري صدارتي ايوارڊ تقريب جون به وڊيوز ملي وڃن، ۽ جيئن ئي مون کي ملي ويون ته مان توهان سان ضرور ونڊ ڪندس، في الحال اڳئين سال جي صدارتي ايوارڊ تقريب جون ڪجهه وڊيوز هت پيش ڪجن ٿيون اميد ته اهي به توهان جي علم ۾ ڪجهه نه ڪجهه اضافو ضرور ڪنديون، مهرباني۔

http://www.youtube.com/watch?v=RSfnMY0uXwk
http://www.youtube.com/watch?v=X6b4TFcD-Yw
http://www.youtube.com/watch?v=DgC2u6IrioE
http://www.youtube.com/watch?v=BQk3-sQT6QA
http://www.youtube.com/watch?v=on9i8yI-nNg
http://www.youtube.com/watch?v=lMWjob7Sj2Y
http://www.youtube.com/watch?v=lA0vS_R_U2M
http://www.youtube.com/watch?v=a1qCC7pBjLw
http://www.youtube.com/watch?v=A64W0uYN8GM
http://www.youtube.com/watch?v=0tLJXvb0UNc
http://www.youtube.com/watch?v=fwuByYbYH70
 
جواب: گدڙ چڙهيو گهوڙي تي،، لومڙ لوڏي ٻانهن

بهترين ونڊ آهي
متان سنڌ جا ماڻهون ايترا قابل ڪون آهن جو انن کي ايوارڊ ملي بس ادا انڌير نگري چرٻٽ راجا جو راج آهي
 
جواب: گدڙ چڙهيو گهوڙي تي،، لومڙ لوڏي ٻانهن

ٿورا ڪڻا ٿاليءَ ۾ ڀلا....
جيڪڏهن صدر ايوارڊ ۾ سنڌين جو تعداد وڌائي ها ته هر پاسي کان ”سنڌ ڪارڊ“ جو لُــــڙُ ٻڌڻ ۾ اچي ها..
ڀلا ان کان اڳي سنڌين جي ڪنهن سار لڌي هئي ڇا؟؟
پهريان جتي ڪمپيوٽر ڪورس، هنر ، ڪال سينٽر ٽريننگ جهڙا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جو خرچو سنڌي نوجوان برداشت نه ڪري سگهندا هئا اتي هن حڪومت
bbsydp تحت مون سميت سنڌ جي هزارين نوجوانن کي هنر جي سکيا سان گڏ و گڏ ڪمپيوٽر سرٽيفڪيٽ بغير ڪنهن فيس جي..!! مٿان وري 4 مهينن تائين 8 هزار روپيا مهينو پگهار به...... ڇا پهريان ڪڏهن ايئن ٿيو آهي ؟؟؟؟

.
 
جواب: گدڙ چڙهيو گهوڙي تي،، لومڙ لوڏي ٻانهن

ادا ممتاز سٺا خيال آهن اوهان جا.
 
ادا اوهان جي جذبات کي به قدر جي نگاه سان ڏسون ٿا پر اوهان جو قصور نه آهي ڀل اوهان اتي ويٺا هجو پر تنقيد ڪرڻ به سکجي ته بهتري ضرور ايندي ان شاءَ الله.​
 
جواب: گدڙ چڙهيو گهوڙي تي،، لومڙ لوڏي ٻانهن

ادا اوهان جي جذبات کي به قدر جي نگاه سان ڏسون ٿا پر اوهان جو قصور نه آهي ڀل اوهان اتي ويٺا هجو پر تنقيد ڪرڻ به سکجي ته بهتري ضرور ايندي ان شاءَ الله.​

ادا طاهر جيڪڏهن تنقيد سان بهتري اچي ها ته اڄ ڪامران خان ۽ شاهد مسعود ۽ ٻيا ڪيترا ئي حڪمرانن جي ڪرسيءَ تي ويٺل نظر اچن ها......!!!!

ٻئي ڳالهه جتي چئني پاسن کان انڌيرو هجي اتي اولڙو به وڏي اهميت رکي ٿو..
ڇا چئني پاسن کان تنقيد ڪونه ٿئي ٿي.......!!!
ادا طاهر کير سان ڪو به ڌوتل نه آهي.. اسان ته بس سنڌيت جي پرچار ڪندي هيٺائين ڪيون ٿا.
باقي جهڙي مخالفت سنڌي هجڻ جي بنياد تي ٿي رهي آهي...
ان ڳالهه کي سمجهڻ ۽ ڪجهه ڳجهون ڳالهيون سامهون اچڻ کان پوءِ ((سڌي ميرو ميرو ته به ست سيرو)) واري
ڳالهه کي بنياد رکندي اسان حمايت (هيٺائين) ڪيون ٿا......

.
 
جواب: گدڙ چڙهيو گهوڙي تي،، لومڙ لوڏي ٻانهن

سان سنڌي آهيون پوءِ ڀلي اسان جو واسطو ڪنهن به پارٽي يا مذهب سان ڇو نه هجي.
اسان جا اختلاف هڪ ٻئي سان ٿي ٿا سگهن..پر مين سوال ته اختلافن جو سبب ڇا آهي.؟؟​
 
جواب: گدڙ چڙهيو گهوڙي تي،، لومڙ لوڏي ٻانهن

ادا ممتاز مهرباني

اوهان جي ڳالھ ۾ وزن آهي۔ هميشه سنڌ سان ويساھ گهاتيون ٿيون آهن پر ان جو هوڀرو اهو مقصد به ناهي ته حڪومت جي خلاف توپون سڌيون ڪجن۔ اوهان سوچيو ته جيڪڏهن پي پي جي حڪومت ختم ٿئي ٿي ته ڇا ايندڙ حڪومت اهي سڀ مسئلا ختم ڪندي ؟؟ ۽ اها حڪومت ڪنهن جي هوندي؟؟ اسان کي اهو ضرور سوچڻ کپي۔

سائين ادل سومري ۽ محترم الطاف شيخ کي اوارڊ ملڻ تي مبارڪون هجن۔
 
Back
Top